هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي...

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    هڪ تنهنجو واعدو وفا ٿي پوي...
    ڊاڪٽر اعجاز سمون
    ڊاڪٽر نظام الدين بڙدي منهنجو دوست آهي، ڪاليج کان يونيورسٽيءَ واري پنڌ ۾ اسان ڪيترائي خوبصورت سال گڏ گذاريا آهن. هُو اڄ به اسان سڀني دوستن ۾ کلمکُ ۽ پيار ڪرڻ وارو شخص آهي. ڀوڳ ٺڪاءَ ۾ به سڀني کان اڳڀرو آهي. مان جڏهن به پنهنجي پياري دوست ڊاڪٽر امياز قريشيءَ سان ملڻ سندس ڳوٺ ” ڳاڙهي موري“ ويندو آهيان ته ڊاڪٽر نظام بڙديءَ جي ڳوٺ ”پريالوءِ“ ڏانهن به ڀيرو ڀڃي ايندو آهيان. يا ڪڏهن ڪڏهن فون ڪري کيس ”ڳاڙهي موري“ گهرائي وٺندو آهيان.

    مون کي ياد پئي ٿو هڪ دفعو سندس اوطاق تي ”لنچ“ ٿي ڪيوسين، ڳالهين ڳالهين ۾ چيو هئومانس، ” پريالوءِ جو هڪ ڪهاڻيڪار هو نظير شهزاد....“

    هٿ ۾ گِرهه جهلجي ويو هئس، منهنجي اکين ۾ چتائي ڏسندي چيو هئائين، ” توکي خبر ناهي؟!“

    پڇيو هئومانس، ”ڪهڙي؟“

    چيو هئائين، ”اها ئي ته نظير شهزاد منهنجو ڀاءُ هو.“

    مون کان ڇرڪ نڪري ويو هو. منهنجي نظر سامهون دريءَ ۾ رکيل تصوير ڏانهن وئي هئي جنهن جي اکين ۾ کوڙ ساريون رهجي ويل ڪهاڻيون بي چين هيون.

    ” اها تصوير ادا جي آهي، پر توکي ياد ناهي ڇا؟“

    ” ڇا ياد ناهي؟“

    ” اهو ته ادا جڏهن بيمار هيو ته هاسٽل تي تو واري ڪمري تي پنج ڏينهن رهي ويو هو.“

    مان ڪجهه سال پوئتي ڏسان ٿو. ها، اسان ئي هن کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي ويا هئاسين. پر ان وقت مون کي ڄاڻ ڪانه هئي ته، هُو سنڌ جو خوبصورت ڪهاڻيڪار آهي، جنهن جو نالو اڄ به ادبي ميڙاڪن ۾ ”ڪهاڻيءَ“ جي حوالي سان کنيو ويندو آهي.

    موت وڏو راڪاس آهي. هڪ وڏي طاقت آهي، جنهن جي اڳيان زندگي بيوس آهي. اها بي وسي ئي درد جو درياءُ آهي. هڪ وڏو سيلاب آهي، جيڪو وجود ۾ لهي نه ڄاڻ ڪيتري ڀڃ ڊاهه ڪري ڇڏي ٿو.

    آئون ڪجهه سال پوئتي ماضيءَ ڏانهن وڃان ٿو. منهنجي جسم تي احرام ويڙهيل آهي. آئون پنهنجي حصي جو عمره پورو ڪري ”حرم“ جي ورانڊي ۾ ٺُل کي ٽيڪ لڳائي، سامهون ڪاري غلاف ۾ ويڙهيل ڪعبت الله کي ڏسي رهيو آهيان. منهنجي موبائل جي گهنٽي وڄي ٿي، ڪال رسيوِ ڪندي ڳالهايان ٿو:

    ” هيلو...“

    ”ڊاڪٽر اعجاز، مان ڊاڪٽر نظام پيو ڳالهايان.“

    منهنجو سڄو وجود ڄڻ خوشيءَ ۾ ڀرجي وڃي ٿو.

    ” جِي ڊاڪٽر نظام، ڪهڙا حال اٿئي؟“

    ”يار، خير ڪونهي. امان جي ڊيٿ ٿي وئي آهي.“

    مان خاموش ٿي وڃان ٿو. هُو ٻيهر ڳالهائي ٿو، لهجي ۾ درد جو درياءُ جنم وٺيس ٿو.

    ”ڳالهه ٻڌ، منهنجي ڀاءُ غلام رضا کي اسان امڙ جي باري ۾ ڪونه ٻڌايو آهي. ان کي اتي سنڀالجانءِ. جي امڙ جي خبر پيس ته حج ڪونه ڪري سگهندو.“

    ” تون گهٻراءِ نه...“ مان کيس دلداري ڏيان ٿو.

    ”چڱو خدا حافظ.“ فون مان هن جو آواز گُم ٿي وڃي ٿو.

    غلام رضا بڙدي، ڊاڪٽر نظام جو ننڍو ڀاءُ آهي. هُو هيلٿ ڊپارٽمينٽ ۾ ڊسپينسر آهي. هن کي ڏسڻ سان ئي چانورن جو ٻاچڪو ياد اچي ويندو آهي.... هو به انهيءَ سال اسان سان ”حج ميڊيڪل مشن“ ۾ هو. غلام رضا جا وڏا وڏا ٽهڪ ڪجهه ئي ڏينهنِ ۾ سندس سڃاڻپ بڻجي ويا هئا. ڪڻڪائون رنگ، وڏيون اکيون ۽ ڳالهه ڳالهه تي مُرڪي پوڻ ئي سندس شخصيت جي خوبصورتي هئي. پر ڪجهه ڏينهنِ کانپوءِ هُو ويڳاڻو ٿي پيو هو. ٽهڪن کي ڄڻ خاموشي ڳڙڪائي وئي هئس. اکيون هر وقت ڄڻ درد ۾ ڀريل! هُن جي اهڙي حالت ڏسي اسان کي پڪ ٿي وئي هئي ته کيس پنهنجي امڙ جي موت جي خبر پئجي چڪي آهي. پر ائين نه هو، هن جي امڙ جي موت جي اطلاع کان اڳ هن جي اندر ۾ رکيل وائلن تي غم جون ڌنون وڄڻ شروع ٿي ويون هيون. نيٺ اسان جو حج ٿي ويو. اسان جي واپسي ٿيڻ لڳي. اسان ”جده ايئرپورٽ“ کي ڇڏي ”سکر ايئرپورٽ“ تي پهتاسين. سڀني جا گهر ڀاتي هار کنيو بيٺا هئا. رضا جي اکين مان ڳوڙها ايئن وهندا رهيا ڄڻ ڪنهن نمازيءَ جي هٿ ۾ جهليل تسبي ٽُٽِي پئي هجي. مان ڀاڪر ۾ ڀري چيومانس، ”گهر پهتو آهين ... ۽ روئين ٿو.“

    چيائين، ”ڊاڪٽر سامهون سڀ بيٺا آهن، امڙ ڪانهي...“

    منهنجي اکين مان ڳوڙها ڪري پيا ته هُو منهنجي ڇاتيءَ ۾ مُنهن لڪائي ٻارن وانگر سُڏڪي پيو.

    ” توکي خبر هئي ڊاڪٽر ته امڙ فوت ٿي وئي آهي؟“

    مون کيس ڪو به جواب نه ڏنو هو. هُو منهنجي ڇاتيءَ مان پاڻ کي آجو ڪري اڳتي وڌي ويو هو. سامهون هُن جي گهر جا سڀ ڀاتي بيٺل هئا، نه هئي ته رڳو سندس امڙ !

