پيا ڄمندا ڄام، منهنجي ماتر-ڀونءِ تي! درمحمد پٺاڻچونڊن ڏانهن وٺي ويندڙ طريقيڪار جو پهريون مرحلو، يعني نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرائڻ وارو عمل مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن دوران ڪجهه اميدوارن طرفان ٿيندڙ هٿيارن جي نماءَ جو نوٽيس وٺندي، اليڪشن ڪميشن طرفان حڪم ڏنو ويو آهي ته هٿيارن جو نماءُ ڪندڙ اميدوارن جا نامزدگي فارم رد ڪيا وڃن. ساڳئي وقت لائسنس وارن هٿيارن جي کڻي هلڻ تي پڻ پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. اڄ کان شروع ٿيندڙ ٻئي مرحلي ۾ ٻٽي شهريت، جعلي ڊگرين سميت مختلف حوالن سان اميدوارن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿيڻي آهي ۽ جيئن ته اهو ٻيو مرحلو شروع ٿي ويو آهي، پر اڃا تائين وفاق توڙي بلوچستان ۾نگران حڪومتون جڙي نه سگهيون آهن. چونڊن جو عمل هونئن ته مسلسل عمل آهي، جيڪو ووٽر لسٽن جي تياريءَ ۽ تڪبندين کان شروع ٿئي ٿو، پر چونڊن جو اصل چهچٽو چونڊن جي شيڊيول پڌري ٿيڻ کان شروع ٿي چونڊن جي نتيجن جي اعلان تائين هلي ٿو. پهرئين مرحلي جي پڄاڻيءَ کانپوءِ هاڻي جيڪو ٻيو مرحلو اڄ کان شروع ٿيو آهي، ان ۾ داخل ڪيل نامزدگي ڪاغذن جي مختلف حوالن سان جاچ پڙتال ٿيڻي آهي، جيڪو ڪم ته اليڪشن ڪميشن جو آهي، پر ان سڄي عمل ۾ نادرا سميت مختلف ادارا اليڪشن ڪميشن سان معاونت ۾ هوندا. نامزدگي فارم جمع ڪرائڻ کانپوءِ جاچ پڙتال وارو اهو مرحلو انتهائي اهم مرحلو آهي، جنهن ۾ اليڪشن ڪميشن کي مختلف حوالن سان اميدوار ڇنڊي ڇاڻي سامهون آڻڻا آهن. ان حوالي سان اصول ۽ ضابطا ته بهتر جوڙيا ويا آهن، پر ڏسجي ته خود اليڪشن ڪميشن ۾ انهن تي ڪيترو عمل ٿئي ٿو! اها ته بهتر ڳالهه ٿي آهي، جو اليڪشن ڪميشن طرفان چيو ويو آهي ته 5 ووٽ به جعلي پيا ته سڄي تڪ جو نتيجو رد ڪيو ويندو، پر هتي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهڙي مانيٽرنگ ڪير ڪندو؟ اهڙا تڪ يا وري اهڙن تڪن جون پولنگ اسٽيشنون، جتي ڪنهن اميدوارن جو گهڻو اثر هجي، اهي پولنگ اسٽيشنون اهڙن اميدوارن وٽ يرغمال هونديون آهن، اتي اليڪشن چورائي ويندي آهي، اتي چونڊ عمل ڪيئن مانيٽر ٿيندو؟ چونڊون ڪرائيندڙ اليڪشن عملو ته اهڙين پولنگ اسٽيشنن تي به يرغمال بڻيل هوندو آهي ۽ باقي سوال رهيو فوج جي مقرريءَ جو - ته اها ته سڀني پولنگ اسٽيشنن تي مقرر ٿيل نه هوندي. اهڙي صورتحال ۾ اليڪشن ڪميشن ڇا ڪندي؟ ڪيترن تڪن جا نتيجا رد ڪيا ويندا؟ سنڌ ۾ ته اليڪشن جنگ سمجهي وڙهي وڃي ٿي ۽ نامزدگي فارم داخل ڪرائڻ وقت ئي هٿيارن جو ايڏو نماءُ ڪيو وڃي ٿو ته جڏهن اليڪشن ورڪ دوران يا وري اليڪشن واري ڏينهن اهي ڀوتارڪيون انائون هڪ ٻئي جي سامهون هونديون ته ڪيڏو وڏو نقصان ٿي سگهي ٿو! چونڊن ڏانهن وٺي ويندڙ عمل جو ٻيو مرحلو ته شروع ٿي ويو آهي پر حد ته اها آهي جو اڃا تائين وفاق ۾ ۽ بلوچستان ۾نگران حڪومت جڙي نه سگهي آهي، پنجاب ۾ به نگران حڪومت اڄ قسم کڻي رهي آهي. وفاق ۾ سڄو سارو هفتو گذري وڃڻ کانپوءِ به نگران حڪومت ٺهي نه سگهي آهي، جڏهن ته چونڊن ۾ باقي 40 ڏينهن مس وڃي بچيا آهن. نگران حڪومت نه جڙي سگهڻ ڪري سمورا معاملا تعطل جو شڪار آهن، ملڪ جو هموار وهنوار نه پيو هلي سگهي. آخر ڪهڙيون مصلحتون ۽ مجبوريون آهن؟ ڪهڙي مفادن جي جنگ آهي؟ اڃا ته نگران حڪومت ٺهڻي آهي ۽ پوءِ باقي بچيل ڏينهن ۾ ان کي امن امان سميت مختلف ٽاسڪ حاصل ڪرڻا آهن، ته جيئن اليڪشن جو پر امن انعقاد ممڪن بڻائي سگهجي، پر نگران حڪومت جي جوڙجڪ ۾ ايڏي دير سان ڳڻتيءَ ۾ واڌ ٿيڻ فطري ڳالهه آهي. سمجهه ۾ نٿو اچي ته آخر اهي ڪهڙا مسئلا آهن، جيڪي حل نه پيا ٿين؟ هن وقت ملڪ ۾ امن امان جي جيڪا خراب صورتحال آهي، ان حساب سان اليڪشن ڪميشن لاءِ پرامن ماحول ۾ شفاف چونڊون ڪرائڻ يقينن هڪ تمام وڏو ۽ ڏکيو ٽاسڪ آهي، جنهن جي تڪميل لاءِ انتهائي سختي ۽ سنجيدگيءَ جي ضرورت آهي. گڏوگڏ وفاق توڙي صوبن ۾ نگران حڪومتن جي جوڙجڪ ۾ دير به ڳڻتي جوڳي آهي، ان ڪري بنا دير جي نگران حڪومتن جي جوڙجڪ وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي، جو نگران حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن کي گڏجي عام چونڊن وارو ٽاسڪ تڪميل تي پهچائڻو آهي. چونڊن سان لاڳاپيل معاملا ته اليڪشن ڪميشن کي حل ڪرڻا آهن، پر انتظامي معاملا ته نگران حڪومت جي ذميواري آهي ۽ انتظامي افراتفريءَ جي خاتمي لاءِ نگران حڪومتن جي جوڙجڪ مڪمل ڪرڻ گهرجي. روزاني ڪاوش، سومر پهرين اپريل 2013ع