منصور سرور
سينيئر رڪن
سرمد
پيپلز پارٽي 2008ع کان 2013ع تائين مرڪز ۽ سنڌ ۾ حڪومت ۾ رهي ۽ ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان پڻ حصيدار رهي... جي اهو کڻي مڃجي ته ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ مخصوص حالتن ڪري ان کي ڊليور ڪرڻ ۾ ڏکيائي هئي جو ڪي پي ٽيررزم جي حوالي کان ڏکيو صوبو هو ۽ عوامي نيشنل پارٽي رت جي ندي وهائڻ باوجود 2013ع وارين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ ۽ ٽي ٽي پيءَ جي گڏيل سهڪار سان ڌوپي وئي.... ۽ بلوچستان ۾ گوريلا جنگ ڪري بلوچستان ۾ پ پ جو وڏو وزير رئيساڻي هڪ ڊگهي ۽ گهري معاشقي کانسواءِ ڪجهه ڊليور نه ڪري سگهيو ۽ هڪڙو بيوس گڏو هو ۽ اصل اختيار ڪٿي ٻئي هنڌ هئا... پر سنڌ ۾ ته پ پ جي مڪمل حڪومت هئي.
مئي 2013ع وارين چونڊن ۾ پيپلزپارٽي 2008ع وارين چونڊن کان وڌيڪ طاقت سان حڪومت جوڙي. 2008ع واري حڪومت سازيءَ ۾ پ پ سان ايم ڪيو ايم ۽ فنڪشنل ليگ ڀاڱي ڀائيوار هئي پر هاڻ ته ائين به ناهي. ايم ڪيو ايم برابر پ پ حڪومت ۾ شامل آهي پر پ پ اڪيلي سر حڪومت جوڙي ۽ هلي سگهي ٿي. ائين چئي سگهجي ٿو ته پ پ جي سنڌ ۾ پوزيشن ائين آهي جيئن پنجاب ۾ نواز ليگ جي يا خيبر پختونخواهه ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي پر ان باوجود آخر اهي ڪهڙا ڪارڻ آهن جيڪي پ پ کي روايتي سياست کان بالاتر ڪرڻ کان لاچار آهن...
پوسٽ—بي بي (محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ واري پارٽي) دؤر ڪنهن به صورت ۾ پيپلزپارٽيءَ جي اڳوڻي ڪلچر جي ابتڙ آهي. ذات وڏيرن ۽ اثر رسوخ رکندڙ ماڻهن جي مجبوري آهي ته اهي پ پ ۾ اچن جو عددي حساب ۾ پ پ ئي حڪومت جوڙڻ جي پوزيشن ۾ هجي ٿي ۽ وڏيرو ۽ سردار اقتدار کان پري معنيٰ پاڻيءَ کانسواءِ مڇيءَ جي برابر آهي.
پر جي اوهان جو خيال آهي ته پ پ وڏيري ۽ سردار جي شموليت کانسواءِ به ساڳي پوزيشن ۾ رهندي ته هاڻ اهو ممڪن ناهي... ڪنهن وقت پيپلزپارٽي نوجوانن ۾ رومانس جو نالو هئي ۽ ان پويان ڀٽوز جو تصور ۽ رت شامل هو. پيپلزپارٽي هاڻي ان رومانس کان خالي جماعت آهي جنهن کي پاور پاليٽڪس جو ڊگهو تجربو ته آهي پر اسپرٽ به اهو آهي؟ اهو سوال پيپلزپارٽي جي موجوده هاءِ ڪمان کي سوچڻ جي دعوت ڏئي ٿو.
آصف علي زرداريءَ پ پ کي پاور- پرمٽ ۽ پلاٽ واري جماعت ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ بلاول ڀٽو سموري جولان ۽ جذبي باوجود حقيقت پسنديءَ بجاءِ fantasy ۾ رهڻ وارو نوجوان آهي. کيس حقيقتن جي ائين پروڙ ناهي جيئن محترمه کي هئي... آخر هن پيءُ جي ذهني ۽ سياسي وراثت ائين ته حاصل نه ڪئي هئي.... هن والد جي ڦاهيءَ واري درد ۽ آمريت جي تلز تجربن ۽ سازشن مان سکيو ۽ سک ڇڏي ڏنا. 23 سالا پنڪي پاڪستاني سياست جي صحرا ۾ ڪيئن گهٽائون بڻجي اڀري، گرجي ۽ برسي... اهو پاڪستاني سياست جو سونهرو باب آهي ۽ موٽ ۾ هن جون آف آرڪ ۽ جهانسيءَ جي راڻيءَ کي به مات ڏئي ڇڏيو.
محتمه جي شهادت کانپوءِ جهڙين به حالتن ۾ پارٽي زرداريءَ جي هٿن ۾ آئي، ان حالت ۾ هو اهو ئي ڪري سگهيو ٿي جيڪو هن ڪيو. (زرداريءَ مان وڌيڪ ڪهڙي اُميد ڪري پئي سگهياسين؟) هو محلاتي سازشن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي راند کي منهن ڏيڻ ۾ پاڻ کي ليجنڊري بڻائي سگهيو ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي.
جنرل ڪياني ۽ جنرل (ر) پاشا جي سلطنت ۾ جيڪي سازشون ٿيون ۽ جنهن چالاڪي ۽ صبر، سياڻپ ۽ چالبازيءَ سان هن منهن ڏنو—ان ڏس ۾ ميان نواز شريف کي زرداريءَ جي درسگاهه جا مٽ ڀرڻ گهرجن. نواز شريف ضدي ۽ پاڻ کي عقل ڪل سمجهندڙ آهي پر زرداريءَ وٽ مولانا فضل الرحمان واري flexibility آهي ۽ زرداري پنهنجي اقتدار کي بچائڻ لاءِ ڪنهن کي ڪهڙي به فيور (Favor) ڏئي سگهي ٿو.
آصف علي زرداريءَ جو passion (جنون) عوام ناهي ۽ نه عوامي آدرش هن جي صليب آهي. هن لاءِ سڀ ڪجهه پراپرٽي آهي ۽ هن جي اسٽيٽسٽڪس (شماريات) دراصل ملڪيت بابت آهي ۽ ان ۾ هو دنيا جي ڪامياب ترين ماڻهن ۾ ڳڻي سگهجي ٿو.
ليڊرشپ محض 5 سال اقتدار بچائڻ، ڏيتي ليتي ڪرڻ ۽ هيراڦيريءَ جو نالو آهي؟ پراپرٽيءَ جي مينارن مٿان وڌيڪ مينار جوڙڻ جو نالو آهي؟ (جي ڪسوٽي اها آهي ته ملڪ رياض پاڪستان جو سڀ کان وڏو ليڊر هجڻ گهرجي.)
جي ليڊرشپ جو مطلب مڪاريءَ کي مڪاريءَ، غلط کي غلط ۽ اطاعت پسنديءَ سان منهن ڏيڻ آهي ته پوءِ دنيا جي وڏي قيادت واري فهرست تي منڌيئڙو ڦيرائڻ گهرجي. آصف علي زرداري پاڪستاني سياست جي راويتي ڪلچر جو پرنس ميڪاولي آهي... ان ۾ ڪنهن شڪ جي گنجائش ناهي.
پر سوال آهي ته ان ۾ اوهان ۽ توهان لاءِ اتساهه ۽ اُميد جي ڪهڙي ڳالهه آهي؟ جي حالتون ساڳيون رهن ۽ جيئن پوءِ تيئن خراب ٿينديون وڃن، ماڻهن جي روزمره واري زندگيءَ ۾ ڪا تبديلي نه اچي ۽ ڪجهه به تبديل نه ٿئي ۽ جي تبديل ٿئي به ته ابتر حالتن طرف هجي؛ تڏهن اها سياست اسٽيٽس ڪو (جمود) جو نالو هجي ٿي ۽ سنڌ ۾ ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي جي سياست هجي يا قومپرست جماعتن جي.... اها بي رحم جمود جو شڪار ٿي چڪي آهي.
پيپلزپارٽيءَ کي 2013ع وارين چونڊن کانپوءِ حڪومت ۾ هڪ سال ٿي چڪو آهي ۽ جي ان هڪ سال جو جائزو وٺبو ته پارٽيءَ ۾ تخليقي سگهه جو ڏڪار نظر ايندو. پارٽي حڪومت سنڌ کي ڪو vision ڏئي نه سگهي آهي ۽ نه روڊ مئپ.. هيءَ انهيءَ خيالي ٻيڙي جيان اڳتي وڌڻ ۾ مصروف آهي، جنهن کي پتو ناهي ته اڳيان ڪنارو آهي يا اونداهي برفاني ڇپ آهي--- ۽ نه پارٽيءَ جي فلاسافرن ۽ پنڊتن کي ان جو خوف آهي ته هو پاڻ سان گڏ سڄي crew (عملي) ۽ مسافرن کي ٻه ٻوڙي ماريندا... ڇو ته فلاسافر ڊڄندا آهن.. ڇو ته هو سوچي سگهندا آهن... تڏهن ته ڀٽائي چيو هو، ’الا ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن.‘
پيپلز پارٽيءَ کي ڀرپور تخليقي ڪيفيت مان گذرڻ جي ضرورت آهي. اهو تصور جيڪو ذوالفقار علي ڀٽو ۾ هو ۽ هن جي موت کانپوءِ ضياءَ جي انڌاري رات ۾ بي بي شهيد ۾ هو... جي هن پارٽيءَ جي موجوده قيادت ۾ ٿوري به تخليقي صلاحيت هجي ها ته اڄ سنڌ جو وڏو وزير ٻيو هجي ها ۽ ٽئين ڀيري واري تجربي تي قناعت جي ضرورت نه پئي ها... اتي ميان شهباز شريف جو به مثال اچي سگهي ٿو پر ڪڏهن شريفن جي سياست کي اسان creative category ۾ رکيو هو؟ وري به انتظام ۽ وقت سر قدم کڻڻ ۽ ترقياتي منصوبن ۽ انفرا اسٽرڪچر کان شهباز شريف جو رڪارڊ بهتر آهي ۽ اهو باقي ٽنهي صوبن ۾ نه ٿو ملي.
پيپلزپارٽيءَ کي نئين توانائي جي ضرورت آهي... پارٽيءَ جي اولڊ گارڊ ڪرپٽ ٿي چڪي آهي ۽ ان ۾ تخليقي صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي ۽ ستر اسي سالا عمر ڪنهن به صورت ۾ تخليقي صلاحيت کان بي بهرا هجي ٿي. ان ۾ vision نه ٿو هجي. پارٽيءَ کي هيٺين سطح تي ٻيهر سرگرم ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان کي شاعريءَ جي زره مان گذارڻ جي ضرورت آهي. اها تلوار جنهن کي زنگ لڳي چڪو آهي، ان کي ڇهه ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ڇا بلاول ڀٽو، آصفه ۽ بختاور ان پرک تي پورو لهي سگهن ٿا؟ ڇا آصف علي زرداري پارٽيءَ مان گرفت ڪمزور ڪري بلاول کي پوري گرفت جي اجازت ڏيندو ۽ ڇا بلاول ڀٽو کي شين جو ادراڪ آهي ۽ اهو ته رڳو جذباتي تقريرن سان حالتون تبديل نه ٿينديون آهن ۽ جذباتي ۽ سٺي تقرير ۾ ته ڊاڪٽر علامه طاهر القادري ۽ شيخ رشيد (ٽلي) به ڀڙ آهن ۽ ان فن ۾ پاڪستان ۾ ڪيئي موجود آهن جيڪي مقابلي ۾ لاهڻ (تقرير بازيءَ واري) جهڙا آهن. ان ڪري کيس rhetoric کان وڌيڪ substance تي ڌيان ڏيڻ جي تڪليف ڪرڻ گهرجي.
بي بي شهيد جي پارٽي وراثت محض تڪراري وصيعت (will) جي ٽڪري جي صورت ۾ ممڪن ناهي پر جي عام ماڻهو جي حالتن ۾ تبديلي نه ٿي اچي ته سمجهو سڄي جدوجهد ۽ عظيم قربانيون اجايون ويون.... ۽ ڏاڍو تيزيءَ سان پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومتي رڪارڊ سان پنهنجي قيادت ۽ ڪارڪنن جي عظيم قربانين کي ضايع ڪرڻ طرف روان دوان آهي.