• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اســـڪـــريـــبــل رانـــد

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
اسڪريبل راند
Rotating-Oversized-Scrabble-Game.jpg

اســـڪـــريـــبــل رانـــد
محمد اسلم عباسي


اچو ٻارو هڪ راند رچايون
راند به اهڙي جا علم وڌائي.
مان ٿئي پنهنجو شان وڌائي
اسڪريبل آ، جنهن جو نالو
لفظ انگريزي خوب سيکاري
گهر ويٺي راند ڪريون جا
ڇانوَ ۾ ويٺي لفظ سکو‌ن ٿا
ٻَه چار ساٿي راند ڪڏون ٿا
هر ڪو پنهنجو وارو وڄائي
لفظ ٿو ٺاهي پڻ معنيٰ ٻڌائي
مارڪون ٿو هر واري ڳڻائي
ڳڻپ آهي جي سڀ کان بهتر
راند جو راڻو ته اهوئي ٿئي ٿو
اسڪريبل آهي ڏاڍي نياري
رانديگر ٿا سائين علم وڌائن
راند ڏسن جي ٿا خوب پرائين
اهڙِي راند رچائي جي هرڪو
خوب پرائي سائين شان وڌائي
اچو ٻارو هڪ راند رچايون
راند به اهڙي جا علم وڌائي.
 
Back
Top