ڪراچي ۾ پراڻي دهشتگردي جون نيون لهرون...!!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪراچي ۾ پراڻي دهشتگردي جون نيون لهرون...!!
    [​IMG]

    ذولفقار ٻگهيو
    ڪي ماڻهو چون ٿا ته، ڪراچي ۾ دهشتگردي جي نئين لهر شروع ٿي آهي، پر مان ان سان قطعي اتفاق نه ٿو ڪريان، ڪراچي ۾ موجوده صورتحال کي رڳو ايئن چئي سگهجي ٿو ته، ’’پراڻي دهشتگردي جون نيون لهرون‘‘ آهن. ڇو ته ڪراچي ۾ دهشتگردي ته سالن کان هلي پئي ۽ سرڪار جي وزيرن جا اُهي بيان بلڪل صحيح هوندا آهن ته جنرل ضياءَ جي دور ۾ ڪراچي ۾ منشيات ۽ ڪلاشنڪوف ڪلچر آيو ۽ پوءِ دهشتگردي وڌندي رهي، پر جڏهن اهي وزير اهو چوندا آهن ته ايترا سال پراڻو گند جلدي صاف نه ٿو ڪري سگهجي، ته ان تي کلڻ کانسواءِ رهي نه سگهبو آهي. هن گند کي ڌوئي صاف ڪرڻ جي توهان مان ڪنهن کي به اميد نه آهي، پر هن بدامني کي گهٽايو ته سهي، ڏوهن جو هڪ رُخ ته ختم ڪريو. اڄ کان پندرنهن ويهه سال اڳ جيڪو ڪرائيم هو، ان ۾ گهٽتائي ته ٺهيو، آپگهاتي حملن ۽ طالبان جي شڪل ۾ اسان کي خطرناڪ واڌ نظر اچي ٿي، قانون لاڳو ڪندڙن کي هڪڙن کان خطرو آهي ته وري هتي صحافين تي ٻيا پيا حملا ڪن. سياستدانن کي هڪڙا پيا نشانو بڻائين ته ڪامورا به ٽارگيٽ تي آهن. بم ڌماڪن جو خوف ته ڪراچي ۾ هر وقت موجود آهي، جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به نشانو بڻجن ٿا ته وري واپاري ڀُنگ ۽ ڀتي لاءِ اغوا به ٿين ٿا. هٿيارن جي هتي آمد جو اڻ کُٽ سلسلو جاري آهي ته وري هتان منشيات جا ڪنٽينر ٻاهر اسمگل ٿين ٿا.

    سڀ کان پهرين ڳالهه ڪريون ٿا، سينيئر صحافي ۽ اينڪر پرسن حامد مير تي ڪراچي ۾ ٿيل قاتلاڻي حملي جي، حامد مير لاءِ اهو چوڻ ته هو ملڪ جو ڀلوڙ صحافي آهي، قطعي غلط نه ٿيندو. گهڻن سالن جي ڪرائيم رپورٽنگ جي تجربي مان جيتري مون کي خبر آهي ته ڪنهن به حملي کان اڳ جيڪڏهن ڪوبه شخص پاڻ تي حملي بابت ڪنهن به ڌر يا شخصيتن بابت ڪنهن قسم جا خدشا اڳواٽ ٻڌائي ٿو ته واقعي جي جاچ ٽيم لاءِ ان جي تمام گهڻي اهميت هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان شخص کي مختلف ذريعن يا وري پنهنجي ڪنهن عمل سبب خبر هوندي آهي ته جنهن تي هو الزام هڻي پيو، اهو مٿس حملو ڇو ڪندو يا ڪرائيندو؟ ان ڪري حملي کان اڳ وارو بيان اهم هوندو آهي، پر جيڪڏهن حملي ۾ متاثر رڳو زخمي ٿئي ٿو ته پوءِ هوش ۾ اچڻ بعد هن پاران ڏنل بيان اڳئين بيان کان به وڌيڪ اهم ٿي ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته اڳيون بيان هن جنهن وقت ڏنو ۽ جڏهن حملو ٿيو، ان صورتحال ڪٿي تبديل ته نه ٿي وئي هئي ۽ ڪو ٻيو ملزم فائدو ته نه پيو وٺي.حامد مير تي حملي بعد ڪجهه اهڙو بحث شروع ٿي ويو آهي ته حملي کان ڪجهه عرصو اڳ ڏنل بيان تي ڪيترو عمل ٿيڻ گهرجي.

    هڪ ٻي ڳالهه ته ڪرائيم ۾ خاص طور جي قتل ٿئي ٿو ته ان ڪيس ۾ واقعي جي جاچ ٽيم پرائيم سسپيڪٽ (مک جوابدار) ان ڌر يا شخص کي سمجهندي آهي، جنهن کي ان قتل مان فائدو ٿيندو هجي. هي ڪيس ڪهڙو رخ ٿو اختيار ڪري، اها خدا کي خبر، پر ايترو ضرور آهي ته حامد مير تي حملي ۾ ملوث ماڻهو اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ هڪ ئي وقت رابطي ۾ هئا،جڏهن هو اتان نڪتو ته اتان وارن ضرور ڪراچي وارن کي ٻڌايو هوندو ۽ پوءِ ڪم ٿي وڃڻ بعد ڪراچي وارن اسلام آباد وارن کي ضرور خبر ڏني هوندي. بهرحال هن واقعي جي جاچ به ڊگهي هلندي، باقي ڪراچي پوليس ته ماهر آهي، جلد هڪڙي رپورٽ ڏيندي ته حامد مير تي جنهن پستول سان فائر ٿيا آهن ان بابت فرانزڪ ليب ٻڌايو آهي ته اهو پستول ڪراچي ۾ فلاڻن فلاڻن ماڻهن جي قتلن ۾ به استعمال ٿيو آهي.....!!!،

    ڪراچي شهر ۾ بدامني ڏسي سپريم ڪورٽ پاران ان جو نوٽيس وٺي ڪراچي بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪرڻ ۽ صورتحال تي سخت رمارڪس ڏيڻ بعد نيٺ وزير اعظم نواز شريف صورتحال جي سنگيني کي نظر ۾ رکندي وفاقي ڪابينا سان گڏ ڪراچي پهتو ۽ سخت فيصلا ڪندي ڪراچي آپريشن جو حڪم ڏنو، جيڪو گذريل سال 5 سيپٽمبر کان شروع ڪيو ويو.رينجرز ۽ پوليس گڏجي ٽارگيٽيد آپريشن شروع ڪيو، ان وقت جڏهن اهو چيو ويو ته سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ان آپريشن جو ڪمانڊر يا ڪئپٽن هوندو ته، گهڻا ماڻهو سمجهي ويا هئا ته ان آپريشن جا نتيجا ڇا نڪرندا؟ پر ڪجهه ماڻهن کي وري به خوشفهميون هيون، جيڪي هاڻي يقينن ختم ٿي ويون هونديون، ڇاڪاڻ ته بجيٽ جا ڀوڳائي انگ اکر سال ۾ هڪ ڀيرو ايندا آهن، پر هن آپريشن جا ڀوڳائي انگ اکر روزانو ايندا آهن. مثال طور ڪراچي جي زونل پوليس جا جيڪي ايس ايم ايس آيا آهن، انهن مان هڪ ۾ آهي ته 24 ڪلاڪن ۾ 82 ڄڻا گرفتار ڪيا ويا، جن ۾ 68 شڪي آهن، هاڻي جي 82 مان 68 شڪي آهن ته ”ڪنفرم“ ملزم ڪيترا آهن؟ هڪڙا وري لکن ٿا ته 92 گرفتار ڪيا، انهن ۾ 7 مفرور هئا، قتل ڪيس ۾ هڪ، ڀتا خوري ۾ هڪ، باقي ٻين ڏوهن ۾. جيڪي وڏا ڏوهه آهن، انهن ۾ هڪ هڪ ملزم،باقي ٻيا توهان کي به خبر آهي ته اهي ڪير آهن، اهي آهن شرابي، هيروئني ۽ چرسي، اهي به ضرور گرفتار ٿيڻ گهرجن، پر آپريشن واري ڪارروائي ۾ ته انهن کي نه ملايو. ٽئين زون جو وري ايس ايم ايس آهي ته 24 ڪلاڪن دوران 5 مفرور ملزمن سميت 26 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جن وٽان 3 پستول، 27 گرام چرس، 2 گرام هيروئن، 4 شراب جون بوتلون، 2 ڪارون، 2 سئو ليٽر ڊيزل ۽ ٻيو ڪجهه هٿ آيو. هاڻي ڪراچي جي ٽنهي زونن جي پوليس موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 200 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو پر ساڳي وقت گذريل ڏينهن واري تاريخ ۾ ڪراچي پوليس جي ترجمان پاران پوليس جي 24 ڪلاڪن جي ڪارڪردگي بابت ٻڌايو ويو آهي ته پوليس شهر ۾ 82 ڇاپا هنيا، هڪ مقابلو ڪيو، جنهن دوران ڪُل 29 ملزم پوليس گرفتار ڪيا، جن مان هڪ دهشتگردي ايڪٽ ۾، هڪ ڀتاخور، 5 ڦورو، 18 هٿيارن جي ڪيس ۾، 9 منشيات جي ڪيس ۾، 9 مفرور ۽ 16 ٻين ڏوهن ۾ آهن، انهن ٻين ڏوهن جو پريس رليز ۾ ذڪر نه آهي، هاڻي ڪهڙي ڳالهه تسليم ڪجي؟ ڇاڪاڻ ته ڪراچي پوليس جو ترجمان به اها ئي رپورٽ جاري ڪندو آهي، جيڪا ڪراچي جا ٽئي زون، ترجمان کي روزانو جي بنياد تي اماڻيندا آهن. هاڻي زونل پوليس پنهنجي ترجمان ڏي هڪڙا انگ اکر موڪلي ٿي، جن مطابق 24 ڪلاڪن دوران سوا سئو ٿاڻن جي پوليس ۽ چوڪين رڳو 59 ملزم گرفتار ڪيا. جڏهن ته ٽنهي زونن جي پوليس پاران موڪليل ايس ايم ايس جي انگن اکرن موجب هنن 200 ملزم گرفتار ڪيا آهن!!

    هڪ ٻه ڏينهن اڳ ئي دوستن ڪراچي آپريشن ۽ اتي مقرر آفيسرن تي بحث پئي ڪيو، جنهن ۾ منهنجو ذاتي موقف صرف اهو هو ته جيڪڏهن سڀ آفيسر سٺا مقرر ٿيل آهن ۽ ساڍن اٺن مهينن کان آپريشن به هلي پيو ته پوءِ ڪهڙو علائقو ڏوهن کان پاڪ ٿيو آهي يا اتي ڏوهن ۾ گهٽتائي آئي آهي. اورنگي ٽائون سڄي نه سهي رڳو ڪٽي پهاڙي ڇا ٺيڪ آهي؟ اتي پوليس ٺهيو رڳو رينجرز ئي گهمي سگهي ٿي؟ ڇا سلطان آباد ۽ ڪنواري ڪالوني نو گو ايريا نه رهي آهي؟ ڇا پيرآباد ۽ ٻين علائقن ۾ روزانو گرنيڊ حملا نه ٿا ٿين، ڀتي لاءِ؟ ڇا ڪياماڙي منشيات کان پاڪ ٿي ويو آهي؟ ڇا حب کان ايراني تيل جا ٽئنڪر اچڻ بند ٿي ويا آهن،؟ ڇا گوليمار ۽ گلبهار ۾ سڪون ٿي ويو آهي يا نارٿ ناظم آباد، گوڌرا ڪئمپ، نيو ڪراچي ۽ ناظم آباد ۾مذهبي فرقيواريت ۾قتل ٿيڻ بند ٿي وياآهن؟ ڇا هاڻي پوليس کي ٽارگيٽ نه پيو بڻايو و ڃي؟ هاڻي اچو ملير ڏانهن ۽ اتان جي حوالي سان هڪ وڏو سوال آهي ته ڇا ملير ۾ زمينن تي قبضا ٿيڻ بند ٿي ويا آهن؟ قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ڪيترائي حڪم ڏئي چڪي آهي، پر هڪ بدنام زمانه پوليس آفيسر جي مرضي سان اهي قبضا ٿي رهيا آهن. گلستان جوهر ۾ فليٽن ۽ زمين تي قبضا آهن، جوا جا اڏا ۽ ڀتاخوري گهڻي آهي. ڀتاخوري رڳو ڪورنگي صنعتي زون ۾ ناهي، پر هڙني مارڪيٽن ۾ٿئي ٿي، جنهن مان پوليس به پنهنجو حصو وٺي ٿي. ساڳي طرح ڪلفٽن ۽ ڊفينس جي نه رڳو ڪمرشل علائقن ۾به وڏن بنگلن ۽ پوش علائقن ۾ڏوهه ٿين ٿا، جن ۾ ڊانس پارٽيون ٿين ٿيون ۽ جوا جا اڏا هلن ٿا، ساڳي طرح گارڊن، گهاس منڊي ۽ صدر ۾جوا جا اڏا هلن ٿا. لياري ۾گينگ وار ساڳي طرح هلي رهي آهي ته پوءِآخر ڇا بهتر ٿيو آهي؟

    جيڪڏهن ڪراچي ۾ هاڻي مقرر آفيسرن جي ڀيٽ اڳين سان ڪنداسين ته هي اسان کي اڳين کان بهتر ئي نظر ايندا پر رزلٽ ناهي، ان ڪري مايوسي ۽ نااميدي کان سواءِ ڪجهه نظر نه پيو اچي. ان کي نااميدي چئجي يا مايوسي يا وري ٻين سان ڀيٽ ڪري پاڻ کي خوش ڪرڻ، پر اهڙو ايس ايم ايس سنڌ پوليس جي هيڊ آفيس مان مون کي آيو آهي. لازمي آهي اهو سڄي سرڪل ۾ ڦريو هوندو، ميسيج اردو ۾ آهي، جنهن کي ترجمو ڪري سنڌي ۾ لکان ٿو، تنهن مان توهان کي اندازو ٿيندو ته پوليس پنهنجي ڪم سان ڪيتري سنجيده آهي. ايس ايم ايس آهي ته، “ هلو مڃي ٿا وٺون ته پوليس ڪم نٿي ڪري ته ڇا قانون لاڳو ڪندڙن سڀ دهشتگرد پڪڙي ڇڏيا آهن؟ ڇا عدالتن سڀني کي انصاف ڏيئي ڇڏيو آهي؟ ڇا ڪي اي ايس سي وارن سڀني کي بجلي ڏيئي، لوڊشيڊنگ ختم ڪري ڇڏي آهي؟ ڇا اينٽي ڪرپشن سڀ ڪرپشن ختم ڪري ڇڏي؟ ڇا ڊي سي اوز سڀني پلاٽن جا معاملا حل ڪري ڇڏيا آهن؟ ٻين کاتن ۾ ڇا گهٽ ڪرپشن آهي، گوليون ۽ ڏنڊا اسان کائون، ميڊيا ۽ وڪيل اسان تي دٻاءُ وجهن. سڀني کان گهٽ وسيلا اسان جا ۽ وري سڀ کان وڌيڪ نتيجا به پوليس ڏئي ٿي، بدلي ۾سهولتن جي بجاءِ رڳو نفرت ملي ٿي. ’’ذرا سوچئي…. وائيس آف پوليس‘‘ هاڻي هن ميسيج مان معنائون ۽ پوليس جي ڪم جو اندازو توهان پاڻ لڳائي سگهو ٿا.

    رازاني ڪاوش. اربع 23 اپريل 2014ع zulfibughio@gmail.co
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو