يا زرقا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ معصوم سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 جون 2014۔

  1. معصوم سنڌي

    معصوم سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 اپريل 2012
    تحريرون:
    690
    ورتل پسنديدگيون:
    1,769
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    جرنلسٽ
    ماڳ:
    لياري ڪراچي
    ڪامريڊ شبير شر قانوندان هئڻ سان گڏ يارن جو يار ۽ سنڌ جو هڏ ڏوکي انسان آهي، سندس هي ليک ان ڪري پڙهڻ جوڳو آهي، جو هن تاريخ جو اگهاڙو سچ عيان ڪيو آهي. هن ان مڪار شخص جي منهن تان اهو ماسڪ لاٿو آهي، جنهن ذريعي هو پاڻ کي سنڌ ۽ سنڌ وارن آڏو شريف النفس، ايماندار ۽ سچار هئڻ جو ڍنڍورو ڏيندو هو، اهو شخص جنهن تي مون به ڏهاڪو ورهيه اڳ ڪاوش اخبار ۾ آرٽيڪل لکيو هو ”کٽ ۽ کونگهرا“ جنهن تي ان ڪامريڊ شخص مون کي ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون ڏيندي چيو هو ته ڪاوشي سازِشي آهن، ڪامريڊ شبير شر پنهنجي هن ليک ۾ ان ڪامريڊ جي لاک لاهي سنڌ جي نئين نسل کي زميني حقيقتن بابت ڄاڻ ڏئي فرض پورو ڪيو آهي. هي ليک سچ پچ تاريخ جو دستاويز آهي. (معصوم)

    يا زرقا

    ايڊووڪيٽ شبير شر

    مون جيان تمام گهڻن دوستن ان نالي واري فلم ڏٺي هوندي، فلسطين جي هڪ انقلابي نياڻي تي فلمايل اها فلم 70 واري ڏهاڪي ۾ ڏاڍي مشهور ٿي، ان وقت جي ڪامريڊن پنهنجي ڄمندڙ نياڻين تي زرقا جو نالو رکيو، انهن ڪامريڊن مان ڪيترائي حيات هوندا ۽ ڪيترائي فوت به ٿي چڪا هوندا. مان صرف هڪ ڪامريڊ جي گهريلو زندگي کان واقف آهيان باقي ڪامريڊن جون نياڻيون جن جو نالو زرقا هو، انهن جو ڇا ٿيو، ڪو پتو ناهي، هاڻ هڪ وڌيڪ ڪامريڊ جو نالو ياد اچي ويو، ڪامريڊ واحد بخش بنگلاڻي، جنهن پنهنجي نياڻي جو نالو زرقا رکيو ۽ ان کي ڪنڌڪوٽ جهڙي قبيلائي ۽ رجعت پسند ماحول ۾ پڙهايو به. نياڻي جوان ٿي ته ڪامريڊ پنهنجي قبيلي جي ريتن رسمن اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ ان انقلابي سوچ رکندڙ نياڻي زرقا کي پنهنجي جاهل ڀائيٽي سان پرڻائي ڇڏيو، جنهن جي تعليم زرقا جي اڌ جيتري يعني مئٽرڪ تائين به نه هئي.
    اهڙي ماڻهو شادي واري رات کان ئي زرقا جي زندگي زهر ڪرڻ شروع ڪئي، هو کيس روز اذيتون ڏيڻ لڳو ۽ چوڻ شروع ڪيو ته ”تو جهڙين پڙهيل ڇورين جا ته الائجي ڪيترا يار هوندا آهن، تون ٻڌاءِ تنهنجا ڪيترا يار آهن“ هي ته ڪامريڊ ماڻهو هو، جنهن اهو رويو ڏسي ڳوٺ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو ڇو ته ان کان سواءِ هن جي نياڻي جي زندگي بچائڻ جو ڪو به رستو نه هو، ڪنهن شهر ۾ وڃي آباد ٿي عدالت ۾ طلاق جو ڪيس وجهي پنهنجي نياڻي جي زندگي بچائي پر پنهنجي اباڻي ڳوٺ کان سدائين لاءِ محروم ٿي ويو.
    هاڻ ذڪر ٿو اچي، اسان جي زرقا جو، جيڪا پنهنجي اڳوڻي مڙس جي بيعزتين، ذلالتن ۽ هر وقت هيسائڻ ڌمڪائڻ کان تنگ اچي 2 جون 2011 تي ملڪ ڇڏي بي وطن ٿي چڪي آهي.
    هن جو رشتو هڪ نام نهاد امير گهراڻي ۾ اسان جي هڪ ڪامريڊ دوست ڪرايو، ڪارڊ ڇپرايو ان ۾ لکرايو ته ٻن شهيد خاندانن (شهيد الله بخش سومرو ۽ شهيد نذير عباسي) جي خاندانن جو ميلاپ جيتوڻيڪ زرقا کي جنهن همراهه سان شادي ڪرائي پئي وئي، اهو عمر ۾ زرقا کان 20 سال وڏو هو، الله بخش سومري شهيد سان هن جو ڪهڙو رشتو هو گهٽ ۾ گهٽ مون کي اڄ ڏينهن تائين معلوم ٿي نه سگهيو آهي.
    مون اختلاف ڪيو ته عمر جو هيڏو وڏو فرق آهي هي شادي نه ٿيڻ کپي، اسان جي ان ڪامريڊ جنهن کي سدائين هر دوست تي فتويٰ ڏيڻ جي عادت هئي ۽ منهنجي اختلاف تي به هڪ فتويٰ ڏئي ڇڏي ته اصل ۾ زرقا نذير عباسي جي ڏاج ۾ هي ڪجهه به ڏيڻ نه ٿو چاهي ان ڪري اختلاف ٿو ڪري وقت ۽ حالتن منهنجا اهي اختلاف ثابت ڪيا نيٺ 13 سال (بقول زرقا جي) اذيت واري زندگي گذارڻ بعد زرقا نذير عباسي هن کان طلاق وٺڻ تي مجبور ٿي اهو به عدالت ذريعي، ان مڙس عدالت ۾ به هن خلاف توهين ڪرڻ وارا الزام لڳايا اهو ته تون هڪ نوڪر جي ڌيءَ ٿي ڪري گهڻي معتبري نه ڪندي ڪر.
    جڏهن زرقا ان بابت اڳوڻي مڙس کان معلوم ڪيو ته هوءَ ڪهڙي نوڪر جي ڌيءَ آهي اُن تي هن کيس چيو هو ته تنهنجو پيءَ (شهيد نذير عباسي) ٽنڊي الهيار جي سول جج جناب جمال الدين ابڙي جي گهر ۾ نوڪر ٿي رهيو آهي. جڏهن اها ڳالهه زرقا پنهنجي امڙ حميده گهانگهرو کان پڇي ته هُن ڪامريڊ غلام رسول سهتي جو نالو وٺي چيو سندس ٻيڙو غرق ٿيندو. مون هائوس پرچيز لاءِ قرض ورتو هو اُن جي هُن کي خبر پئجي وئي هو مون کان پئسا گهرڻ آيو مون ڏيڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن هو ٻاهرنڪتو ته پنهنجي گهر جو نوڪر اُتي بيٺو هو جنهن تي اُن ڪامريڊ منهنجي مڙس کان پڇيو ته هي ڪير آهي ان تي هن کيس ٻڌايو هو ته هي گهر جو نوڪر آهي. اُن تي هن ڪامريڊ زرقا جي اڳوڻي مڙس کي طعنو ڏئي چيو نوڪر جي ڌيءَ کي نوڪر ڏئي دماغ خراب ڪرڻ ٿو چاهين. ان تي زرقا جي اڳوڻي مڙس هن کان پڇيو ته اهو وري ڪيئن؟ جنهن جي جواب ۾ ڪامريڊ سهتي کيس من گهڙت ڪهاڻي ٻڌائي ته هن جو پيءُ ٽنڊو الهيار ۾ جڏهن جمال ابڙو سول جج هو اُتي ان جي گهر ۾ نوڪر طور ڪم ڪندوهو.
