تاريخ جي ’’نئين سفر‘‘ ڏانهن وڌندڙ سنڌ!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    تاريخ جي ’’نئين سفر‘‘ ڏانهن وڌندڙ سنڌ!

    [​IMG]
    امر سنڌو​

    هي ٻن سياسي ڪارڪنن جي سوخته يعني جليل لاشن جو سفر هو جيڪي ڀريا روڊ مان ڪراچي آندا ويا هئا. ايڌي ايمولينس جي ڪاٺ جي ٺهيل تابوت ۾ پيل اهي ٻه سرد ڪوئلو ۽ خاڪ بڻيل جسم هئا. ڪنهن وڏي نالي، نه ئي ڪنهن ٻئي اڳواڻ، پر اهي ئي ٻه ڪوئلو ٿيل جسم هئا، جن 23 مارچ تي تبت سينٽر کان ڪراچي ۾ قائد جي مزار ڏانهن ويندڙ سڙڪ جي ٻنهي پاسي سڄي سنڌ مان گڏ ٿيل لکن جي هجوم جي فريڊم مارچ جي قيادت ڪئي. سوخته لاشن جي قيادت ۾ نڪتل هي عجيب مارچ هو، جنهن ۾ سڄي سنڌ - جيڪب آباد کان وٺي ٿر جي پهاڙي سلسلي ننگر پارڪر تائين جي ماڻهن وڏي انگ ۾ ڪاوڙ ۽ غصي جي صورت هن فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪئي. سياسي تماشگيرن لئه هن عوامي سمنڊ جي جذبات جو تجزيو ڏکيو پر سندن حيرانگي ڏسڻ لائق هئي ته ڏهه ڏهه ڪلاڪن جو مسلسل ۽ طويل سفر ڪري هي ديوانن جو هجوم؛ جي ڪراچي تائين پنڌ پيو آهي ته ڇا فقط ان لاءِ ته هو هيڏي مسافري کان پوءِ ڪراچي ڀيڙا ٿي رڳو پنهنجي ڪم عمر اڳواڻ جي ڪا اڌ ڪلاڪ جي لکيل تقرير ٻڌن. ڏسڻ وارن سوچيو ٿي ته ڇا هي رڳو ان اڌ ڪلاڪ لاءِ پنڌ پيا هجن ۽ ان اڌ ڪلاڪ، ڪلاڪ جي تقريب کانپوءِ نعرا هڻنديِ ساڳي ئي امن سڪون سان بنا ڪو شيشو ٽوڙيندي واپس ساڳين گاڏين، بسن ۾ سوڙها ٿيندا پنهنجي ماڳين هليا وڃن!!

    انهن جي حيرانگي ڀل ته ڏسڻ لائق پر اهي تماشگير ان ڳالهه کان يقينن بيخبر ته سنڌ جي قومپرست پارٽي سان تعلق رکندڙ قومي ڪارڪنن جو جليل جسمن عضوون جو ڳٺڙين جي صورت ۾ اهو سفر جيڪو ڀريا روڊ کان ڪراچي ۽ پوءِ تدفين لاءِ واپس سندن اباڻي ڳوٺ رتي ديري تائين تمام ختم شد، اهو سفر هاڻي سنڌ کي شايد ڪنهن هڪ نئين راهه ڏانهن وٺي پيو وڃي. جيڪڏهن حڪومت ۽ رياست جي اصلي تي وڊي مالڪن ان سفر جي قيادت ڪندڙ جذبات کي سمجهڻ بجاءِ ان کي روايتي طريقي يعني تشدد وسيلي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته شايد سنڌ جي محرومين جو اهو سفر بلوچستان وارو رستو اختيار ڪري، جيڪو هڪ نئين ناسور کي جنمڻ جي سگهه رکي سگهي ٿو.

    اهو شايد ماضي قريب ۾ رڳو سنڌ جو نه پر پاڪستان ۾ هڪ انوکو سياسي احتجاج هو، جيڪو بظاهر ته جيئي سنڌ قومي محاذ پاران فريڊم مارچ جي نالي ۾ ڪال ڪيو ويو هو. پر هن سال ان جلسي کان ڪي ٻه ڏينهن اڳ پارٽيءَ جي هڪ سرگرم اڳواڻ مقصود قريشي کي سندس تنظيمي ساٿي سلمان وڌو سان گڏ ڀريا روڊ تي سندن ئي گاڏيءَ ۾ گوليون هڻي ماريو ويو ۽ بعد ۾ ڪيميڪل سان باهه ڏئي سندن جسم ساڙي رک ڪيا ويا. ياد رهي ته مقصود قريشي جي ڀاءُ ۽ پارٽي جي اڳواڻ بشير قريشي کي به زهر ڏيئي مارڻ جون خبرون هيون پر سنڌ حڪومت جي روايتي لاپراهيءَ جي ڪري قانوني طور تي ان جا سبب معلوم ٿي نه سگهيا . پر جنهن نموني مقصود قريشي جو قتل ٿيو، واردات جو اهو طريقو خفيه ايجنسين جي طرز واردات سان ڀيٽ کائي ٿو. انڪري سنڌ جي اڪثريت ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته اهو قتل انهن ادارن جي ڪارروائي آهي. ان قسم جي تاثر اڀرڻ ڪري ان قتل خلاف نه رڳو پارٽيءَ جي ڪارڪنن ۾ پر سڄي سنڌ ۾ ڪاوڙ ۽ غصي جي اهڙي لهر اڀري جو ان واقعي خلاف بنا ڪنهن سڏ جي، سنڌ ۾ ٻن ڏينهن تائين اڻ اعلانيل هڙتال رهي. پر جڏهن پارٽي انهن شهيدانِ وطن جي جنازي نماز ان ڌرڻي ۾ پڙهڻ جو اعلان ڪيو ته سواءِ پيپلز پارٽي جي سنڌ جي هر پارٽي بشمول مسلم ليگ نون ۽ ايم ڪيو ايم نه صرف ان جي حمايت ڪئي پر انهن جي نمائندن ان ڌرڻي ۾ شرڪت به ڪئي، جنهن کي پارٽي فريڊم مارچ جو نالو ڏنو هو.

    سنڌ جي گادي، ڪراچي ۾ منعقد ٿيڻ واري ان فريڊم مارچ جي شروعات ٻه سال اڳ پارٽي جي اڳواڻ بشير خان قريشي پاران ڪئي ويئي هئي. ان فريڊم مارچ جي تاريخ به علامتي طور 23 مارچ رکي ويئي هئي، جيڪا پاڪستان جي ٺهراءُ سان منسوب آهي. 23مارچ جي چونڊ انڪري ڪئي ويئي ته، بقول سندن ته، سنڌ 1940ع واري قرارداد پاڪستان جي نالي منسوب جنهن معاهدي تحت هن رياست جو حصو بڻي هئي، 67 سالن گذرڻ باوجود ان معاهدي جي رياست پاسداري نه ڪئي آهي، اها به حقيقت آهي ته هن وقت قومي تحريڪ جو ماضي جي ابتڙ هن وقت سياسي موبلائيزيشن جو مرڪز تعليمي ادارن بجاءِ ڳوٺ ۽ ٻهراڙيون آهن، جيڪي هن وقت ملڪي پس منظر ۾ انتهائي پسماندگي جو شڪار آهن، جتي اڪثريتي عوام رياستي ادارن بجاءِ وڏيرن، سردارن جي پيرن هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي. اها به حقيقت مڃڻ گهرجي ته قوم تحريڪ تعليمي ادارن مان نڪري سنڌ جي ٻهراڙين کي پنهنجي سياسي سرگرمين جي مرڪز ٺاهڻ باوجود اها سياسي طور تي اتان جي مورثي سردارن، وڏيرن، ۽ وڏيرڪي نظام ۽ سندن رياستي ڳٺ جوڙ کي تنقيدي نظر سان ڏسڻ بجاءِ پنهنجي سڄي سياست جو رخ رياستي ڍانچي ۽ جوڙجڪ جي خاتمي سان جوڙي ٿي. هن وقت سنڌ جي قومپرست تحريڪ جي سڄي سياست جو تنقيدي ڳر سماج ۾ موجود معاشي ۽ سياسي رشتن کان مٿانهين ته صرف رياست آهي، جنهن کي هو ننڍين قومن جو قيد خانو چوندا رهيا آهن.

    پر ٻئي پاسي ڏسجي ته سنڌ گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان رياستي بي ڌيانيءَ جو شڪار ۽ ترقي جي هر انڊيڪيٽر ۾ ٻين صوبن کان پويان هئڻ سبب هن صوبي جي عوام ۾ احساس محرومي کي ان حد تائين وڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻي ان جا رهواسي ڪنهن به روايتي واعدن واري سياست کان گهڻو پوئتي هليا ويا آهن. رياست سان سندن بيزاري وارو احساس هاڻي ڪا عجب جي ڳالهه نه ٿو لڳي. سنڌ باوجود جمهوري حڪومتن ۽ سندن پنهنجي راڄ ڀاڳ واري تصور جي ڏاڍو پوئتي پيل ۽ حڪمرانن جي ڌيان تان وسريل آهي. هونئن به سنڌ ۾ چونڊن جي نالي ٿيل عوام سان مذاق جي تصديق ته آڱوٺن جي تصديق واري عمل سان ظاهر ٿي پئي آهي، ان ”جمهوريت“ جي نالي تي روايتي وڏيرن جي راڄ جو ٽڪساٽ به ظاهر ٿي پيو آهي ته ڪيئن ڪوڙا ووٽ وجهي چونڊن واري عمل لاءِ ۽ ان جي نتيجي ۾ آيل حڪومت لاءِ عوام ۾ مقبول هئڻ وارو تاثر ڏنو ويو هو.

    ڪيترا ئي ڏهاڪا آمرن جي ڳرن بوٽن هيٺان زندگي گذاريندڙ ۽ رياستي مالڪي نه هئڻ واري احساس ۾ ورتل سنڌي عوام لاءِ هي جمهوريت به آئي ته اهڙي، جنهن جو ميوو سردارن ۽ ڀوتارن کي مليو. ڪيترن ئي ڏهاڪن کان توجهه جي اوسيئڙي ۾ هي نڌڻڪي سنڌ، وفاق توڙي صوبائي حڪومت ڏانهن ڏسندي رهي پر وڏيرن جي جمهوريت پنهنجا گهر ڀرڻ تائين محدود هئي. ان صورت ۾ اميد جو ٻيو ڪو دڳ نه ڏسندي هاڻ مڪمل مايوسي ۽ احساس محرومي سان سنڌ جنهن سياسي رستي تي نڪري پئي آهي، ان جو لقاءُ 23 مارچ واري لکين ماڻهن جي ڪراچي ۾ گڏ ٿيڻ واري صورت ۾ ڏسي سگهجي ٿو.

    تيل، گئس،۽ ٻين قدرتي وسيلن ۾ شاهوڪار صوبي جا ٻار ٿر ۾ بک ۾ مرندا هجن. حڪمران نه ٿر ۾ مرندڙ ٻارن کي بچائي سگهيا نه وري ان ۾ سنڌ جي مندرن کي لڳل آڳ کي وسائڻ جي ڪا سڪت آهي. سنڌ جي اترين ضلعن ۾ ڌاڙيل راڄ ائين، جو پنج سالن جي ٻار کان وٺي پيرسنن تائين به ڀنگ عيوض اغوا ٿي مهينن جا مهينا ڌاڙيلن وٽ قيد هجن. شهري ادارا تباهي جي ڪناري تي پهتل هجن، هر شهري پاڻ کي بندوق جي نوڪ تي محسوس ڪري، اهڙي صورت ۾ رائج سياست ۽ رياست کان بيزاري غير فطري ناهي. ان پس منظر ۾ سنڌ جي قومپرستن پاران 23 مارچ وارو جلسو وقت جي حڪمرانن لاءِ هڪ واضح پيغام آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ۾ وسندڙ قومن ۾ ان احساس محرومي کي ختم ڪرڻ لاءِ جي ٺوس قدم نه کنيا ۽ ان احساس محرومي تي ٻڌل سياست کي جيڪڏهن بندوق سان يا عدالت کان مٿانها قتل ڪرڻ سان ختم ڪرڻ جو سلسلو جاري رهيو ته اهو وقت پري ناهي ته سنڌ جي پرامن سياسي و جمهوري سياست جو حامل صوبو به بلوچستان جي راهه وٺي.

    قلم تازو؛

    هو سنڌ لاءِ خاڪ ڪيل سڙيل لاشن جا وارث جيڪي ڪالهه وري تتي ڏامر واري ڀريا روڊ واري سڙڪ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڌرڻو هڻي ويٺل هئا، هنن جي فرياد، جيڪا اهي هن ئي رياست جي پوليس ٿاڻي تي درج ڪرائڻ چاهين ٿا، کانئن ورتي وڃي ائين نه ٿئي ته اها به رياست پاران اڻ ٻڌي ڪري تاريخ ڏانهن ريفر بيڪ ڪئي وڃي، جي ائين ٿيو ته پوءِ ممڪن آهي ته هي پرامن هجوم تاريخ جي هڪ نئين سفر ڏانهن مارچ جي شروعات ڪري.

    روزاني ڪاوش، جمع 18 اپريل 2014ع amarsindhu@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو