مان اعتراف ٿو ڪريان ته..... مدد علي سنڌي

'مقالا' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏29 جون 2014۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    مان اعتراف ٿو ڪريان ته مونکي سياست کان پاسرو نه ٿيڻ گهرجي ها، نه ڇڏڻ گهرجي ها. اها منهنجي تمام وڏي غلطي آهي.

    مان سياست ڇڏي صحافتي دنيا کي اچي آباد ڪيو، جڏهن ته سياست ۾ رهندي به مان صحافتي ڪم ڪري پئي سگهيس.منهنجو سياسي پسمنظر ڏاڍو سگهارو هو. منهنجو گهر سياست ۽ سياسي گڏجاڻين جو مرڪز هو. سڄي سياسي حلقي سان واسطو هو. سياست کان ڪنارا ڪشي مون تڏهن ڪئي جڏهن منهنجي 80 ورهين جي پيرسن والد کي 28 ڏينهن منهنجي ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو. مون مٿان هڪ ڪيس هو جنهنجي سزا ۾ منهنجي والد کي گرفتار ڪيو ويو. انهيءَ واقعي مونکي ذهني طور ڏاڍو صدمو پهچايو ۽ ان صدميءَ مونکي سياست کان پري ڪري ڇڏيو. پر جيڪڏهن مان سياست ۾ هجان ها ته ان فيلڊ ۾ گهڻو ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جي مون ۾ صلاحيت هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو