زخمن سان راند ڪرڻ جو فن

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    زخمن سان راند ڪرڻ جو فن
    [​IMG]

    امر سنڌو​

    ڇا توهان سنڌ جي حڪمرانن جي ذوقِ ڪمال کي داد نه ڏيندئو ته پنهنجي تمام تر ڪوتاهين، ناڪامين ۽ ڪمزورين جي باوجود اهي زخمن سان راند ڪرڻ جي فن ۾ يڪتا ٿي چڪا آهن. زخمن تي پٽيون رکڻ وارو فن ته اڃان سنڌ جي شاهي درٻار اندر داخل ٿيڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو آهي پر ٻين جي زخم کي تيز ڇريءَ سان کرڙي نمڪ پاشي ڪرڻ جي فنِ ڪماليت ۾ اهي روم جي نيرو کي گهڻو پوئتي ڇڏي چڪا آهن. نيرو ته رڳو پنهنجي بانسريءَ جي ڌن ۾ مگن رهيو، جنهن کي سڙندڙ روم ۾ پچندڙ انساني ماس جي ڌپ به بيقرار نه ڪري سگهي هئي. پنهنجي تخت ڌڻين جي جماليات جي وسعت جو عالم؛ ته پاڻ نه صرف جلندڙ ساهن جي منظرکان لطف اندوز ٿي سگهن ٿا پر اهي انهن مائرن تي ٺٺول ڪرڻ جو به جگر رکن ٿا، جن پنهنجي پوتيءَ جي ڪفن سان پنهنجي ٻانهن ۾ ٻارن جا پتڪڙا لاش کنيا آهن. پنهنجا هي حاڪم زاده ته بک ۾ مئل ٻارن جي ائين به توهين ڪري سگهن ٿا ته سندن موت دراصل سندن پيدائشي محرومي ۽ ان غربت جو نتيجو هو، جنهن ۾ انهن جي ماءُ ڪنهن وڏي اسپتال تائين پهچڻ بجاءِ ڳوٺ جي دائيءَ تائين مس پڄي سگهي ۽ هاڻ اهو به مرندڙ ٻار جو ڪو گناههِ ڪبيره هو ته ڄم ويل سندس دائيءَ کي ڪوشش ڪري اها ڊليوري ڪرائڻي پئي هوندي. اسانجي سهڻي سنڌ جي حڪمرانن جي اندازي مطابق ان وقت سندن ٻانهن، ٽَنگ، مٿو يا ڪو ٻيو عضوو خراب ٿيڻ جي نتيجي ۾ سندن موت جو فرشتو تڪڙو ٿر تائين پهتو هوندو. ٻن سوَن کان مٿي ٻارن جو اسپتالن ۾ موت هنن جي دلين کي لوڏڻ ته پري پر ٽهڪ جو سامان مهيا ڪري ٿو. سچ ته اهڙي بيباڪي صرف ان سنڌ ۾ ئي ممڪن آهي، جيڪا نڌڻڪائپ کان وڌيڪ سماجي بيحسيءَ جو به شڪار ٿي ويل ڏسجي ٿي.

    تڏي ۽ تعزيت جا به پنهنجا آداب هوندا آهن، مرڻي ۽ پرڻي جون به پنهنجون تهذيبي روايتون هونديون آهن. اهو به درست، ته غريبن جي دنيا جون محروميون، اندر جا سور ۽ سندن بک جا وڍ ڏسڻ جون اکيون هر ڪنهن کي عطا نه ٿينديون آهن. پر ڇا موت ۽ بک جو ائين ڪير مذاق اڏائڻ جي جرئت ڪري سگهي ٿو، جيئن ان ڏينهن چونڊيل ايوان ۾ گوهر افشاني ڪئي ويئي؟ بک اکين جو نور وڃائي ڇڏڻ جي طاقت رکندي به اڃان ته مامتا کي ائين شڪست ڏيئي نه سگهي آهي ته اها مئل ٻار جي جسم تي اي سي جي سک کي ترجيح ڏيندي رڳو اي سي جا سک ماڻڻ لاءِ اسپتالن ۾ پنهنجا ٻچا روليندي هجي. ها، پر هي پنهنجا سنڌ جا حڪمران هئا، جيڪي ان ٿر جي مائرن تي ٺٺول ڪندا رهيا، جن جا ٻچا بکن تي ساهه کان ساڻا ٿيندي بنا ڪنهن دانهن ڪوڪ جي هميشه لاءِ اکيون پوريندا رهيا هجن ۽ نه رڳو سنڌ جي چونڊيل ايوان ۾ موجود مايون ۽ مرد، پر سڄي سنڌ کين ٻڌندي رهي. سڄي سنڌ نه رڳو کين ٻڌو، سٺو پر ٿي سگهي ٿو ته انهن کين بخشي به ڇڏيو هجي پر منهنجي اکين آڏو انهيءَ ماءُ جي تصوير ضرور گهمي ٿي، جيڪا گرڀوتي هئڻ باوجود سويلي پرهه جي تاري اڀرڻ سان اٿي ڪي ميل ڏور وڃي پنهنجي ڪمزور ڏيل سان رسيون ڇڪيندي پاتال تائين گهري کوهه مان پاڻي ڀري پنهنجي گهر واپس ورندي هوندي ته گهري ٿڪ وچان پنهنجي گرڀ واري ٻار جي باري ۾ سوچيندي هوندي ته ان وقت سندس خيال ڪهڙا هوندا؟ ان جي مستقبل جا هوءَ ڪهڙا خواب ڏسندي هوندي؟ اها گرڀوتي جڏهن اسپتال مان ان ئي ٻار جو سرد جسم کڻي گهر وري هوندي ته واقعي ان جي ذهن ۾ اسپتال جي اها اي سي گهمندي هوندي، جيڪا ان ڏينهن اسيمبليءَ ۾ تقرير دوران ٿر جي اسپتال جو منظر ياد ڪندي پنهنجي سنڌ جي وڏي وزير جي ذهن ۾ گهمي رهي هئي!!

    شايد اها دنيا ۾ واحد حڪومت آهي، جنهن جي سربراههِ اعليٰ کي ان تتي ريت واري ڏڪار ۾ بک مرندڙ ٻارن جو سبب غربت، اڻهوند ۽ رياستي ادارن جي غير فعال هجڻ يا حڪومتي نمائندن جي لاپرواهيءَ بجاءِ رڳو انهن داين جو قصور ٿي نظر آيو، جيڪي سندس حڪومت جي ڪارڪردگيءَ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ فعال آهن. پنهنجي سنڌ جي بادشاهه صفت حڪمرانن کي ان جي به ضرورت ناهي ته اهي توهان کي سندن حڪومت ۾ صحت کاتي جا اهي انگ اکر ٻڌائي سگهن، جيڪي هنن جي دور ۾ ان ٿر جي خدمت تي خرچ ڪيا هجن.

    شايد سنڌ واسين کي ايترو پتو نه هجي ته جن عورتن کي داين کان ويم ڪرائڻ جا طعنا ڏنا پيا وڃن، انهن جي درد وندين جي ديس ۾ گذريل ويهن سالن کان 181 ڊاڪٽرن جون جايون خالي آهن، جيڪي ٻيو ته ٺهيو پر موجوده حڪمرانن جي گذريل پنج سالن جي دور ۾ پڻ ڀرڻ بجاءِ ساڳئي ئي عالي مقام انهن جي زخمن سان کيڏڻ جي نئين راند متعارف ڪرائي آهي ته جن کي ڏيئي نه سگهجي، انهن کي ڏکوئجي ڪيئن؟ ٿر ۾ بيسڪ هيلٿ يونٽ جو بنيادي صحت فراهم ڪرڻ وارو ڍانچو ته وساري ڇڏيو پر جي ڳالهه انکان مٿي تعلقي اسپتالن جي ڪجي ته ضلعي جي پنج تعلقن ۾ مٺيءَ جي ضلعي اسپتال ڇڏي، ٻين تعلقي اسپتالن جهڙوڪ: ننگر پارڪر، ڇاڇري تعلقي ۾ ڏينهن اڄوڪي تائين ڪا ليڊي ڊاڪٽر، ڪا گائناڪولوجسٽ نه ڏٺي آهي، نه وري اتي ڪو ٻارن جو اسپيشلسٽ موجود آهي. رڳو تعلقي اسپتالون نه پر مٺيءَ جي ضلعي اسپتال به اڄ ڏينهن ڪنهن اسپيشلسٽ ڊاڪٽر جي شڪل کان واقف ناهي ٿي سگهي. 50 کان مٿي ڊسپينسريون به بجيٽ نه هئڻ ڪري بلڊنگن باوجود اسٽاف جي ڀرتي نه ٿيڻ ڪري فنڪشنل نه رهيون آهن. ٿر جي اهڙي ڏڪاريل صورتحال بعد به فقط پنجاهه کان مٿي ڊاڪٽر ڀرتي ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيل حڪومت جو سربراهه هانءُ تي هٿ رکي ٻڌاءِ ته ان صورتحال کي سمجهڻ بجاءِ مرندڙ ٻارن جي مائرن کي داين وٽ وڃڻ جو ڏوهه ڪيئن ٿو ڏيئي سگهجي! ضلعي اسپتال مٺيءَ جي سالياني بجيٽ ڪل ٽيانوي لک آهي، جنهن مان پنجاهه لک ته رڳو نانگ جي ڏنگ واري ويڪسين تي خرچ ٿين ٿا، ته پوءِ هر ڏينهن مٺيءَ جي اسپتال جي او پي ڊي، جيڪا سراسري طور هزار کن هجي ته ڇا باقي ٽيتاليهن هزارن ۾ ان اسپتال ۾ ڪهڙيون اي سيون ۽ ڪهڙا جنريٽر هلندا هوندا. اهي جيڪي ايوان ۾ ٿرين جي اهڙي توهين تي ٽهڪ ڏيئي کلندا رهيا، تن ٿرين جي نمائندن کان پڇجي ته چڪاس ڪري پنهنجي ٿرين کي ٻڌائين ته ساڻن گڏ اهي ٻيا سنڌ جا ڪهڙا ضلعا آهن، جن جي ضلعي اسپتال ٽيتاليهه لک سالياني جي بجيٽ تي هلندڙ آهي.

    حقيقت اها آهي ته سنڌ ۾ اقتدار تي قابض وڏيري جو عوام سان تعلق ختم ٿئي ڪو دور گذري چڪو آهي. هاڻي سنڌ سندن لاءِ مفتوح ڌرتي آهي، نه ته ڇا ٿر سان واسطو رکندڙ اسيمبليءَ جي انهن نمائندن کان جيڪي ان ڏينهن ان تقرير دوران وات تي تري ڏيو ٽهڪن ۾ پورا هئا، تن کان پڇاڻو نٿو ٿي سگهي ته سالياني ڇهه يا اٺ ڪروڙين رپين جي ترقياتي فنڊ مان، پنجن سالن جي لڳ ڀڳ چاليهه ڪروڙن کان مٿي واري ترقياتي فنڊ مان ٿرين کي ڇا ڇا ڏنو ويو؟ اهي ٻڌائين ته جڏهن ٻار ٻڍا ان ڏڪار جو کاڄ ٿيا، تڏهن هو ڪٿي هئا؟ اخبارن ته ائين لکيو ته پهرين مور مئا، پوءِ ڍور مئا ۽ پوءِ ابهم ٻارن جو وارو آيو هو. پر حقيقت ائين ناهي، پهرين ضمير مئو، پوءِ سماج جو گڏيل شعور کي موت آيو، ان کان پوءِ پاڻ ڏٺو ته سڄو ٿر مرندو رهيو.​
    روزاني ڪاوش جمع 09 مئي 2014ع amarsindhu@yahoo.co
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو