ڏات سان الودائي ڏينهنِ تائين توڙ نڀائيندڙ شيخ اياز زيب سنڌيجڏهن سنڌ چوڻ کي ڏوهه ٿي سمجهيو ويو، تڏهن هن ”سنڌڙيءَ تي سِرُ ڪير نه ڏيندو، سهندو ڪير ميار او يار!“ جهڙا رت کي گرمائيندڙ شعر چئي ثابت ڪيو هو ته، هو سنڌ جو آواز آهي، پر وقت جي آمر حڪمرانن کيس ڏوهي قرار ڏنو هو. تڏهن هُنَ، انهيءَ آمريت واري دور ۾ ئي چيو هو: تون مون کي ڦاهي چاڙهيندين مان توکان مور نه مرڻو هان گونجار ڪندي جا مون کان پوءِ تنهن جندڙيءَ جو مان جهرڻو هان مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان! آمريت کي للڪاريندڙ ڪردار سدائين ڏوهي قرار ڏنا ويا آهن، سندن قسمت ۾ جيل، ڦاهيون ۽ گوليون رهيون آهن، پر تاريخ جي ورقن ۾ سدائين سندن ڳاٽ اوچو رهيوآهي. اها به تاريخ جي عجيب ستم ظريفي آهي ته 27 ڊسمبر جو سج، سنڌ جي آسمان کي رت جهڙو شفق جو رنگ ڏئي، سنڌ واسين جي دلين ۾ شهيد بينظير جي درد کي جاڳائي الهي ٿو ته 28 ڊسمبر جو سج شيخ اياز جي وڇوڙي جو غم ياد ڏياريندو اڀري ٿو! 2 مارچ 1923ع تي شڪارپور ۾ غلام حسين شيخ جي گهر ۾ جنم وٺندڙ مبارڪ علي جڏهن شيخ اياز ٿي، سنڌ جو آواز بڻجي اڀريو ته وقت جي آمر حڪمرانن لاءِ هو اک جو ڪنڊو بڻجي پيو، ايوبي آمريت ۾ پهرين ته کيس ڌمڪايو ۽ لالچايو ويو. شيخ اياز جو چوڻ آهي ته، ”هڪ ڀيري خيرپور جي ڪمشنر مون کي چيو ته ايوب خان پڇي ٿو توکي ڇا گهرجي؟ مون هن کي جواب ڏنو ته مون کي جيڪو گهرجي اهو ايوب خان نه ڏئي سگهندو. مون کي جمهوريت گهرجي، مون کي آزادي گهرجي، مون کي ون يونٽ جو خاتمو گهرجي، مان چاهيان ٿو ته سنڌ وري پاڪستان جي نقشي تي آندي وڃي، اها پنهنجي زبان، پنهنجي ڪلچر سان قبول ڪئي وڃي، ان کي پاڪستان جي اقتصاديات ۾ جائز حصو ڏنو وڃي، ڇا ايوب خان مون کي اهو ڏئي سگهندو؟“ منهنجو اگهه پڇين ٿو آمر! منهنجا گيت ڳنهي تون سگهندي؟ (اياز) اياز جي ”هَٺَ“ ۽ ”انڪار“ کانپوءِ سندس ڪتابن تي بندش وڌي وئي، تڏهن سنڌ جي هن عظيم تخليقڪار کي سياست جو حصو به بڻجڻو پيو، جنهن لاءِ سندس چوڻ آهي ته، ”مون سياست ۾ پاڻ حصو نه ورتو هو، پر مون کي سياست ۾ ڇڪيو ويو هو. منهنجا ڪتاب بندش هيٺ آندا ويا ۽ انهيءَ جي خلاف موثر احتجاج جو طريقو فقط اهو هو ته مان ايوب خان جي آمريت خلاف سياسي قوتن جو ساٿ ڏيان“. نتيجي طور شيخ اياز کي ايوبي آمريت واري دور ۾ 1965ع ۽ 1968ع ۾ جيل ڪاٽڻو پيو. آمر يحيٰ جي دور ۾ کيس 1970ع ۾ جيل وڃڻو پيو ۽ اياز تيسين باندي رهيو، جيسين 1971ع ۾ پاڪستان جوهڪ حصو ڌار ٿي بنگلاديش بڻجي ويو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان اندر اقتدار ۾ آيو ته اياز کي آزادي نصيب ٿي. آزاديءَ کي شيخ اياز سدائين اظهار جي آزاديءَ سان ئي ڳنڍيل سمجهيو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو هو، ”حڪومت جيڪڏهن پريس ۽ اظهار جي آزاديءَ تي ڪائي روڪ ٽوڪ رکي، جيڪڏهن ڪوئي اهڙو قانون پاس ڪيو وڃي، جنهن سان انسان جي بنيادي حقن جي لتاڙ ٿيندي هجي ته هڪدم احتجاج بلند ڪيو وڃي، جيڪڏهن قيد ۽ بند برداشت ڪرڻو پوي ته ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن ان جي خلاف سر جي سٽ ڏيڻي پوي ته ڏني وڃي“. ۽ هڪ ٻئي انٽرويو ۾، فقير محمد لاشاريءَ سان ڳالهائيندي، سر جو دان ڏيندڙ شهيد ذوالفقار ڀٽي ۽ بينظير جو ذڪر ڪجهه هنن لفظن ۾ ڪيو هئائين، ”شهيد ڀٽو برصغير جي عظيم ترين شهيدن مان هو...هاڻي به بينظير جي روپ ۾ هو اسان سان آهي... مان ڀايان ٿو ته هوءَ (بينظير) پيءُ وانگر اڏول رهندي“. ويهين صديءَ ۾ جنم وٺندڙ سنڌ جون عظيم شخصيتون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو ۽ شيخ اياز بيشڪ جسماني طور تي اڄ اسان وٽ موجود ناهن، پر سندن فڪر اسان وٽ موجود آهي، ڇو ته ڪنهن به ڦاسيءَ، گولي ۽ موت سان، فڪر جو موت نٿو ٿئي. تڏهن ئي ته شيخ اياز چيو هو ته، ”مان مرڻو نه آهيان، ڇو ته انسان جي آزاديءَ جو عزم مرڻو نه آهي، ڇو ته ظلم جي خلاف نفرت ۽ انسان جي عظيم جدوجهد مرڻي نه آهي، ڇو ته سنڌ مرڻي نه آهي“. موت جي پراسراريت اياز جي ذهن ۾ به پنهنجي معصوميت وارن ڏينهن ۾ موجود هئي. هن لکيو آهي ته، ”جڏهن مان ٽن سالن جو هوس ته هڪ ڀيري پنهنجي بابا سان گڏ شڪارپور جي هڪ باغ ۾ گهمڻ ويس. اتي باغائيءَ کانڀاڻيءَ سان چين چين ڪندڙ پکين کي مٽيءَ جي ڳوڙهي سان ماري ڀڄائي رهيو هو. هڪ پکي ڪري پيو. مون ان کي هٿ ۾ کنيو ته ابي چيو، 'هي مري ويو آهي' مون پڇيو، 'مري ڪاڏي ويو آهي؟' منهنجو پيءُ ان سوال جو جواب نه ڏئي سگهيو هو.“ پر پوءِ اياز پنهنجي سوال جو جواب پاڻ ئي ڳولي ورتو هو: ڪو موت سدائين لاءِ نه آ، ها، هيءَ حياتي مرڻي آ، ان جيءَ جياپي جي ليڪن، اڳتي ڀي ڪرڻي ڀرڻي آ. جيءَ جياپي کانپوءِ اڳتي جي ڪرڻي ڀرڻيءَ تي يقين رکڻ جي باوجود به اياز تي ملحد هئڻ وارا الزام هنيا ويا. الزام ته هن تي ٻيا به ڪيئي هنيا ويا، پر الزام تراشين جي جوابن ۾ وقت وڃائڻ بجاءِ هو لڳاتار پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، مسلسل لکندو ئي رهيو. ”تتر تيز اڏار، جوڀن ٻه ٽي ڏينهڙا....“ جي فلسفي تي هن پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهنِ تائين عمل ڪيو. جڏهن ڊاڪٽرن کيس لکڻ کان منع ڪري مڪمل آرام جو مشورو ڏنو هو، تڏهن سندس پٽ انيس رات جي وقت سندس مٿان چادر وجهي لائيٽ بند ڪري ڇڏيندو هو، پر اياز جاڳندو رهندو هو ۽ پٽ جي سمهي پوڻ کانپوءِ، وهاڻي هيٺان لڪايل ڪاپي ڪڍي، اونداهيءَ ۾ به روشن آئيندي جا گيت لکندو رهندو هو. (اهڙي هڪ ڪاپي پٽ کان نظر بچائي هڪ ڏينهن هن مون کي به ڏيکاري هئي، جنهن جي هر صفحي تي هڪ سٽ لکيل هئي.) هڪ دفعي منهنجي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو هو، ”سائيڪل جو ڦيٿو به پنهنجي هلائيندڙ کانسواءِ نٿو هلي سگهي، ته هيءَ ڪائنات پنهنجي مالڪ کانسواءِ ڪيئن ٿي هلي سگهي!“ ۽ هن پنهنجي هڪ ڪتاب ۾ لکيو، ”مان ڪنهن ملان وانگر دعا نه گهرندو آهيان. منهنجا هٿ پوپٽ جي گلن وانگر کلي ويندا آهن ۽ دعا خوشبو وانگر اڏامندي آهي“. شيخ اياز جي دعا ۾ به سندس ديس موجود رهيو، ”يا رب! هن ديس جو ڪوئي اوهي واهي نه آهي، ڪوئي ڌڻي سائين نه آهي، تون ان جو واهرو ٿي، ان کي واٽ سُجهاءِ ۽ ان جي راهه مان سڀ روڙا هٽائي ڇڏ... اسان کي اسان جي واٽ سُجهاءِ، اسان لاءِ ايتريون مشعلون ٿيءُ جو تارن ڀريو آڪاش ڌرتيءَ سان ريس ڪري!“. 28 ڊسمبر 1997ع تي اسان کان جسماني طور وڇڙي ويل شيخ اياز، سنڌ کي عظيم شاعريءَ جو ايترو تعداد ڏئي ويو آهي، جيڪو سنڌ جي تاريخ ۾ ڪنهن ٻئي شاعر جي حصي ۾ ناهي آيو، ڇو ته مالڪ طرفان مليل ڏات سان هن پنهنجي الوداعي ڏينهنِ تائين توڙ نڀاهيو. ٿو موڪلايان الوداع! ۽ ساز کي مضراب جي سيني لڳايان الوداع! مان آخري شعلي جيان ٿو گيت ڳايان الوداع! روزاني ڪاوش اڱارو 28 ڊسمبر zaibsindhi@hotmail.com