هڪ ڳوٺ هڪ تاريخ، غيبي ديرو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    غلام مصطفيٰ سولنگي

    اي ساٿيو!

    گهڙي کن بيهو!

    ته هنن وٿاڻن ۽ ماڳن مٿان مان به ٻه ڳوڙها ڳاڙي وٺان،

    ڏکڻ ۽ اتر جي هوائن، انهن جهوڪن ۽ دونهن جا

    انگ ۽ آثار، اڃا ڪو نه ميٽيا آهن،

    اڃا وقت جي وٿي، منهنجي دل مان پڻ،

    انهن جو ڪاڍو ڪڍي ڪو نه سگهي آهي.

    عربيءَ ٻوليءَ جي هاڪاري شاعر امراءُ القيس جو هي شعر لڳي ٿو ته ڄڻ غيبي ديري لاءِ چيو ويو آهي.

    ها غيبي ديرو، هڪ ڳوٺ، هڪ تاريخ، اتر سنڌ جو هي مشهور ۽ تاريخي ڳوٺ آهي، جنهن کي ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ خاص اهميت پئي رهي آهي. تاريخي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته هي ڳوٺ سنڌ جي مشهور ۽ آڳاٽن ڳوٺن جي ڀيٽ ۾ ايترو پراڻو نه آهي، پر ان کي نئون ڳوٺ به نه ٿو چئي سگهجي. چار صديون اڳ ٻڌايل هي ڳوٺ پنهنجي جاگرافيا ئي بيهڪ جي لحاظ کان هڪ خاص هنڌ تي ٻڌل هئڻ سبب ڪيترائي تاريخي دور ۽ تاريخي حقيقتون سمائي، سنڌ جي تاريخي ڳوٺن ۾ ڳڻجي ٿو.

    هي ڳوٺ سردار مرزا خان ولد سردار ڏاتا خان چانڊئي 1614ع ۾ ٻڌايو. ان وقت هن ڳوٺ کي رڳو ديرو سڏيو ويندو هو. جڏهن 1652ع ۾ ڪلهوڙا دور جي مشهور بزرگ ميان شاهل محمد ڪلهوڙي سردار مولوي حافظ حاجي ولي محمد خان اول کي دعا ڪئي ۽ ”غيبي“ ۽ ”ملڪ“ جا خطاب ڏنا ته هي ڳوٺ غيبي ديري جي نالي سان سڏجڻ لڳو. چانڊيا قبيلي جا ماڻهو غيبي ديري کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا آهن. هي ڳوٺ اڄ به چانڊيا قبيلي جي سياسي، سماجي ۽ قبيلائي سرگرمين جو مرڪز آهي.

    غيبي ديرو قنبر شهر کان الهندي طرف 36 ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي، ديهه جا گير 6 ۾، 200 گهرن ۽ 5 هزار ماڻهن جي آباديءَ تي مشتمل آهي. هن ڳوٺ کي تعلقي قنبر ۾ ديهه، سرڪل تپي ۽ يونين ڪائونسل جي پڻ حيثيت حاصل آهي.

    هن ڳوٺ جي ملڪان ملڪ شهرت جو هڪ سبب نواب سر غيبي خان چانڊيو جي شخصيت پڻ آهي. سندس ولادت هن ئي ڳوٺ ۾ 25 ڊسمبر 1872ع تي ٿي. سندس والد سردار غيبي محمد خان اول هيو.

    ڪاروباري لحاظ کان هي ڳوٺ انتهائي سرگرم ۽ مصروف ڳوٺ هيو، پر ورهاڱي کان پوءِ ان جي ڪاروباري حيثيت کي تمام گهڻو ڌڪ رسيو.

    هن ڳوٺ ۾ چانڊيا سردارن جون اباڻيون رهائش گاهون آهن، جيڪي اڏاوتي فن جو هڪ سٺو مثال آهن. هي سڀ رهائش گاهون نواب سر غيبي خان چانڊيو ٺهرايون هيون. انهن رهائش گاهن جو ڪم 1913ع ۾ شروع ٿيو ۽ 1917ع تي ختم ٿيو. ههڙي قسم جون عمارتون چانڊڪي پرڳڻي ۾ ڪٿي به موجود ڪونهن. معلوم نه ٿي سگهيو آهي ته هنن عمارتن جا اڏيندڙ ڪير هئا، پر عمارتن جي اڏاوتن جو نمونو لکنئو جي نوابن جي محلاتن جهڙو لڳي ٿو. عمارتن ۾ ڪا شيءَ جو هلڪو استعمال پڻ ڪيو ويو آهي. اهي سڀ عمارتون ٻه ماڙ ٺهيل آهن. انهن عمارتن کي ٺهي هڪ صدي ٿيڻ واري آهي، تنهن هوندي به انهن جي جا ذبيت ۽ ڪشش گهڻي حد تائين برقرار آهي. ننڍا ننڍا مينار ۽ جهروڪا هنن عمارتن جي حسن کي اڃا به ٻيڻو ٿا ڪري ڇڏين.

    غيبي ديري جي هڪ سڃاڻپ هتان جي سفيد جامع مسجد پڻ آهي. هيءَ مسجد به نواب سر غيبي خان چانڊئي تعمير ڪرائي هئي. ان مسجد شريف جي تعمير جو ڪم 1919ع ۾ پورو ٿيو هو. مسجد شريف جي جوڙائڻ جي عبارت هن طرح لکيل هوندي هئي.

    جامع مسجد شريف نواب غيبي خان جوڙائي اڄ ڇهه تاريخ ماهه ذوالقعد سن 1333 هجري ۾ تيار ٿي. ڪاريگر: 1- پيارو مشوري 2- امام بخش مشوري.

    هي مسجد شريف سادي ۽ ننڍڙي، پر جا ذب نظر آهي. سڄي مسجد کي سفيد چوني جو ليپ ڏنو ويو آهي. مسجد کي ٽي گنبذ به آهن. وچون گنبذ مکيه ۽ وڏو گنبذ آهي. ان کان سواءِ مسجد جي داخلي دروازي وٽ به هڪ ننڍو گنبذ اڏايو ويو آهي. انهن سڀني گنبذن کي نيل به لڳل آهن.

    هن مسجد جي پيڙهه 3 کان 4 فوٽ ٿيندي. جڏهن ته ان جي ديوارن جي ٿولهه اڍائي فوٽ کن آهي. سڄي مسجد ۾ چوني ۽ گچ گاري جو استعمال ڪيو ويو آهي ۽ انهن ۾ سڻي پڻ گڏائي وئي آهي. اهو ئي سبب آهي جوسڄي مسجد جي اصلوڪي بناوت هڪ صدي گذرڻ جي باوجود وڏي حد تائين برقرار آهي. مسجد شريف جي نئين سر تعمير جو ڪم نواب زاده علي نواز خان چانڊئي ڪرايو هو. سموري مسجد ۾ سنگ مرمر جو ڪم به پاڻ ئي ڪرايو هئائين.

    مسجد جي اڱڻ کان مسجد ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ٽي دروازا آهن. مسجد جو اندريون حصو ٽن منڊ پن ۾ ورهايل آهي ۽ انهن ٽنهي منڊپن کي ٻه محرابي ونگ هڪ ٻئي کان ڌار ڪن ٿا. مسجد جي اندرئين پاسي کان ڇت جي بناوت به گنبذن ڪري گولائين آهي.

    غيبي ديري ۾ موجود اوطاق، چانڊيا سردارن ۽ نوابن جي يادن کي تازو ڪري ٿي. اتي موجود تصويرون ٻڌائين ٿيون ته هتي پنهنجي دور جا ڪيڏا نه وڏا وڏا نواب ۽ سردار آيا هوندا.

    1-امير خداداد خان ثاني - خان آف قلات

    2- امير خداداد خان احمد زئي بلوچ – حڪمران بلوچستان

    3-غازي نصير خان احمد زئي بلوچ – امير بلوچستان

    4-مير محمد خان ثاني احمد زئي بلوچ – امير بلوچستان ۽

    5- سردار نواب ڀائي خان – نواب آف مڪران

    انهن سڀني شخصيتن جا ننڍي کنڊ جي سياست ۽ تاريخ تي تمام گهڻا اثر آهن.

    نه رڳو غيبي ديرو ڳوٺ، پر سڄي يونين ڪائونسل غيبي ديرو قديم آثارن ۽ ماڳن مڪانن سان ڀري پئي آهي. پٿر جي دور جا پڻ ڪافي آثار موجود آهن. کير ٿر پهاڙن ۾ موجود ڪجهه اهڙا آثار به مليا آهن، جن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ قديم آبپاشيءَ جو سرشتو به هتان ئي شروع ٿيو هو.

    غيبي ديري جي ٻاهران ” رانئڪون“ نالي هڪ تاريخي ۽ قديمي قبرستان موجود آهي. هن قبرستان ۾ چانڊيا قبيلي جي سردارن ۽ نوابن جا مقبرا موجود آهن. مثال طور:

    سردار غيبي ڏاتا خان (وفات 1291هه بمطابق 1870ع)

    سردار غيبي محمد خان اول (وفات 1310هه بمطابق 1893ع)

    ولي محمد خان (وفات 1310هه بمطابق 1893ع)

    سردار خان ولد سردار محمد خان (وفات 1314هه بمطابق 1897ع)

    شاهه محمد خان اول (وفات 1330هه بمطابق 1913ع)

    غيبي مير محمد خان ٻيو (وفات 1317هه بمطابق 1900ع)

    انهن شخصيتن جي مقبرن کان علاوهه نواب سر غيبي خان چانڊئي جو مقبرو سڀني کان نمايان آهي. ان مقبري اندر نواب سر غيبي خان جي مزار کان علاهه سردار سلطان احمد خان چانڊئي ۽ سردار شبير احمد خان چانڊئي جون مزارون پڻ موجود آهن.

    چانڊيا قبيلي جي مڙني مانوارين خواتين جون قبرون به هن ئي قبرستان ۾ موجود آهن. سنگ مرمر جي مختلف ڊزائنن مان ٺهيل اهي قبرون نهايت خوبصورت ۽ جاذب نظر آهن.

    هن قبرستان ۾ مسو فقير ٻرڙي، پنهون فقير ٻرڙي، سيد عبدالواسع شاهه بخاري، علي بيگ فقير تنئي، ورئي فقير خاصخيلي، ڪيهرو فقير گانئچي ڏٺڙ، شَڪَلَ فقير لاکي، آچر فقير مجاور، ڪمال فقير جانوريءَ، حاجي دائود ڀاڳت، ڇتي فقير مڱڻيجي، نهال فقير شا بڻاڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي شخصيتن جا مقبرا ۽ مزارون آهن.

    اهي مقبرا پڪين ۽ سهڻين سرن مان ٺهيل آهن. انهن جي اندرين حصن ۾ مخلتف رنگن جي چٽسالي ٿيل آهي ۽ تمام سهڻن اکرن ۾ قرآن پاڪ جون آيتون لکيل آهن. هي اتر سنڌ جي تمام وڏن قبرستانن مان هڪ قبرستان آهي.

    غيبي ديري جي ڀرسان ” دائوءَ جا قبا “ نالي هڪ ٻيو به تاريخي قبرستان آهي، جنهن ۾ چانڊين جو سپهه سالار دائود خان پنهنجن 13 سئو سپاهين سميت دفن ٿيل آهي. ان کان سواءِ هن قبرستان ۾ ٻيون به اهم شخصيتون دفن ٿيل آهن. مثال طور:

    1- دائود خان چانڊيو (وفات 1022هه بمطابق 1614ع)

    2- رئيس چاڪر خان چانڊيو اول (وفات 1022هه بمطابق 1614ع)

    3- رئيس غازي خان چانڊيو (وفات 1839)

    4- رئيس اعتبار خان ٽيون (وفات 1262هه بمطابق 1836ع)

    5-سپهه سالار رئيس سيوو خان سورهيه ( وفات1269هه بمطابق 1852ع)

    6- رئيس خان محمد چانڊيو.

    هن تاريخي قبرستان جي باري ۾ حڪيم خليفو عبدالحميد خان چانڊيو، پنهنجي ڪتاب ” سنڌ جو اتر ڪاڇو عرف چانڊڪو ڪاڇو“ ۾ لکي ٿو ته :” هي قبرستان مرزا غازي بيگ ترخان جي شرارتن باعث وجود ۾ آيو، ڇو ته سندس چرچ تي چانڊيا پاڻ ۾ وڙهي پيا، جنهن ۾ 13 سئو چانڊيا هڪ ئي ڏينهن ۾ قتل ٿيا. هيءَ جنگ 8 شعبان 1022 هجري بمطابق 1614ع ۾ غيبي ديري جي اتر – اوڀر ” ماهوءَ جي ميدان“ ۾ حاجي ۽ حسڻ قبيلن جي وچ ۾ لڳي.“

    غيبي ديرو سنڌ جو اهو واحد ڳوٺ آهي، جنهن سنڌ جي هزارين سياسي، سماجي ۽ مذهبي شخصيتن جو وقتن فوقتن آڌر ڀاءُ ڪيو. جهڙوڪ:

    1-خان بهادر محمد ايوب کهڙو

    2- جنرل جان جيڪب

    3- سر غلام حسين هدايت الله

    4- ڊاڪٽر ايڇ ٽي سورلي

    5- مير علي نواز ناز

    6- شمس العلماءَ مرزا قليچ بيگ

    7-هز هاءِ نيس مير عبدالحسين سانگي

    8- سيد ميران محمد شاهه

    9- خانبهادر حسن علي آفندي

    10- سر حاجي عبدالله هارون

    11- جمشيد نسروانجي مهتا

    12- جي ايم سيد

    13- مولانا تاج محمود امروٽي

    14- شمس العلماءَ علامه ڊاڪٽر عمر بن محمود دائود پوٽو

    15- مولانا عبيد الله سنڌي ۽ ٻيا.

    ان کان سواءِ برطيانيا دور جا ٻيا به ڪافي اهلڪار هتي ايندا هئا. مثال طور:

    بمبئيءَ جو گورنر لارڊ ليمنگٽن

    سنڌ جو ڪمشنر ايڇ ٽي لئمبرڪ

    بمبئيءَ جو گورنرليزلي اورمي ولسن

    بمبئيءَ جو گورنر بيرن ولنگڊن

    بمبئيءَ جو گورنر هينري اسٽيولي لارنس، ۽

    بمبئيءَ جو گورنر سَرِ فريڊرڪ هِيُو سائڪس.[​IMG]
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو .. سائين غلام مصطفى سولنگي هن ليک ۾ هڪ تاريخ سهيڙي آهي .... غيبي ديرو ۽ سردار غيبي خان چانڊيو ،،،،،

    پر اڄ غيبو ديرو پنهنجي اهميت وڃائي ويٺو آهي ، هاني هتان جا سردار نه ته علم لاء ڪجهه ڪن ٿا ۽ نه ئي عام ماڻهن لاء
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. بختاور ٽالپر

    بختاور ٽالپر
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏4 فيبروري 2014
    تحريرون:
    290
    ورتل پسنديدگيون:
    530
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    163
    بهترين ڄآڻ ادا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو