ســـــنـڌ ڇـــــو؟؟

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    چوندا آهن جڏهن ”ٻورا پئي سبيا، تڏهن اُٺ ٿي رُنا“ ڇاڪاڻ ته اٺن کي خبر هئي ته اُهي ٻورا سندن مٿان ئي لڏيا ويندا. اهڙي طرح پاڪستان ۾ ڪٿي به، ڪوبه، ايڪشن، ري ايڪشن يا آپريشن ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ هڪ خوف جي لهر ڇائنجي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته ماضيءَ جا تجربا ٻڌائن ٿا ته ڦري گهري ان جا اثرات سنڌ تي ئي پوڻا آهن.

    افغان پناهگير، زلزلو، فاٽا، سوات آپريشن کانپوءِ هاڻي اتر وزيرستان ۾ شروع ڪيل آپريشن ضرب عضب، خدشو اهو ئي رهي ٿو ته پنجاب لڏپلاڻ ڪرڻ وارن جي لوڌ کي پنجاب ۾ ته گهڙڻ ڪونه ڏيندو، پر ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان ان لوڌ کي سنڌ ڏانهن هڪليندو، جيئن پاڪستان ٺهڻ وقت پنجابي ليڊرشپ، هندستان مان لڏپلاڻ ڪري آيل مهاجرن کي اهو چئي سنڌ ڏانهن ڌڪي ڇڏيو ويو هو ته ”پاڪستان آگي هي“ ۽ پوءِ دنيا ڏٺو ته ان پناهگير فيڪٽر، سنڌ ڌرتيءَ تي رهندڙ صوفي مزاج، امن ۽ ڀائيچاري جي علمبردار سٻاجهڙن سنڌين سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو!!؟.

    الشمس ۽ البدر عسڪري ونگ سان گڏ عام مهاجر به 1972 ۾ هڪ انتهائي بيمار ذهنيت جي متعصب شخص رئيس امروهيءَ جي قطع ”اردو ڪاهي جنازه، بڙي ڌوم سي نڪلي“جي آڙ ۾، سنڌ جي مادري ٻوليءَ کي رائج ڪرڻ خلاف، پنهنجي اڪثريتي علائقن، ڪراچي، حيدرآباد ۾ ڪيترن ئي بيگناهه ماڻهن جو قتل عام ڪيو، جنهن کانپوءِ آمر ضيا جي دور ۾ سنڌين جي تاريخي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ سنڌين جي بهادري ۽ فوج سان مهاڏو اٽڪائڻ واري للڪار کان خوفزده ٿي، سنڌين کي ڪچلڻ لاءِ، ايم ڪيو ايم کي وجود ۾ آڻي، ان مٿان مهاجر اڪثريتي. علائقن ڪراچي، حيدرآباد ۾ جيڪو سنڌين جو قتلام ڪيو ۽ نياڻين جي عزتن تي حملا ڪري، سندن سينن تي داغ ڏيڻ جهڙين وحشيانه حرڪتن کان به باز نه آيا ۽ وقت به وقت سنڌ ماءُ کي ورهائڻ جي ڳالهه ڪري سنڌين جي ڦٽن تي لوڻ ٻُرڪيندا رهن ٿا.

    اها هڪ طئي ٿيل حقيقت آهي ته دنيا ۾ مهاجر فيڪٽر جتي به رهيو آهي، اهو پنهنجي سر جياپي لاءِ ۽ وڌ کان وڌ مراعات جائز، ناجائز طريقن سان حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿو.

    چوندا آهن ته جيڪڏهن باغ مالهي ئي نااهل، بزدل هجي ته گدڙن کي باغ اجاڙڻ کان ڪيئن روڪي سگهندو.

    ڳالهه ڪنهن کي نه به وڻي، پر اُها حقيقت آهي ته سنڌين کي اقليت ۾ آڻڻ جي شروعات، تحريڪ پاڪستان کان ئي شروع ٿي وئي هئي، جنهن ۾ مهاجرن جي لوڌ کي سنڌ ۾ آڻي آباد ڪرڻ ۾ اسان جي باغ جا مالهي به ذميوار، اڃا به ائين چئجي ته گنگهار آهن جيڪي بنا ڪنهن هوم ورڪ جي، انقلابن جي تاريخ کان بي خبر ليڊر، مذهب جي نالي تي يا پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ اقتدار حاصل ڪرڻ خاطر، مسلمين ڀائرن کي سيني سان لڳائڻ سان گڏ سنڌي هندن کي، سنڌ مان زوري لڏائڻ ۽ کين ڌرتي ماءُ کان جدا ڪرڻ ۾ به ڪسر ڪانه ڇڏي ۽ اهو سنڌي هندن کي لڏائڻ جو عمل اڄ تائين جاري آهي. ڇاڪاڻ ته اُهي وڏيرا ۽ بااثر ماڻهو هڪ ته هندن جا قرضي هئا. ٻيو ته سندن ڇڏيل ملڪيتن تي قبضاڪرڻ سان گڏ پاڪستان ٺهڻ جي صورت ۾ اقتدار ۾ شراڪت لاءِ اڳواٽ ۽ پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هندن جي ڇڏيل ملڪيتن کي پناهگيرن جي ٻيهر آباد ڪاري (RFHABILITATION) جي نالي ۾ انهن ملڪيتن تي قبضي يا خريد و فروخت تي روڪ لڳائي وئي.

    جواهر لال نهرو جي حوالي سان چيو وڃي ٿو ته هن کي پاڪستان ٺهڻ جي خوشي ان ڪري آهي جو سنڌ مان مالوند ۽ ڪاروباري هندو هندستان اچي، هتان جي معيشت ۽ ڪاروبار کي ترقي وٺرائيندا ۽ هندستان مان پاڪستان ويندڙ، پاڪستان جي نڙي ۾ ڪنڊي جيان اٽڪيل هوندا.

    ڏٺو وڃي ته هن وقت سنڌ ۾ 35 کان 40 لک، اڃا به وڌيڪ ڌاريا موجود آهن ۽ آهستي آهستي پير ڄمائي، سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ سان گڏ، سنڌ ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جي دعويٰ به ڪري رهيا آهن، نه رڳو اهو پر هنن کي نام نهاد اين جي اوز (NGOS)ڪجهه تنظيمن ۽ ڪجهه بااثر حلقن جو آشيرواد به ملي رهيو آهي ته مراعات به.

    اهڙي طرح وزيرستان جي آپريشن ضرب عضب ۾ متاثر ۽ انهن ۾ شامل به سنڌ اچي رهيا آهن، جن جي حوالي سان سنڌ حڪومت پهريان ئي ته ڏاڍيون ڦڙڪيون هنيون ته پناهگيرن کي سنڌ ۾ اچڻ ڪونه ڏينداسين، پر پوءِهن جي ڦڙڪين جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي ۽ هاڻي هنن جي دلين ۾ انسانيت جو درد اٿيو آهي. تحريڪ پاڪستان جي سنڌي ليڊرن وانگر، هي حڪومت به پناهگيرن لاءِ هر ضلعي، هر شهر ۾ ڪئمپون قائم ڪري هنن کي هرسهولت ڏيڻ جا اعلان ڪري رهي آهي. شرم آپ ڪو مگر نهين آتي. سنڌ جي ٻوڏ سٽيل، مجبورانسانن کي ته هنن ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۽ شهرن ۾ اچڻ کان ا يئن روڪيو ڄڻ اُهي هن ڌرتي جا واسي نه پر ڪنهن دشمن ملڪ جا ماڻهو هجن.

    آئين موجب پاڪستان جي هر ماڻهو کي حق آهي ته ڪو ڪنهن به صوبي يا شهر ۾ وڃي سگهي ٿو پر ڪير اهو ٻڌائيندو ته Why sindh ڪير اهو ٻڌائيدو ته سنڌ جاڪيترا ٻوڏ متاثر خاندان يا ماڻهو پنجاب يا خيبر پختون خواهه (KPK) جي ڪنهن شهر ۾ وڃي سگهيا يا انهن صوبن يعني پنجاب ۽ ڪي پي ڪي، هنن کي اچڻ جي آفر ڪئي؟؟؟ جيڪڏهن، نه، ته پوءِ وفاق، پنجاب ۽ KPK وارا وزيرستان جي (IDPS) کي ڪراچي ۽ سنڌ جي وڏن شهرن ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ڇور زور ڀري رهيا آهن. هنن کي پشاور، اسلام آباد يا لاهور ۾ ڇونه ٿو آباد ڪيو وڃي؟؟؟.

    سنڌي قوم، سنڌ حڪومت کي ٻڌائڻ ٿي گهري ته هاڻي مسلمانيت ۽ انسانيت جي آڙ ۾ سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي سمجھي ۽ اهڙي عمل جي روڪڻ ۽ پنهنجي وسيلن جي حفاظت لاءِ جوڳا قدم کڻي ۽ سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي دهشتگردن ۽ مافيا جي حوالي نه ڪري.

    اهڙي صورتحال ۾اسان سنڌپوليس کي به عرض ٿا ڪريون ته ٻيلي رڳو پگهار کڻڻ لاءِ نوڪري نه ڪيو پر پنهنجي نوڪري ۾ قومي جذبو به پيدا ڪيو ۽ سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ يا اڳواٽ رهندڙ ماڻهن تي ڪرڙي نظر رکو ته جيئن سنڌ الودگي کان بچي سگهي، بس رڳو قومي جذبو ۽ سچائي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

    ان حوالي سان سنڌي قومپرست تنظيمن جي مايوس ڪندڙ ڪاڪردگيءَ جي باوجود سنڌي قوم جون نظرون ۽ اميدون هنن تنظيمن سان وابسطه آهي. ڇاڪاڻ ته اهي جماعتون الڳ الڳ هئڻ جي باوجود پريشر گروپ جي صورت ۾، حقيقت وانگر موجود آهن. هن وقت جڏهن قومي وجود خطري ۾ آهي ته سنڌي قوم کين التجا ٿي ڪري ته، خدارا! پنهنجا اختلاف وساري هنن ۾ شڪل گهڙين ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏين ۽ سنڌ ۽ قوم کي به اپيل ٿي ڪجي ته پنهنجون اکيون کولي رکي ۽ قومپرست تنظيمن جي ڀرپور همت افزائي ڪري ۽ ساٿ ڏئي.
    روزاني اوامي آواز جمعو 27 جون 2014ع؛ 28 شعبان 1435هه Noorghaloo@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو