هڪ مارچ جنهن ۾ شهيد به شامل ٿيا ذوالفقار واهوچوجيئي سنڌ قومي محاذ طرفان سنڌ جي گادي وار ي شهر ڪراچي ۾ ڪڍيل آزادي مارچ سنڌ جي قوم پرست سياست جي تاريخ جو سڀ کان وڏو مارچ ثابت ٿيو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ 1988ع ۾ ڪالاباغ ڊيم خلاف سنڌي عوام جي قومي اتحاد ، ڌارين جي آبادڪاري ، ڪالاباغ ڊيم خلاف اوٻاوڙي ۾ لڳل ڌرڻي ۽ جسقم طرفان 2012 ۾ ڪڍيل آزادي مارچ جو به هن آزادي مارچ رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ جي تاريخ ۾ هي واحد مارچ آهي جنهن ۾ سمورين قوم پرست ڌرين جي وفدن شرڪت ڪئي ۽ سياست کان بيزار رهندڙ ماڻهن، اديبن، دانشورن، شاعرن، فنڪارن، وڪيلن ۽ ڪامورن به شرڪت ڪئي اهڙا ڪيترائي ماڻهو نظر آيا جيڪي جسقم جي سياسي لائين ،۽ فڪر سان متفق نه هوندي به ان ۾ شرڪت ڪري پنهنجي گڏيل دشمن کي اهو پيغام پهچايو ته اسان ڀلي هڪ ٻئي سان فڪري طور تي گڏ نه هجون پر ڏکي گھڙي ۾ اسان سڀ هڪ جان ،جسم ۽روح جيئان آهيون هڪ هنڌ نظر اينداسين، اهو پيغام سنڌ جي قومي ٻڌي کي اتساھ بخشي ٿو. اهو ظاهر ڪري ٿو ته سنڌ هن وقت سائين جي ايم سيد، ذوالفقار ڀٽو ، بينظير ڀٽو ، شهيد فاضل راهو، بشير خان قريشي جي هن دنيا ۾ موجود نه هجڻ ۽ رسول بخش پليجي جي بزرگ ٿي وڃڻ سبب جيڪو اڳواڻي جو خال پيدا ٿيو آهي، ان باوجود قوم گڏ آهي. اها اڃا ڇڙوڇڙ نه ٿي آهي. اهو پيغام سنڌ جي قومي سياست کي اڃا وڌيڪ سگھه بخشيندي سنڌ دشمن قوتن کي اهو پيغام ڏنو آهي ته سنڌي پنهنجي ڌرتي ، قومي مفادن کي وڌيڪ اوليت ڏين ٿا اوهان ڀلي سنڌ جي پٽن کي ماري ساڙي لاش تحفي ۾ ڏيو ان سان سنڌ ۾مايوسي نه پر اتساھ پيدا ٿيندو . جيڪو هن مارچ ثابت ڪيو آهي. سنڌ جي گادي واري شهر ڪراچي تي ڊگھي عرصي کان پنهنجو قبضو جتائيندڙ ڌرين کي به هن مارچ اهو پيغام ڏنو آهي ته اسان جي صبر کي ڪمزوري نه سمجھو . سنڌ مڪمل طور تي تبديل ٿي رهي آهي اها به پرامن طريقي سان تبديل ٿئي پئي جيڪو سنڌ جي دشمن قوتن کي اڃا وڌيڪ منجھائي رهي آهي ته اسان انهن کي لاش تحفي ۾ ٿا ڏيو ، پر هو ڪو به اهڙو عمل نٿا ڪن جنهن سان رياست ۽ ان جي ادارن کي اهو موقعو ملي ته ڌرتي ڌڻين تي اڃا وڌيڪ تشدد ڪري انهن جا حوصلا پست ڪن . سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ هي نئون موڙ اهو ثابت پيو ڪري ته اسان سنڌي ماڻهو جي اٿي بيهون ته پنهنجا حق وٺي سگھون ٿا . جسقم جي هن تاريخي مارچ کان پوءِ سنڌ جي قومي حقن واري جدوجهد عالمي سطح تي اڃا وڌيڪ سگهاري نموني سان سامهون ايندي جنهن سان هن خطي ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ جيڪا عالمي دنيا جي مفادن جي جنگ آهي ان ۾ هو سنڌ کي ايئن ننڌڻڪو ، لاوارث ماڻهن جو مال سمجھي ڦٻائڻ جو فيصلو ڪري نه سگھندا ۽ هتي جيڪي انهن جا ايجنٽ آهن اهي به انهن جو ان نموني سان ساٿ نه ڏئي سگھندا. هي آزادي مارچ جسقم جي قيادت جي ڪلهن تي تمام وڏو بار وجھي ويو آهي جيڪو انهن جي سياسي سگھه کان کان به وڏو آهي . اهو جسقم جي قيادت کي به اندازو نه هو ته سنڌ جو عوام کين ايڏي موٽ ڏيندو ڇاڪاڻ ته هن وقت جسقم وٽ ان سطح جي قيادت به ناهي جنهن سطح جي عوام انهن کي موٽ ڏني آهي. جيئي سنڌ تحريڪ جي تاريخ ۾ جڏهن سائين جي ايم سيد به زندهه هيو ته ان کي عوام ايڏي موٽ نه ڏني هئي جيتري هن وقت هن قيادت کي عوام موٽ ڏني آهي. هاڻ جسقم جي قيادت جو امتحان آهي ته اها ان ۾ پاس ٿئي ٿي يا فيل ٿئي ٿي . اها عوام جي ان موٽ کي پاڻ سان مستقل کڻي هلي سگھي ٿي يا نه سنڌ جي عوام ان کان اڳ اهڙي موٽ شهيد ذوالفقار ڀٽي کي به ڏني هئي جنهن ان کي پاڻ سان گڏ کڻي هلڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. هاڻ عوام هڪ ڀيرو ٻيهر ڀٽي خاندان جيتري اهميت جسقم جي قريشي خاندان کي ڏيڻ شروع ڪئي آهي. اها اميد پيدا ٿي آهي ته سنڌ جي قومي تحريڪ ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا وڌيڪ مضبوط ٿيندي، سگھاري انداز ۾ اڳتي وڌندي. نوان گس، لاڙا پيدا ڪندي. هن مارچ کانپوءِ عالمي قوتون هن خطي ۾ جيڪي به تبديليون ڪرڻ چاهين ٿيون اهي انهن تي هڪ ڀيرو نظر ثاني ضرور ڪنديون. اهي به امڪان آهن ته اهي هاڻ سنڌ ۾ سنڌين سان ڳالهيون ڪن. ائين سنڌ جا بندرگاھ، وسيلا ڦري ٻين حوالي نه ڪري سگھندا . ڪراچي کي ٽوڙي الڳ صوبي جا خواب ڏسندڙ ڌرين جون اڄ هن آزادي مارچ ننڊون حرام ڪري ڇڏيون هونديون جيڪي اهو سمجهي رهيا هئا ته سنڌ هن وقت گھڻ طرفي مسئلن جو شڪار آهي، سنڌ ۾ پنجابي، پختون، افغان، ايراني، ڪشميري، بنگالي، برمي، بهاري، هندستاني پناهگيرن سميت ٻين علائقن مان آيل لکين ماڻهو گڏجي سنڌ سنڌين کان ائين ڦري ويندا جيئن باز جھرڪي کي کنڀي ويندي آهي اهو خواب انهن جو هن مارچ ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ ۾هڪ نئون جوش، جذبو ولولو پيدا ٿيو آهي . جنهن جو ڪنهن کي به اندازو نه هو. روزاني عوامي آواز، جمعو 27 جون 2014ع؛ 28 شعبان 1435هه