دهشتگردي، اتر وزيرستان جو آپريشن ۽ لڏپلاڻ

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏27 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    اڄ ڪلهه هڪ پاسي ملڪ ۾ موتمار گرميءَ جي خوفناڪ لهر برپا آهي، ته ٻئي طرف بجليءَ جي آزار عام ماڻهوءَ جي زندگي جنجال ڪري ڇڏي آهي.بجليءَ جي آزار مان مقصد لوڊشيڊنگ آهي. لاڙڪاڻي، حيدرآباد، دادو، جيڪب آباد، بدين سميت سڄيا سنڌ لوڊشيڊنگ جي نالي۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ بجلي بند ٿيڻ سبب حيران ۽ پريشان آهي. اهڙين حالتن ۾ وري، دهشتگرديءَ جي وڏن شهرن ۾ واقعن سبب به عام ماڻهوءَ ۾ خوف جي فضا طاري ڪري رکي آهي. ساڳئي وقت اتر وزيرستان ۾ شروع ڪيل فوجي آپريشن به هڪ اهڙو قدم هو، جيڪو شروع ۾ ٿيڻ کپندو هو. پر وفاقي حڪومت شدت پسندن سان ڳالهين جو عمل به شروع ڪرايو. پر ان جو ڪوبه کڙتيل نه نڪتو، هاڻ اتي آپريشن هلندڙ آهي.

    يقينن ان ڳالهه کان قطعي طور تي انڪار ممڪن ڪونهي، ته پاڪستان ۾ دهشتگردي سبب گذريل سالن ۾ توڙي هن سال تائين خوفناڪ تباهي آئي آهي. 50 هزار کان به وڌيڪ سولين ۽ فوجي موت جو شڪار بڻيا آهن، جڏهن ته اربين ڊالرن جون سرڪاري ۽ نجي ملڪيتون تباهه ٿيون آهن، ان کانسواءِ مذهبي نفرت کي هوا ڏني وئي آهي. بلوچستان ۾ ڪيتري وقت کان وٺي هلندڙ دهشتگرديءَ بعد شيعا فرقي سان تعلق رکندڙن کي باقائدگي سان ٽارگيٽ ڪري قتل عام ڪيو ويو آهي. اهو سبب ڪجهه اسان اکين سان ڏٺو به آهي ته پر محسوس به ڪيو آهي ته اها رتوڇاڻ ڪيڏي نه تباهي آڻي سگهي ٿي.

    ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي ايئرپورٽ ۾ ٿيل دهشتگردي سموري دنيا ۾ پاڪستان کي بدنام ڪري ڇڏيو. ڪيترا ڏينهن بين الاقوامي، فضائي ڪمپنين جون پروازون ڪراچي اچڻ کان ڏڪي رهيون هيون. ويندي اڻ ڄاڻايل مدي تائين پاڪستان ۾اڏامون بند ڪرڻ جواعلان ڪري ڇڏيو. ڪجهه ڏينهن اڳ پشاور ايئرپورٽ تي رياض کان ايندڙ ايمريٽس جي هوائي جهاز تي فائرنگ ڪئي وئي. ٿي سگهي ٿو ته ايميريٽس وارا به پنهنجي اڏام هن پاسي آڻڻ کان روڪي ڇڏين. ان صورتحال ملڪ جي اقتصادي جوڙجڪ کي به تباهه ڪري ڇڏيو آهي. چوندا آهن ته”جڏهن ٻورا پئي سبيا، تڏهن ئي اٺ پئي رڙيا، سو 1980ع جڏهن ملڪ ۾ غلط پاليسيون ٺاهيون پئي ويون، ته ڪيترن ڏاهن دانهون ڪيون هيون ته خدارا، پاڪستان کي آمريڪا جي جنگ ۾ نه کڻي وڃو. پر ڪنهن به ان دانهن تي ڌيان نه ڌريو، ويندي اهو به چيو ويو هو ته هيءُ ڪلاشنڪوف ڪلچر، جيڪا افغانستان مان سرحدون ٽپي ماڻهن سميت پاڪستان ۾ داخل ٿي رهيو آهي. اهو اڳئي هلي پاڪستان جي حالتن کي هيٺ مٿي ڪري ڇڏيندو. اڄ اسان پاڻ اها صورتحال محسوس ڪئي، ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي هوائي اڏي ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جي ڪارروائي ۾ پرڏيهي ازبڪ شامل هئا. خبر ناهي ته اڃا ڪيترن پرڏيهي شدت پسندن جا محفوظ اڏا ڪراچي ۾ قائم آهن. تڏهن ته اهي پرڏيهي شدت پسند ڪراچيءَ ۾ آيا، ۽ هٿيارن جي خوفناڪ انبار سان گڏ ڪراچي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿي ويا، پر انهن کي چوڻ وارو ڪوبه ڪونه هو. کين روڪڻ وارن جو اکيون ڇو بند ٿي ويون هيون. هاڻ جڏهن ڪراچيءَ جي ڳالهه ٿا ڪريون، ته ڪراچيءَ کي آباديءَ جي وڌيڪ دٻاءُ خوفناڪ ڦوڪڻي وانگر ٺاهي ڇڏيو آهي. جيڪو ڪنهن به مهل ڦاٽو ته هتي اڃا به وڌيڪ رتوڇاڻ ٿي سگهڻ جا امڪان هر وقت ۽ هر مهل موجود آهن. اهڙي صورتحال ۾ ڪراچي سنڌ ۾ تازو ٿيندڙ وزيرستان آپريشن جي ڪري ٿيندڙ لڏپلاڻ تي ڪڙي نظر رکڻ جي ضرورت آهي. بلڪه انهن آئي ڊي پيز کي وفاقي حڪومت صوبي پختونخواهه ۾ آباد ڪري ته جيئن اهي حالتن بهتر ٿين بعد پنهنجن گهرن، ماڳن،علائقن ۽ مڪانن ۾ وڃي سولائيءَ سان آباد ٿي سگهن. پر انهن جي لڏپلاڻ جو رخ سنڌ بل الخصوص ڪراچي ڏانهن ٿيڻ سان تمام گهڻا مسئلا وڌي سگهن ٿا.

    بهرحال اهو هڪ ڊگهو بحث آهي. اصل مقصد هاڻ دهشتگردي جو مڪمل خاتمو يقيني ٿيڻ ئي مسئلي جو آخري حل آهي. قانون جي بالادستي سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا. دهشتگردي جي خوفناڪ باهه، ملڪ جي حالتن کي تباهي جي ڪناري تي پهچائڻ جي ذميوار آهي. مسئلا ته گهڻائي آهن پر اهم مسئلو دهشتگردي آهي. پاڪستان کي دنيا ۾ ڏٺو ڪندڙ شدت پسندن جي ڪاررواين هن ملڪ ۾ خوفناڪ رت جي هولي ويهي کيڏي آهي. وفاقي حڪومت کي به ان سلسلي ۾ هاڻ اکيون کولي، حقيقت پسنديءَ سان ويهي معروضي حالتن جو جائزو وٺڻ گهرجي. گهٽ ۾ گهٽ ٻيا مئسلا پنهنجي جاءِ تي پر جاري رهندڙ خوفناڪ مسئلن جي خاتمي لاءِ لائحه عمل جوڙڻ گهرجي. ڪي به اهڙيون غلطيون سر زد نه ڪرڻ گهرجن، جنهن جي ڪري وري ملڪ کي ايندڙ ڏهن سالن کانپوءِ ويهي ا نهن غلطين جو نتيجو ڀوڳڻو پوي. قومي اسيمبلي موجود آهي. سينيٽ ڪم ڪري پئي، چئني صوبن جون اسيمبليون، وزيراعليٰ، گورنر ۽ وفاقي وزير موجود آهن. سياسي پارٽيون به سڀ ڪجهه اکين سان ويٺيون سمورو لقاءُ ڏسن، اهڙين حالتن ۾ دهشتگردي جي خلاف شروع ڪيل آپريشن جي ڪاميابي يقيني ٿيڻ گهرجي. ان آپريشن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مسئلن کي قانون ۽ آئين موجب اڪلائڻ ڪرڻ گهرجي، ۽ سنڌ سرڪار کي پنهنجي خاص صورتحال واري صوبي ۽ان جي گادي واري شهر ڪراچيءَ جي حالتن تي ڪڙي نظر رکڻ گهرجي. اهائي معروضي حالتن جي تقاضا آهي. اهائي هلندڙ وقت جي گهرج آهي.
    روزاني عوامي آواز، جمعو 27 جون 2014ع؛ 28 شعبان 1435هه
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو