• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ ٽي وي جي ڊرامي ” وارث“ جي شوٽنگ جي تصويري ڪهاڻي

نثارناز

سينيئر رڪن
پيارا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ
دوستو مون وٽ بجليء جِي لوڊ شيڊنگ وارو عذاب پنهنجي جوڀن تي آهي نتيجي طور ڪافي سارا پروگرام جيڪي مون وٽ پينڊنگ ۾ آهن توهان سان شيئر نه پيو ڪري سگهان، چند ڏينهن پهرين ڏينهن جي ٽي وڳي واري بجلي جي لوڊ شيڊنگ واري ٽائيمنگ ۾ پنهنجي ڀڳل ۽ ٽُٽل کٽ تي پگهر ۾ شم ٿي گرمي ۾ پاڪستانين جو مقدر ٿيل گرمي واري ننڍ جو مزو پي ورتم ته اسان جي محترم ڪئميرا مين عبدالغفور سمون جي حيدرآباد کان موبائل ڪال آئي، ” ننڍ مان ڇرڪ ڀري اٿيس اڙي غفور تون، خير ته آهي جو اسان جي لوڊ شيڊنگ واري ٽائم واري ننڍ جو تو ستياناس ڪيو آهي، غفور کي شڪايت ڀري انداز ۾ چيم، پاڻ کلي پيو ، چيائين ته سائين هتي حيدرآباد ۾ آٽو ڀان روڊ تي سنڌ ٽي وي جي ڊرامي وارث جي شوٽنگ پئي هلي کيس سنڌ سلامت جي نمائندي جي حيثيت سان شوٽنگ ڏسڻ جي دعوت ملي آهي، جيڪڏهن توهان کي واندڪائي هُجي ته اچي شوٽنگ ڏسو ۽ سنڌ سلامت لاءِ سنڌ جي انتهائي معروف فنڪارن جون تصويرون اهي به نڪور حاصل ڪري سگهون ٿا، يار غفور فوري پنهنجي گنجي واري کيسي ڏي نظر ڊوڙايم ته ان ۾ پاڪستاني سڪا رائج الوقت جملي پنجاسي روپيه پيا هُئا، چيم ته يار ٽنڊو محمد خان کان حيدرآباد ۽ حيدرآباد کان وري ٽنڊو محمد خان اچڻ جا جملي 180 روپيا ماني ٽڪي سميت کپن پر مون وٽ صرف پنجاسي روپيا پاڪستاني آهن ، مٺا مشڪل آهي مان حيدرآباد اچي نٿو سگهان تون تصويرون ڪڍي مون ڏانهن موڪلي ڇڏ مان پاڻهي سنڌ سلامت تي دوستن سان ونڊ ڪري ڇڏيندس، خوشقسمتيءَ سان انهي مهل مون واري ماسات مٺي ذات اهي ڳالهيون ٻُڌيون پي چيائين ته تو واري پينشن مان اڃان ڪجهه پيسا بچائي رکيا اٿم توکي ڪيترا کپن چيومانس ته مولائڻ اڄ رب کان جيڪو گهران ها اصل ٻيڙا پار ٿي وڃن ها، ان جملي 300 روپيا پاڪستاني ڏنا، مان خوشيءَ مان غفور کي چيو ته غفور اصل هڪ ڪلاڪ ۾ پهچان ٿو، اٿي پنهنجي گهر جي هينڊ پمپ ( پاڻي جي نلڪي ) مان ٿڌو پاڻي ڀري غسل خاني جو رُخ رکيم دوستو الله سائين جو اهو شان آهي ته بورنگ واري نلڪي ۾ جر جو پاڻي گرمين ۾ صفا ٿڌو هوندو آهي سو ٻه ٽي مگا پنهنجي مٿي ۽ بدن تي هاري فريش ٿي ڪپڙا پائي حيدرآباد شوٽنگ واري هنڌ پهتس عبدالغفور سمون منهنجو سڀني فنڪارن سان تعارف ڪرايو ۽ چيو ته دنيا ۾ سڀني کان وڏي ۾ وڏي انٽرنيٽ تي سنڌي فورم سنڌ سلامت جو سرپرست آهي مون کيس چيو ته نه سائين مان ته سنڌ سلامت جو حقير ڪارڪن آهيان، سنڌ سلامت جو مون مسڪين ٽي درجي واري شاعر تي اهو احسان آهي جو مونکي سنڌ سلامت سُڃاڻ ڏني آهي بس دوستو هاڻ مان توهان جو انتظار نٿو ڪرايان هي ڪجهه تصويرون آهن اها سنڌ سلامت جي اڱڻ جي خوشنصيبي آهي ته هي تصويرون خالص سنڌ سلامت جي پنهنجي پراپرٽي آهن مونکي تصويرن تي واٽر مارڪ لڳائڻ ڪونه ٿو اچي نه ته سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام انهن تصويرن تي ضرور لکان ها خير پيش آهن سنڌ ٽي وي لاءِ ڊرامي ” وارث “ تي شوٽنگ آيل سنڌي فنڪارن ۽ فنڪارائن جون تصويرون.
منهنجي خيال ۾ انهن سڀني فنڪارن ۽ فنڪارائن جا نالا سڀئي ساٿي ضرور ڄاڻندا هوندا.
جهڙو حال حبيبان تهڙو پيش پريان
sindhi%20waris%203.jpg

نالي وارو سنڌي اداڪار اسد قريشي پنهنجي ساٿي فنڪار دوست وڪيل منڱريو سان گڏ

sindhi%20waris%204.jpg

نئين فنڪاره مُسڪان نظير جو هڪ دلڪش انداز
sindhi%20waris%2015.jpg

اسان جو مين ڪئميرا مين ڪاري چشمي وارو عبدالغفور سمون ، سينئر فنڪاره نسرين ناز ۽ رضيه سولنگي

sindhi%20waris%206.jpg

مُسڪان نظير ۽ نسرين ناز خوشگوار مُوڊ ۾

sindhi%20waris%2010.jpg

رضيه سولنگي ۽ مُسڪان نظير ساٿ ساٿ
sindhi%20waris%209.jpg

مُسڪرائي مُسڪرائي هر خُوشيءَ جي لاڄ رکجان، سڀ وسيلا آزمائي دلڪشيءَ جي لاڄ رکجان (مُسڪان نظير جو مُسڪرائيندڙ چهرو اصل وڃي ٿيا ست خير)

sindhi%20waris35.jpg

وڪيل منڱريو ۽ اداڪاره سنجيلا جسڪاڻي يادگار ڪردار ۾

sindhi%20waris%208.jpg

ڇا ڳالهه چئجي نسرين ناز ۽ رضيه سولنگي جي زبردست شال اهي مُرڪون سدائين سندن چهرن تي وسنديون رهن

sindhi%20waris%2027.jpg

اسان جي ذاتي گُذارش تي محترما نسرين ناز جو صرف سنڌ سلامت لاءِ خصوصي پوز​
 
جواب: سنڌ ٽي وي جي ڊرامي ” وارث“ جي شوٽنگ جي تصويري ڪهاڻي

اڃان تصويرون آهن ونڊ ڪريون پيا​
sindhi%20waris%2018.jpg

رضيه سولنگي ۽ اسد قريشي سنڌ سلامت جي فوٽو گرافي تي تمام گهڻا سرها هُئا

sindhi%20waris%2021.jpg

پاڻ وارو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ، رضيه سولنگي، ۽ اسد قريشي هميشه ڪئميرا مين ويچارو محنت ڪندو آهي پر سندس تصويرون نه هونديون آهن پر هن دفعي عبدالغفور سمي جون تصويرون ڪڍي مون پڻ پنهنجي غريباڻي فوٽو گرافي واري شوق کي پاڻي ڏنو

sindhi%20waris%2023.jpg

اسد قريشي جي هٿ ۾ تسبيح آهي پر سندس ايڪشن اهو به سنڌ سلامت لاءِ ڏسي اندازو لڳايو اسد قريشي سان گڏ هڪ ننڍڙو فنڪار دوستو ان ننڍڙي فنڪار جو نالو وسري ويو اٿم

sindhi%20waris%2030.jpg

سنڌ سلامت لاءِ مُسڪان نظير ۽ نسرين ناز جي خصوصي تصوير

sindhi%20waris%2042.jpg

سنجيلا جسڪاڻي ۽ مُسڪان نظير​

sindhi%20waris%2041.jpg

نسرين ناز ۽ ادا عبدالغفور سمون پاڻ وارو ڪئميرا مين هنڌوري ۾ لُڏي رهيا آهن واهه واهه​

sindhi%20waris%2036.jpg

پاڻ واري سينئر فنڪاره سوچي ٻُڌايو ته ڪير آهي، ها سندس نالو ياد آهي ها ها ” ميڊم ممتاز ڪنول آهي نه!

sindhi%20waris%2034.jpg

ميڊم ممتاز ڪنول ۽ وڪيل منڱريو يادگار ڪردار ن ۾

sindhi%20waris%2040.jpg

واهه عبدالغفور سمان تنهنجا ڀاڳ ، مُسڪان نظير سان گڏ بيٺو آهين​
 
جواب: سنڌ ٽي وي جي ڊرامي ” وارث“ جي شوٽنگ جي تصويري ڪهاڻي

sindhi%20waris%2026.jpg

نسرين ناز جو هڪ دلڪش انداز

sindhi%20waris%2038.jpg
سنجيلا جسڪاڻي ۽ پاڻ وارو ڪئميرا مين عبدالغفور سمون

sindhi%20waris%202.jpg

عبدالغفور سمون ، آزاد گوپانگ ۽ هڪڙو ننڍڙو​
 
جواب: سنڌ ٽي وي جي ڊرامي ” وارث“ جي شوٽنگ جي تصويري ڪهاڻي

ادا نثار ناز، هنن سڀني اداڪارن جا ڦوٽا ته پنهنجي جاءِ تي پر اوهانجي قصي ٻڌائڻ وارو انداز انکان نرالوhatt-pare

۽ مٿان وري ادي عبدالغفور جو ديدار پڻ ٿيو ۽ هنن ڦوٽن ۾ پينگهو ڏاڍو وڻيو ۔۔۔۔ :D:D:D

suhnan saan

shal judy hujeen
 
جواب: سنڌ ٽي وي جي ڊرامي ” وارث“ جي شوٽنگ جي تصويري ڪهاڻي

ادا نثار ناز، هنن سڀني اداڪارن جا ڦوٽا ته پنهنجي جاءِ تي پر اوهانجي قصي ٻڌائڻ وارو انداز انکان نرالوhatt-pare

۽ مٿان وري ادي عبدالغفور جو ديدار پڻ ٿيو ۽ هنن ڦوٽن ۾ پينگهو ڏاڍو وڻيو ۔۔۔۔ :d:d:d

suhnan saan

shal judy hujeen
مهرباني سائين نثار ابڙا توهان کي اسان جي موڪليل تصويرن سميت اسان جي قصي وارو انداز وڻيو ۽ انهي قصي جو انداز توهان کي نرالو لڳو۔ ادا غفور سمون ڏٺو وڃي ته اسان جو سڀ کان محنتي ڪارڪن آهي، جيڪو ڏينهن ۽ راتيون هڪ ڪري سنڌ سلامت لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي، توهان ادا عبدالغفور سمون جو تصويري ديدار ڪيو، پر جيڪڏهن ذاتي طور هُن سان ملو ته تمام گهڻو خوش ٿيندا۔ ادا نثار توهان کي تصوير ۾ پينگهو سُٺو لڳو پر مان حقيقي طور تي اهو پينگهو ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو هُئس۔ مهرباني مٺا همت افزائين جا لکين ٿورا
 
Back
Top