    اڄ به جمال ابڙي جو فرزند بدر ابڙو صاحب زنده آهي، هن جي امڙ جيڪا منهنجي ۽ اسان سڀني ڪامريڊن جي روحاني امڙ آهي، اها ٻڌائيندي هئي ته نذير عباسي، بدر ابڙو سان گڏ پڙهندو هو، هو ٻئي گهر ۾ راند به ڪندا هئا ته ڪڏهن بورچيخاني ۾ وڃي گڏجي ڪجهه پچائيندا به رهندا هئا، جمال ابڙو سول جج هوندو هو ۽ نذير عباسي جو والد جان محمد عباسي عدالت ۾ ماڻهن جون درخواستون لکي پنهنجي آڪهه پاليندو هو، پر جمال ابڙو صاحب اهو ماڻهو هو جنهن ڪڏهن به پنهنجي اولاد کي منع نه ڪيو ته پٽيشن رائيٽر جي ٻار سان نه کيڏو نه دوستي رکو، جيڪو ان زماني جا ٻيا جج ڪندا هئا، جمال ابڙو ته تمام وڏو ۽ عظيم ماڻهو هو، هن تي لکڻ لاءِ وڏو وقت ۽ وڏي ڇاپڻ واري جڳهه کپي. وقت گذرندو رهيو، اسان جي يار ان ڪامريڊ جنهن گهڻن دوستن کي ڏنڀيو ۽ هن جا ”سنڌ“ اخبار ۾ حصو وجهڻ جي نالي تي لکين رپيا ڦري هضم ڪيا، ان کي خبر پئي ته زرقا جي ماءُ حميده گهانگهرو گهر ٺهرائڻ لاءِ پنهنجي اداري کان قرضَ ورتو آهي، ان وٽ به پهچي ويو ۽ گهر ٺهرائڻ وارا پيسا کيس ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، ڀاڀي حميده گهانگهرو پيسا ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته اهي زرقا جا آهن، مان اهي پيسا ڪنهن به قيمت تي نه ڏينديس، بس ان تي هن اسان جي يار ڪامريڊ کي سخت تڪليف ٿي ۽ گهر کان ٻاهر نڪتو ته زرقا جي گهر جو ڪم ڪندڙ هڪ نوڪر بيٺو هو ۽ زرقا جو مڙس هن جي پٺيان آيو، هن يار، زرقا جي مڙس کان ان ڪم ڪندڙ نوڪر ڇوڪر بابت پڇيو ته هي ڪير آهي؟ زرقا جي مڙس چيو ته هي نوڪر آهي ۽ گهر جو ڪم ڪار ڪندو آهي.
    ڀاڀي حميده ٻڌايو ته هو به ٻاهر اچي بيٺي ۽ هن ڪامريڊ ان ڏينهن هن جي ڌيءُ جي گهر کي باهه لڳائي ڇڏي چيو ته نوڪر جي ڌيءُ (زرقا نذير عباسي) کي نوڪر رکي ڏنو ٿئي.
    بس اتان کان زرقا جي مڙس کي بيعزت ڪرڻ لاءِ هڪ بهانو مليو،جنهن ذريعي زرقا کي بيعزت ڪيو ۽ ذليل ڪرڻ شروع ڪيو، سو ايئن سڏ ڪرڻ شروع ڪيو ”اونوڪر جي ڌيءُ او نوڪر جي ڌيءُ“ ڪري سڏڻ هن جو روز جو معمول بڻجي ويو.
    مون کي جڏهن زرقا روئي ٻڌايو، انڪل! هاڻ منهنجو هن شخص سان گڏ رهڻ مشڪل ٿي ويو آهي، مون ڀاڀي حميده سان ڳالهايو ”هي تون ڇا ڪيو جو نياڻي جي شادي ڪهڙي ماڻهو سان ڪرائي. جيڪو شهيد ۽ اُن جي نياڻي جي عزت ڪرڻ به نه ٿو ڄاڻي، “
    ڀاڀي حميده روئي پئي ”ادا بيوهه عورت ۽ يتيم نياڻي ڇاٿا ڪري سگهون، خدا ٻيڙو غرق ڪري ان ڪامريڊ سهتي جو، جنهن منهنجي نياڻي جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي،“
    معاملو طلاق تائين هليو ويو فيملي ڪورٽ منظور ڪئي ان بعد به همراهه ٿڪو نه.
    هاڻ جڏهن هو ملڪ ڇڏي پرڏيهه پئي وڃي سندس مون سميت سڀ ماڻهو هن جو ساٿ ڇڏي چڪا آهيون، اڳوڻو مڙس به ٻارن کي وٺي اچي گهر ويٺو آهي ته
    ”قانون مطابق طلاق نه ٿي آهي مون سان مل، اڄ به تون منهنجي زال آهين، ملڪ ڇڏي نه وڃ“ ان دوران زرقا عباسي مون کي فون ڪيو ”چاچا! منهنجو اڳوڻو مڙس آيو آهي مون کي واپس گهر وٺي وڃڻ لاءِ“ مون کيس چيو ته هاڻ تنهنجو پيءُ ته زنده ناهي اڄ مان تنهنجو پيءُ آهيان نذير عباسي شهيد جو دوست مڃي“ زرقا چيو ”ها انڪل! اڄ توهان ئي منهنجا پيءُ آهيو ٻڌايو مان ڇا ڪريان، اڳيون مڙس ٻار وٺي آيو اهي ان سان وڃان يا رات منهنجي فلائيٽ آهي ملڪ ڇڏي هلي وڃان“ مون چيو ”نه وڃ اڳئين مڙس کي چئو ته هو 20 لک رپين جو بانڊ لکي ڏي ته هو اڳتي توهان کي ڪڏهن به بيعزت نه ڪندو، نه طعنو يا مهڻو ڏيندو. ڀڃڪڙي جي صورت ۾ هو 20 لک رپيا ڏنڊ طور ڀري ڏيڻ لاءِ پابند هوندو“
    رات جو ساڍا يارنهن ٿيا آهن اهو شرط ٻڌي زرقا جو اڳوڻو مڙس واپس نه موٽيو آهي، زرقا پڇيو ”انڪل! هاڻ مان ڇا ڪيان“ مون چيو ”منهنجي پياري نياڻي! هلي وڃ هتي سنڌ ۾ تنهنجي لاءِ ڪا به جڳهه ناهي، هتي هوندينءَ ته اهو ماڻهو شادي ڪري ٻار تنهنجي ڳچي ۾ وجهندو ڇو ته هو مرد آهي هن کي شادي ڪرڻي آهي، جڏهن به هن شادي ڪئي ته نئين زال هن کان مطالبو ڪندي هي ٻار ڪنهن جا آهن، پنهنجي ماءُ وٺ ڇڏي اچ پوءِ اهي ٻار هو توهان وٽ اچلي ويندو، اڄ ڏينهن تائين مرد هڪ کان وڌيڪ شاديون صرف ان جي ڪري ڪندو رهيو آهي ته ٻار ماءٌ جي ڳچي ۾ هوندا آهن. “
    هاڻي زرقا هن ملڪ مان هلي وئي آهي، اسان مان نذير جو ڪو به ساٿي هن جي نياڻي جي ڪا به مدد ڪري نه سگهيو آهي بس اڄ انور پيرزادو پيو ياد اچي جيڪو چئي ويو آهي. ”تون ايڏو ڏور هليو ويو آن. “
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏29 جون 2014
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اڄ به مارئي قدياڻي، پنهنجن جي واهر کان وانجهيل؟!!!؟
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. ذوالفقار علي انڍڙ

    ذوالفقار علي انڍڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 جون 2011
    تحريرون:
    31
    ورتل پسنديدگيون:
    45
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    378
    ڌنڌو:
    فيڊرل گورنمنٽ ملازم
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد ڪراچي
    هي ليک سچ پچ تاريخ جو دستاويز آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    ب
    بهترين چونڊ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو