تنهنجي سائي ۾ اسان لاءِ ڇانو بند شاعري سان گڏ لکڻ جو ڏانو بند توکي ٻي ڪنهن سان ڏٺـو اٿـم سڀ ڪجھ ويساري بس هانو بند شاعر علي امير جمالي ساٿ ۾ شامل دوستن جي نانو
محترم دوست علي امير جمالي جن کي هن سهڻي اڱڻ تي ڀليڪار ، ادا هتي اوهانکي کوڙ شاعرن ۽ شاعري جي ڪتابن سان گڏوگڏ سنڌ سلامت جي شاعرن جي سرتاج محترم نثارناز کان پڻ سکڻ جو موقعو ملندو ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
سڀ کان پهرين توهان کي هن فورم تي ڀليڪار چوان ٿو.. توهان شاعر آهيو! اها ڳالهه وڻي . هن فورم تي شاعري سيڪشن مڙئي ڪجهه ڏينهن کان سُست ٿي ويو آهي (يا وري مونکي ڏسڻ ۾ ائين ٿو اچي) . توهان جهڙا شاعر دوست هن فورم تي پنهنجي تخليق اسان سان شيئر ڪندا ته اسان کي به خوشي ٿيندي. ۽ مون جهڙن کي ڪجهه سکڻ لا ملندو..
محترم سائين عبدالغني لوهار، ۽ عبيدالله عبيد ٿهيم توهان جي وڏي مهرباري جو توهان مونکي هن فورم ته آجيان ڪئي مونکي ڏاڌي خوشي ٿي انشاالله هن فورم صريئي اسان جو ساٿ هلندو رهندو اميد آهي ته اسان کي اڻکوٽ محبتون ڏيندا ۽ اسان کان مُحبتون وٺندا
صبح جو سلام شاه صاحب جي هنن لفظن سان پڙهيان ڪڙهيان ڪين ڪي توڙي پڙهن چين، بنا سنڌ سعيد جي ڪجه نه ملندو ڪين جن جو (علي عليه اسلام) تي يقين سي اڻ پڙهيا ئي عالم ٿيا (شاه سائين)
ڀليڪار هن فورم تي. شاعري اوهان جو شؤق آهي جاري رکو. تاريخ اوهان جو شعبو. اُميد ته اوهان هتي پنهنجي شُعبي جا به ليک ونڊيندا رهندؤ
ادا اوهان جي ڊزائن ڪيل شاعري کي متعلقه سيڪشن ۾ مُنتقل ڪيو ويو آهي جيڪا اوهان هتي ڪلڪ ڪري ڏسي سگهو ٿا. ۽ هاڻي جڏهن به ڪو مواد موڪلڻ چاهيو ته هن ساڄي پاسي پهريون نمبر ٽين فورم ڪلڪ ڪري مُتعلقه سيڪشن ۾ وڃي نئون موضُوع ڪلڪ ڪري اُتي موڪليو ته جيئن اوهان جي تحريرن تائين پڙهندڙ جي رسد سؤلي ٿئي.