محمد اڪبر نوناري
سينيئر رڪن
اسلام عليڪم: پهرين مان پنهنجو تعارف ڪرايان ٿو . منهنجو نالو محمد اڪبر نوناري آهي مان هڪ اداري ۾ ملازم آهيان ان سان گڏ مان روشن تارا اسڪول گلشن حديد جي انتظاميه ڪاميٽي جو ميمبر آهيان. جڏهن روشن تارا اسڪول سچل ڳوٺ ۾ جڏهن سگا ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي تعاون سان سائين الطاف شيخ صاحب کي گهرايو ويو ان پروگرام ۾ مان به شريڪ ٿيو هوس اُتي مون کي خبر پئي نيٽ تي خالص سنڌي ويب سائيت آهي تمام گهڻي خوشي ٿي . اتي سائين محمد سليمان وساڻ سان ملاقات ٿي گهر آيس سنڌ سلامت کي اوپن ڪري ميمبر ته ٿيس ان کان پو سنڌ سلامت جو طريقو سمجهه م نه آيو تنهنڪري اڄ تائين سنڌ سلامت جي ڪنهن به پروگرام م حصو نه وٺي سگهيس سائين ان دوران رشيد سمون حال احوال ٿيندو رهيو