اڄ کان 55 سال اڳ جڏهن منهنجي ڏاڙهي جا ڪجهه ڪجهه وار نڪتا هئا تڏهن مون هڪ ڪتاب لکيو ” خدا، انسان ۽ جانور“ جنهن ۾ مون ”عالمي رياست“ جو تصور ڏنو. ان وقت منهنجي ذهن تي اهي خيال اڀرڻ لڳا ته سڄي دنيا جو نظام غلط آهي، سرحدون غلط آهن جيڪي به دنيا ۾ ملڪ يا سلطنتون آهن اهي بادشاهن، حملا آورن يا فاتحن دهشتگردي ذريعي قائم ڪيون ۽ انسان ذات کي لڳاتار گذريل پنج هزار سالن تائين ”غلامي“ هيٺ رکيو. ايڏي ڊگهي عرصي دوران دنيا جي هڪ به قوم کي آزاد رهڻ نه ڏنو ويو. انهن جا پيداواري وسيلا ۽ ٻيون ملڪيتون صدين تائين ڦربيون رهيون. غلام قومن کي ”فاتحن“ جون ٻوليون ۽ مذهبي عقيدا قبول ڪرڻا پيا. اها ڳالهه ڪيئن رڪارڊ تي آڻجي، ڪيئن اهو ثابت ڪجي. اهڙيون شاهديون فقط تاريخ ۾ لڪل آهن. 55 سال اڳ مون فيصلو ڪيو ته پنهنجي ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ عالمي تاريخ پڙهندس، ان لاءِ مون پاڻ وٽ ٻه پروفيسر ۽ ٻه ليڪچرر ڪيئن سالن تائين پارٽ ٽائيم طور رکيا. پوءِ مون دنيا جا سڀ مذهب، سمورين عالمي ڏند ڪٿائون، عالمي اقتصاديات پڙهي ان سان گڏ عالمي ٻولين جو وسيع مطالعو به ڪيو پنج هزار سال اڳ دنيا ۾ لڳ ڀڳ ڏھ هزار ٻوليون ڳالهايون وينديون هيون. انهن مان فقط ست (7) فاتحن جي ٻولين کي اهميت حاصل هئي. اڄ به دنيا ۾ اوتريون ئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون. انهن مان فقط ستن يا اٺن حمله آورن جي ٻولين کي اهميت حاصل آهي. جيئن ته ايڏي ڊگهي ۽ اڻانگي مطالعي لاءِ فقط هڪ عمر ڪافي نه ئي، ان ڪري مون وقت بچائڻ لاءِ زندگيءَ ۾ هڪ ڏينهن به موڪل نه ڪئي. عيد ۽ ٻين اهم ڏينهن تي به مطالعو جاري رکيم، نيٺ مون پنهنجي ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ 1998ع ۽ 2014 جي وچ ڌاري پنج انگريزيءَ ۾ ڪتاب لکيا جيڪي آمريڪا ۽ انڊيا ۾ شايع ٿيا آهن. اڄ جڏهن حساب لڳايان ٿو ته انهن ڪتابن ڪو به ڪارنامو سرانجام نه ڏنو. ڪنهن به منهنجي ڳالهه نه ٻڌي، آئون سڀ ڪجهه چوڻ جي باوجود ڪجهه نه چئي سگهيس. سموري زندگي اجائي هلي وئي.