منصور سرور
سينيئر رڪن
زرار پيرزادو
برطانوي اخبار” فنانشل ٽائمز“ اڄ جي ڪراچيءَ تي تبصرو ڪندي لکيو آهي ته” پاڪستاني معيشت جي انجڻ يعني ڪراچي اڄ دنيا جو سڀ کان وڏو پرتشدد ميگا سٽي بڻجي ويو آهي. اغوا ۽ منشيات جي اسمگلنگ جو گهر بڻجي چڪو آهي ۽ ڪراچيءَ ۾ حڪومتي رٽ نالي ڪا شئي ئي ناهي.“
¨ سو عالمي سطح تي ڏوهن، اغوائن، ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ تشدد ۾ بدنام ٿيل شهر ڪراچي جنهن صوبي ۾ آهي تنهن صوبي جو هن وقت ڪو صوبائي گهرو وزير ئي مقرر ناهي ٿيل.
¨ انهيءَ ۾ ڪو شڪ ناهي ته”ڪراچيءَ ۾ ڏوهارين جو راڄ آهي. ڏوهارين لاءِ ڪراچي ڏوهن جو وڏو مرڪز بڻجي ويو آهي. هتي ڪنهن به ماڻهوءَ جي جان، مال ۽ عزت محفوظ ناهي. اهي جڏهن ۽ جتي به چاهين ڪابه ننڍي وڏي واردات ڪري سگهن ٿا. ڏوهارين جو نيٽ ورڪ حڪومتي نيٽ ورڪ کان وڌيڪ مضبوط ۽ فعال آهي.
¨ اڄ ڪراچيءَ ۾ هر ماڻهو ڏوهارين جي ٽارگيٽ تي آهي. اسٽريٽ ڪرائيم جو عالم اهو آهي ته هاڻي ريڙهن وارا به ڦورن کان محفوظ ناهن.
¨ هاڻي سوال اهو ٿو پئدا ٿئي ته آخر ڪراچي ايڏو خوفناڪ، ڏوهارين ۽ دهشتگردن جو شهر ڇو بڻجي ويو آهي. انهيءَ جو جواب اهو آهي ته جن ادارن کي ماڻهن جي جان، مال ۽ عزت جي تحفظ جي ذميواري ڏني وئي آهي سي پاڻ سڌي يا اڻ سڌي نموني ڏوهن ۾ ملوث آهن.
¨ حڪومت هجي، فوج هجي رينجرز هجي، پوليس يا سياسي پارٽي هجن، اهي پاڻ ڏوهن، ڦرن، ڀتن ۽ اغوائن ۾ ملوث آهن. ڪراچيءَ ۾ ته پوليس وردي پهريل ڪيترن ڏوهارين کي واردات ڪندي پڪڙيو ويو آهي.
¨ ڪجهه وقت اڳ اڳوڻي پوليس سربراھ شاهد حيات پريس ڪانفرنس ۾ اهو انڪشاف ڪري چڪو آهي ته جيڪي به ڏوهاري پڪڙيون ٿا تن ۾ اڪثريت سرڪاري ملازمن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪن جي آهي.
¨ سپريم ڪورٽ به پنهنجي رپورٽ ۾ اهو انڪشاف ڪري چڪي آهي ته ڪراچي ۾ ڏوهارين ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ کي سياسي پارٽين جي پٺڀرائي حاصل رهي آهي.
¨ ڪجهه وقت اڳ اهي به رپورٽون اخبارن ۾ ڇپيون هيون ته ڪراچي جي هڪ نيوي هيڊ ڪوارٽر مان هڪ يرغمالي کي بازياب ڪرايو ويو هيو.
¨ سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته جيڪڏهن سيڪيورٽي ادارن مان به اغوا ٿيل ماڻهو بازياب ٿيڻ لڳن ته پوءِ باقي ڇا ٿو بچي؟