    ڊاڪٽر نظام بڙدي منهنجو دوست آهي. جيڪو اڄڪلهه زندگي ۽ موت جي وچ ۾ ساهه کڻي رهيو آهي. هُو تمام گهڻو بيمار آهي. هُن جو ”جيرو“ اهو ڪم نه پيو ڪري جنهن سان خوشين ڀريل زندگي گذاري سگهجي ٿي.

    آئون سوچيان ٿو ته هُن زندگيءَ ۾ شراب جي بوتل مان ڍُڪ ڀري مزو ناهي ورتو، ڪڏهن ڪا بستر واري عياشي ناهي ڪئي. پوءِ زندگي کانئس ايڏي وڏي رقم جي قرباني ڇو گهري پئي، جيڪا رقم هُن وٽ آهي ئي ڪونه!

    هُو ڪالهه سي.ايم هائوس ۾ مليو هو. اکين ۾ اها جوتِ ڪونه هئس. تمام گهڻو ڪمزور پئي لڳو، ڄڻ وجود مٿان پلاسٽڪ چڙهيل هجيس. جسم جو گوشت هوريان هوريان بيماري ڪوري وئي هئس. هٿ ۾ اسٽڪِ! جنهن جي سهاري هُو زندگيءَ جي بار کي کنيو ٿي گهميو، پر پوءِ به هُو زندگيءَ لاءِ وڙهي رهيو هو، انهيءَ زندگيءَ لاءِ جنهن جو علاج هن سڄي ملڪ جي ڪنهن به ميڊيڪل يونيورسٽيءَ ۾ ڪونهي. هُن کي علاج لاءِ، زندگيءَ ۾ رنگ ڀرڻ لاءِ هڪ ڊگهو سفر ڪرڻو آهي. هُن کي جيري جي پيوند ڪاريءَ لاءِ ”سنڌ“ کان ”هند“ وڃڻو آهي. تڏهن ئي سندس زندگي بچي سگهي ٿي، پر اُن لاءِ تمام وڏي رقم گهرجي.

    هُو اڄ انهيءَ پڪ سان سي.ايم سان ملڻ آيو هو ته سندس علاج سرڪاري خرچ تي ٿيندو ۽ سندس زنگيءَ جا وڃايل رنگ ٻيهر موٽي ايندا. ڇو جو هُو جيئڻ چاهي ٿو. ٻيهر وڏا وڏا ٽهڪ ڏيڻ چاهي ٿو.

    جڏهن وزير اعليٰ سنڌ سندس علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائڻ جو صرف واعدو ڪيو ته هُو ڄڻ ٻهڪي پيو. ڪجهه دير لاءِ هيڻي جسم ۾ ڄڻ ساهه ڦوڪجي پيو.

    مون هُن ڏانهن ڏٺو، هُو مُرڪي پيو. مون کي پڪ ٿي وئي ته هُن جا خوبصورت خُواب هتان کڻي وڃڻ کان پوءِ گهر تائين ٽُٽِي ڪونه پوندا. ڇو ته وزير اعليٰ سنڌ، پنهنجو واعدو پورو ڪري تاريخ ۽ ڊاڪٽر نظام بڙديءَ سان وفا ضرور ڪندو. جي واعدو وفا نه ٿيو ته هڪ خُواب ذرا ذرا ٿي وکري ويندو. هڪ اميد مري ويندي، بيوس اکيون آسمان ڏانهن کڄي هڪ وڏي چيخ ڪنديون، جنهن جي پڙاڏي ۾ رڳو درد ئي درد هوندو، جنهن ۾ ڀريل هڪ خاموش زندگي هوندي، جنهن جي چوگرد ڪيترائي دوست هوندا....

    آئون ڄاڻان ٿو ته ڊاڪٽر ڻظام بڙديءَ جي علاج کان پوءِ هڪ زندگي نه، پر پورو خاندان ٻيهر ساهه کڻندو. ڇو ته زندگي ڏاڍي خوبصورت آهي... اهو وزير اعليٰ سنڌ، سيد قائم علي شاهه به ڄاڻي ٿو....

    June 24, 2014 at 9:27am
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو