زميندار ۽ هاريءَ وچ ۾ لکت ۾ ڪانٽريڪٽ لازمي قرار ڏنو وڃي.

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    زميندار ۽ هاريءَ وچ ۾ لکت ۾ ڪانٽريڪٽ لازمي قرار ڏنو وڃي

    [​IMG]
    زاهدا ٿيٻو
    انسان ۽ زمين جو پاڻ ۾ ازل کان هڪ مضبوط رشتو آهي، انسان جي سڄي زندگي ڌرتي سان ئي جڙيل آهي، انسان جي کاڌ خوراڪ کان ويندي زندگي جي هر شيءِ جو ڳانڍاپو ڌرتيءَ سان ئي جڙيل آهي. ان اڻ کٽ رشتي سان گڏوگڏ اوترو ئي مضبوط رشتو هاري ۽ زميندار جو به آهي، ڇو ته اهي به هر حال ۾هڪ ٻئي سان جڙيل رهن ٿا، پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته، گذريل ڪجهه عرصي کان هن رشتي ۾ ڇو خرابي پيدا ٿي آهي؟ سنڌ جا اصل رهاڪو، ڪولهي، ڀيل، مينگهواڙ وغيره سالن کان هتان جي زميندارن زمينون آباد ڪندا اچن پيا، اڳي زميندار، هارين کي پنهنجن ٻچن جيئان سمجھندا هئا ۽ ڪوشش ڪندا هئا ته هاري کي ڪا تڪليف نه اچي، زميندارن پاران انهن کي رهڻ،کائڻ، پيئڻ ۽ صحت جون سڀ سهولتون مهيا ڪيون ويندوين هيون.

    جڏهن هارين جي گهرن ۾ شاديون ٿينديون هيون ته زميندار ان ۾ به انهن جي مدد ڪندا هئا، سنڌ جا ڪافي زميندار اڳ ۾ جڏهن زمين جي ورهاست ڪندا هئا ته سٺي خدمت جي عيوض زمينون به هارين کي ڏيندا هئا، پر هاڻي زميندار ۽ هاري هڪٻئي تي الزام مڙهن ٿا، ڄڻ هي رشتو هاڻي اڳتي هلي نه سگھندو. ڪجهه حقيقتن کي سمجهڻ انتهائي ضروري آهي، هن ٻنهي ڌرين کان علاوه به ته آخر اهڙا ڪهڙا مامرا الجهي ويا آهن، اسان جي هن علائقن خاص ڪري سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، ٿر، بدين وارن علائقن ۾ ڪولهي، ڀيل ۽ مينگھواڙ وڏي تعداد ۾ آباد آهن، جيڪي اتي هارپو ڪن ٿا، جڏهن ته سنڌ جي اترين علائقن ٻنيءَ ٻاري جو ڪم گهڻو ڪري دهاڙي تي ڪن ٿا، پر اتي اقليت گهٽ آهي، جڏهن ته هتي هاري قرض وٺي زميندارن وٽ هارپو ڪن ٿا، جتي اهي هاري صدين تائين زميندارن جو قرض نه لاهي سگھندا آهن.

    زميندار ۽ هاريءَ جي وچ ۾اگر ڪو مسئلو آهي ته اهو آهي، فصل جو حساب ڪتاب ۽ اهو معاهدو جيڪو ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هجي ٿو، اهو سڄو ڪاروبار اعتماد تي هلي ٿو ۽ لکت ۾ اهڙي ڪا به شيءِ نه هوندي آهي، اڪثر جيڪو قرض وغيره هاري وٺن ٿا، ان جو حساب ڪتاب به ڪمدار لکندو آهي، پوءِ ان جي مرضي ته هو ڇا به لکي، ڇو ته اڪثر هاري پڙهيل لکيل نه آهن ۽ اهي هاري قرض وٺڻ مهل آڱوٺو هڻي پئسا وصول ڪندا آهن ۽ آخر ۾ جڏهن ڇهين مهيني يا سال جي پڇاڙي ۾ حساب ڪتاب ٿئي ٿو ته بچت ۾ هاري کي 12 هزار يا ڪجهه فصل ملي ٿو، جنهن کاپوءِ هاري ٻيهر ان اڻ تڻ ۾هوندا آهن ته ٻئي ڪنهن زميندار وٽ وڃون، ٿي سگهي ٿو ته اسان کي اتي وڌيڪ فائدا ملن، پر ڳالهه تقريبن هر هنڌ ساڳي هوندي آهي، ان جو سبب صحيح رڪارڊ رکڻ نه آهي، جڏهن اهي هاري هڪ زميندار کان ٻئي زميندار وٽ ويندا آهن ته، پهريون زميندار ٻئي کان پهرين قرض وٺي پوءِ هاري انهيءَ زميندار کي ڏيندو آهي، اهو به هڪ وڏو مسئلو آهي ته هاري ۽ زميندار جو باقائده هڪ معاهدو هجڻ لازمي آهي، جيئن ته اسان جي هن لوئر بيلٽ جي ضلعن ۾ ڪجهه عرصي کان اهو اشو شدت اختيار ڪري ويو آهي، ان ۾ ڪجهه اهڙيون قوتون به شامل آهن، جيڪي هاري ۽ زميندار جي وچ ۾ معاهدي واري مسئلي تي پنهنجي دڪانداري چمڪائڻ چاهين ٿيون ۽ زميندار ۽ هاري جي رشتي کي خراب ڪرڻ چاهين ٿيون. ان سڄي قصي ۾ فائدو وري به انهن ڌرين جو ٿئي ٿو، جيڪي انهن ماڻهن کي روڊن تي آڻي پاڻ غائب ٿي وڃن ٿا، اهو سڀ ڪجهه فقط سستي شهرت ۽ پئسو حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيو ٿو وڃي، پر جيڪڏهن اسان غور سان هن مسئلي جو جائزو وٺنداسين ته اهو اشو سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪرڻ جي هڪ وڏي سازش آهي، ڇو ته جيڪڏهن هاري ۽ زميندار جو هڪٻئي تان اعتماد ٽٽي ويو ته ڪو هاري زميندار وٽ ڪم نه ڪندو ۽ ڪو زميندار هاري رکڻ لاءِ تيار نه ٿيندو ۽ آخر ۾ نتيجو اهو نڪرندو ته سڪندر آباد جهڙيون وڌيڪ ڪيمپون وجود ۾ اينديون، جتي هاري بدترين زندگي گذاريندا ۽ انهن کان پڇڻ وارو ڪير به نه هوندو. هاري ۽ زميندار جي هن قصي ۾ جيڪي سڀني کان وڌيڪ ڀوڳين ٿيون، اهي هارياڻيون آهن، جيڪي نه صرف ٻنين ۾ ڪم ڪن ٿيون، پر گهر جو ڪم ڪار به ڪن ٿيون، هارين جا ٻار به اهو پورهيو ڪندي نظر ايندا، جن لاءِ اسڪول وڃڻ هڪ خواب ئي آهي. اسان جي هن بيلٽ ۾ اقليت کي جهڙي نموني مختلف طريقن سان استعمال ڪيو پيو وڃي، ان سان صحيح ۽ غلط جو اندازو ڪرڻ ڏاڍو مشڪل آهي، خبر نٿي پوي ته آخر ڪنهن ڪيس ۾ هاري صحيح آهن يا زميندار.

    اها ئي صورتحال گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان ميرپورخاص ۾ بک هڙتال تي ويٺل انهن هارين سان هئي، جڏهن انهن هارين کي سانگهڙ جي نئون آباد ۽ ٻين علائقن مان بازياب ڪرايو ويو، جيڪي هڪ زميندار جي نجي جيل ۾قيد هئا. هڪ هارياڻي جي نياڻيءَ موجب ته اصل معاملو تڏهن وڌيو جڏهن زميندار جي ماڻهن ٻن هارياڻين سان لڄالٽ پئي ڪئي ۽ ڪجهه هارين گڏجي احتجاج ڪيو ته انهن کي ماريو ڪٽيو ويو، اهو اشو ٿي ويو، جنهن تي هڪ هاري ڪجهه ڌرين سان گڏجي پوليس کي اطلاع ڏنو ته فلاڻن هارين کي واڙيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ پوليس ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا پهرين آزاد ٿيا ۽ 36 ڄڻا پوءِ آزاد ڪرايا ويا، ٽوٽل 66 هاري آزاد ٿيا، 144 هارين مان 78 هاري غائب هئا، جيڪي هڪ هاريءَ جي چواڻ موجب ته اهي هاري مختلف زميندارن ڏي منتقل ڪيا ويا آهن، ان سڄي وٺ پڪڙ سڀني کان وڌيڪ نقصان هارياڻين جو ٿيو آهي، جن کي مختلف جاين تي گهلي لڪايو ويو ۽ مردن کي به فصلن ۾ ۽ مختلف هنڌن تي لڪايو ويو، جتان پوليس هنن کي بازياب ڪرايو، آزاد ٿيڻ کانپوءِ هارين کي پنهنجي زندگين جو فڪر لڳو، ڪجهه ماڻهن هنن کي آسرا دلاسا ڏئي سانگهڙ کان ميرپورخاص وٺي آيا، جتي انهن ٽن عورتن بک هڙتال شروع ڪئي، انهن عورتن پڪو پهه ڪري ڇڏيو ته جيستائين اسان جا 78 هاري بازياب نٿا ٿين، اسان بک هڙتال ختم نه ڪنداسين،

    ايترا ڏينهن گذرڻ تائين ڪنهن به انهن ٽن عورتن جي خبر گيري نه ڪئي، حد ته اها آهي جو سول سوسائٽي به ان ۾ ڪو خاص ڪردار ادا نه ڪيو آهي، ان جو سبب اهو آهي ته اين جي اوز ته اشوکي اڀارين ٿيون، خاص ڪري هارين ۽ مزدورن جي اشو کي جيڪو تمام حساس مسئلو آهي، جڏهن انهن ٽن عورتن جي حالت تمام گھڻي خراب ٿي وئي ته اين جي اوز وارن وڃي انهن کي منٿون ميڙون ڪري بک هڙتال ان شرط تي ختم ڪرائي ته اسان توهان جو ساٿ ڏينداسين، ان واعدي تي هنن بک هڙتال ختم ڪئي، پر مائي تيجان جي حالت انتهائي خراب ٿي وئي، جنهن کي اسپتال داخل ڪيو ويو، جڏهن مان سول اسپتال تيجان کي ڏسڻ ويس جتي مون هن کان پڇيو هن کي پوليس ڪيئن بازياب ڪرايو ته سندس چوڻ هو ته هن کي سڪي کوهه ۾ وجهي ۽ مٽي وڌن هن سان گڏ 4، 5 سال جو ٻار هو، ٿوري دير تائين ٻار رڙيون شروع ڪيون، جيڪي پوليس وارن ٻڌي ورتيون، جنهن کانپوءِ هنن کي کوهه مان ڪڍيو ويو، 11 تاريخ تي هارين جو سماجي تنظيمن سان گڏيل احتجاج حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان ٿيو، پريس ڪلب کانپوءِ هاري شهباز بلڊنگ پهتا، جتي هجوم ڏسي آر پي او جا نمائندن ڳالهين ڪرڻ جو چيو، جتي ڊي پي او سانگهڙ سميت جاچ آفيسر اچي ويٺا، اسان هنن کي چيو ته اشو صرف 78 ماڻهن جي بازيابي آهي، اسان ڊي پي او کي صرف هڪ پوائنٽ ايجنڊا رکي ته رڳو 78 ماڻهو بازياب ڪرايو ۽ انهن کي ميڊيا جي سامهون وٺي اچو،

    .هن ڪيس ۾ جيڪڏهن اسان جائزو وٺون ته ڪجهه شيون تمام گهڻيون اهم آهن.

    .هن معاملي جي غلط ڪٿ ڪئي وئي.

    .پوليس پنهنجو رول صحيح نموني سان ادا نه ڪيو، آفيسر اوسيتائين ماڻهن جي ۽ ڌرين جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار نه آهن، جيستائين انهن تي دٻاءُ نه وڌو وڃي جلسا، جلوس، نه ڪڍيا وڃن.

    .جيڪڏهن ڪي اهڙا عنصر جيڪي اهڙا مسئلا هٿرادو طور تي ماڻهن کي ورغلائي ڪري پيدا ڪن ٿا، انهن کي روڪيو ڇو نٿو وڃي.

    .جيڪي زيادتيءَ جو نشانو بڻيل آهن، انهن کي ٻڌو ڇو نٿو وڃي ۽ انهن جي رليف ۽ سيڪيورٽي لاءِ اپاءَ ڇو نٿا ورتا وڃن.

    .جيڪي گورنمينٽ سطح تي سيل ٺاهيا وڃن ٿا، انهن کي اثرائتو ۽ اشو تي فيصلي ڪرڻ جو حق ڇو نٿو ڏنو وڃي،

    تجويزون

    .زميندار ۽ هارين جي رشتي کي بهتر ڪرڻ لاءِ پهريون اسٽيپ زميندار کي کڻڻ گهرجي، جيئن گهر ۾ وڏي جي وڌيڪ ذميداري هوندي آهي، تيئن هن مسئلي جي حل لاءِ پهرين قدم زميندار کڻن ۽ انهن غلط روين ۽ غلط فهمين کي ختم ڪن.

    .زميندار ۽ هاري وچ ۾ لکت ۾ ڪانٽريڪٽ هجڻ لازمي قرار ڏنو وڃي. خاص ڪري انهن ضلعن ۾ جتي هي مسئلو آهي، ضلعي سطح تي ڪو انتظام ڪيو وڃي يا ليگل ايڊ سيل ٺاهيو وڃي، جيڪي انهن شين کي ڏسي ان سان گڏ حساب ڪتاب سڄي سال جو رکيو وڃي، جنهن جي ڄاڻ هاري کي هجي،

    .هارين کي ورغلائڻ وارن فورسز خلاف قانوني قدم کنيا وڃن، جيئن سنڌ جي زراعت کي تباهي کان بچائي سگھجي.

    .هارين جي ڀلائي لاءِ اسپيشل پروگرام جوڙيا وڃن، جن ۾ انهن جي صحت ۽ تعليم لاءِ بندوبست ڪيو وڃي.

    .گورنمينٽ جي اها ذميداري آهي ته انهن قوتن کي ڳولهي جيڪي هن زميندار ۽ هاري جي رشتي کي خراب ڪن ٿا ۽ انهن لاءِ قانوني قدم کنيا وڃن.

    .سڪندر آباد جي ڪيمپن کي ميڊيا تي آندو وڃي ته اتي ڇا وهي واپري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي بي يارومددگار نه ڇڏيو وڃي.

    سنڌ جي هي پٽي، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ، بدين، ٿر، پٺتي پيل علائقا آهن، جتي پاڻي جي کوٽ آهي،گورنمينٽ جي ذميداري آهي ته اها سنڌ جي انهن ٻرندڙ مسئلن تي خاص ڌيان ڏئي ۽ انهن جي حل لاءِ مختلف ترت اپاءَ ورتا وڃن. ماڻهن جو گم ٿيڻ ڪو عام مسئلو نه آهي، 78 ماڻهن جي گمشدگي کي سنجيده مسئلو سمجهي ان کي حل ڪيو وڃي ۽ انسان کي انسان سمجهيو وڃي،


    رازاني ڪاوش ڇنڇر 15 نومبر 2008ع dethoz@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو