سَرَ سُڪَي سالَ ٿيا، هَنجَ هَريَو ئي پيرُ
ڪَنگُ ويچارو ڪيرُ، جو رَسَي هن رَمزَ کي.
سر ڪارايل
سَرَ = پاڻي، درياهه جو پاڻي
هَريَو = آلو، سائو
* ڪيئي سال ٿيا آهن جو درياهه سُڪي ويو آ، خشڪ ٿي ويو آ پر هنج پکيءَ جو پيرُ آلو آهي. هنج صاف پاڻيءَ جو پکي آهي ۽ سندس خوراڪ موتي آهن. درياهه جي سُڪي وڃڻ جي ڏک ۾ سندس اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا آهن ۽ سندس پير آلا ٿي ويا آهن.
* پر هي ڪنگ پکي جيڪو ڪني ۽ لُڙيي پاڻيءَ جو پکي آهي ان کي ڪا پرواهه ئي ڪونهي. هن هيڏي هاڃي ۽ ظلم تي چپ آهي ۽ هن درد کي محسوس به نٿو ڪري.
سمجهاڻي
ڀٽائي هن بيت ذريعي سنڌو درياهه جي سُڪي وڃڻ ۽ خشڪ ساليءَ تي جنهن ۾ ماڻهون ۽ مال مري رهيو آهي لڙڪ لاڙي ويٺو آهي ۽ احتجاج ڪري رهيو آهي. ڀٽائي انهن ماڻهن جي حال تي ماتم ڪندي خبردار ڪيو آهي جيڪي ڪن لاٽار ڪيون ٿا گهمن. ڪو آواز, ڪو احتجاج ۽ ڪا صدا بلند نٿا ڪن تن جي مذمت ڪئي آهي. ياد رهي ته اڄ ڪلهه سنڌوءَ تي مختلف ڊيمن ٺاهڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن.
____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل