توکي سنڌ ساري ٿي!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453

    تـــوکـــي ســـنـڌ ســـاري ٿـــي!

    [​IMG]
    دودو چانڊيو
    سنڌ اندر 2010ع واري ٻوڏ جي تباهين نوان رڪارڊ قائم ڪيا. ان ٻوڏ سنڌي ماڻهن جي سهپ، صبر ۽ برداشت جو جتي امتحان ورتو، اتي کوڙ نوان هيرا ۽ موتي به نروار ڪيا، جن جو ڪردار وسارڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي. ملير نديءَ جي ڪناري تي هڪڙي ڳوٺ ۾ ٽاڪ منجهند جو امدادي سامان ورهائي رهيا هئاسين، طارق قريشي ۽ ان جي ڊاڪٽرياڻي گهر واري عورتن ۽ ٻارن کي دوائون ڏيئي رهيا هئا، اسان جي امدادي سرگرمين ۾ مصروف ٽيم مان هڪ عورت اٿي ۽ چيائين: ”هي ٻوڏ متاثر جنهن ويران عمارت ۾ رهن پيا، ان ۾ ته پکو به ناهي، هي گرمي ۾ ڪيئن رهندا هوندا!؟“ اهو سوال ڪرڻ بعد هوءَ ٿوري دير خاموش ٿي ويئي ۽ پنهنجي ڪار ۾ ويهي هلي وئي، اسان امدادي سامان ورهائي واندا ٿياسين ته اوچتو اها ڪار ٻيهر موٽي آهي، ان عورت ڪار مان پکا ڪڍيا. زور سان دانهن ڪري چيائين: ”جلدي ڪو بجلي جو ڪم ڪرڻ وارو وٺي اچو، هي پکا هنن ٻوڏ متاثرن کي هڻي ڏيو“. پوءِ مون وٽ آئي ۽ چيائين، ” هي پکا پنهنجي گهر مان ڪڍي آئي آهيان، اڄ رات منهنجي ٻارن کي به خبر پوي ته گرمي ڇا ٿيندي آهي!“ اها عورت هئي غزالا بتول صديقي! جنهن سان منهنجي واقفيت صرف ان ٻوڏ ۾ نه ٿي هئي پر ڪراچي جي ماڻهن جي سمنڊ ۾ جيڪي سنڌياڻيون ۽ سنڌي صرف ٻارن لاءِ نه ٿا جيئن ۽ ڪجهه ڪرڻ چاهين ٿا، غزالا صديقي ان قافلي جي سرگرم اڳواڻ هئي.

    ڪي ٽي اين آفيس ۾ هڪ ڏينهن ويٺو هئس، موبائيل فون جي گهنٽي وڳي، اڻ ڄاتل نمبر هو، هڪ ڀيرو نه کنيم، ٻيهر ڪال آئي ته فون کنيم، آواز آيو: ” منهنجو نالو غزالا صديقي آهي، آئون ڪراچي ايئرپورٽ تي پي آءِ اي ۾ آفيسر آهيان. اوهان جمع ڳوٺ تي ڪاهه خلاف ڪاوش ۾ مضمون لکيو آهي، ان لاءِ مبارڪ باد به ڏيڻ ٿي چاهيان ۽ آئون ان ڳوٺ ۾ وڃڻ ٿي چاهيان، مون کي ڪنهن ڳوٺاڻي سان رابطي جو نمبر ڏيو.“ اها فون ڪال غزالا صديقي سان پهرين واقفيت هئي، ٻئي ڏينهن جمع ڳوٺ، جيڪي سنڌياڻيون ۽ سنڌي پهتا، انهن مان وڏي اڪثريت کي غزالا صديقي گڏ ڪيو هو، ڪجهه ڏينهن ئي نه گذريا ته پي آءِ اي جي جهازن اندر سنڌي اخبارن جي غير موجودگيءَ جو مسئلو آيو، هوءَ پي آءِ اي جي ان ئي ڊپارٽمينٽ سان تعلق رکندڙ هئي. ان ۾ هن سچ ته پنهنجي نوڪري داءُ تي لڳائي ڇڏي. صبح کان رات تائين غزالا جا فون ايندا هئا، ”هاڻ هيئن ڪريو! هاڻي هن آفيسر سان ڳالهايو، هي فيڪس نمبر آهي، انهن تي شڪايتون موڪليو، هي آفيسرن جا نمبر آهن، انهن تي شڪايتون موڪليو!“ مطلب ته جيستائين ڪراچي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ويندڙ اڏامن ۾ سنڌي اخبارن وڃڻ شروع نه ٿيون، تيستائين سک جو ساهه نه کنيائين، انتهائي درويش صفت عورت، انتهائي بهادر، همت واري، گولين جي آڏو بيهي رهڻ واري، پر دل ۾ انتهائي نفيس، معصوم ۽ حساس غزالا تي اڄ جڏهن سندس ورسيءَ جي موقعي تي لکان ٿو ته اکيون ڀرجي ٿيون اچن.

    لياري آپريشن عروج تي هو، رستا سيل هئا، اندر عورتون ۽ ٻار پاڻي ۽ اناج لاءِ مظاهرا ڪري رهيا هئا. چيل چوڪ کان اڳتي ميڊيا جي نمائندن کي به وڃڻ جي اجازت نه هئي. عوامي تحريڪ سميت قومپرست جماعتن سنڌ ۾ مظاهرا پئي ڪيا، رات جو هڪ وڳي غزالا صديقي جي فون آئي ته، مون پاڻي ۽ راشن گڏ ڪيو آهي، اوهان هلو ته گڏجي لياري ۾ ڏيئي اچون. مون مذاق ۾ چيو: آئون اڃا جيئڻ ٿو چاهيان. جان جوکي ۾ نه ٿو وجهڻ چاهيان، منهنجو اهو جملو غزالا صديقي کي خراب لڳو. ڪاوڙ ۾ اهو چئي فون بند ڪيائين ته، ”اوهان چوڙيون پائي ويهو، آئون وڃان ٿي لياري“...سندس ان جملي تي ڪاوڙجڻ بدران سوچيم ته، ”هي واقعي هلي ويندي ۽ لياري ۾ داخل ٿيڻ جان خطري ۾ وجهڻ جي برابر آهي، مون ڪافي فون ڪيا، پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي. مونکي اچي پريشاني ورايو. مون ادي تسليم مگسي کي فون ڪئي ته اوهان غزالا کي سمجهايو هوءَ لياري پئي وڃي، سندس حياتي خطري ۾ آهي، ڪابه انڌي گولي هن جي جان وٺي سگهي ٿي، پر غزالا ڪاوڙ ۾ هئي، هن ادي تسليم مگسي جي به فون نه کنئي، رات جو 3 وڳي هن جي فون آئي، پهرين دڙڪا ڏنائين، پوءِ وڏو ٽهڪ ڏيئي چيائين: ”آئون ميوا شاهه قبرستان واري پاسي کان پاڻي ۽ راشن سميت لياري ۾ داخل ٿي ويس، مون اُڃايل عورتن ۽ ٻارن کي پاڻي ڏنو، پنهنجو اباڻو گهر به ڏٺم، اهي گهٽيون به گهمي آيس، جتي مون ننڍپڻ ۾ رانديون ڪيون“. ٿوري دير لاءِ مون کي هوءَ ليلا خالد لڳي، جيڪا جهاز هائجيڪ ڪرڻ بعد جڏهن فلسطين جي ڳوٺن کي ڏسي روئي پوي ٿي ۽ چوي ٿي ته اهي ڳوٺ ۽ گهٽيون ڪڏهن اسان جا هئا.

    انهن ڏينهن ۾ مهاجر صوبي جا نعرا لڳا، پراسرار نموني شهر ۾ جلوس نڪرڻ شروع ٿيا، عوامي تحريڪ ۽ لياري جي رهواسين سنڌ جي ورهاڱي واري نعري خلاف ريلي جو اعلان ڪيو. شهر ۾ ٽينشن به هو، صورتحال انتهائي خطري واري هئي، پر ڏسندي ڏسندي لياري ۾ هزارين سنڌي ۽ بلوچ گڏ ٿيا. اهڙي ماحول ۾ غزالا صديقي ڪٿي ٿي گهر ۾ ويهي سگهي. ان وقت منهنجي ساٿي جرنلسٽ شڪيل سومري ان جو انٽرويو ڪيو، جيئن هن سنڌ جي دشمنن کي للڪاريو، اهو تاريخ جو حصو آهي، محبت سنڌ جي نالي سان نڪتل اها ريلي جيئن ئي لياري ڇڏي صدر ٽائون ۾ داخل ٿي ته دهشتگردن چئني طرفن کان حملو ڪيو. اڄ محبت سنڌ ريلي جي شهيدن جي ورسي آهي، غزالا صديقي سميت سمورا شهيد سنڌ جا هيرو آهن، جن جانين جا نذرانا ڏئي سنڌ جي ورهاڱي وارو باب بند ڪيو. مون پنهنجي فون ڪڍي، غزالا جو نمبر ڏٺو ۽ پاڻمرادو چيم: ”غزالا! ڪيترا ڏانهن ٿي ويا آهن، تنهنجي فون ناهي آئي، دڙڪا ناهن مليا، اسان جي بهادر ڀيڻ غزالا! اڄ اوهان کي سنڌ ساري ٿي.

    روزاني ڪاوشخميس 22 مئي 2014ع dodochandio@yahoo.com

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو