منصور سرور
سينيئر رڪن
تقريب ته ننڍڙي هئي پر جنهن جي ڪري هئي، اُها شخصيت تمام وڏي هئي، هن جي موجودگيءَ جي ڪري ئي ٽيهارو کن حاضرين جي موجودگي، ان کي وڏي اهميت بخشي ڇڏي. هوءَ آئي ته خبر پئي ته ڪن ماڻهن جي آمد سان ماحول ڪيترو مانائتو ٿي ويندو آهي. هن ڳالهايو ته هر دل ۾ اها آس اُڀري ته اي ڪاش! هن جي واتان منهنجو به نالو نڪري ته اسان به ”معتبرين“ جي فهرست ۾ ڳڻيا وڃون. اهڙي عزت ۽ مانُ، الله سائين پنهنجن پيارن بندن جي نصيب ۾ ئي لکندو آهي، سندس اهي پيارا بندا نه پئسي ڏوڪڙي جا محتاج هوندا آهن نه نوڪرن چاڪرن جي فوج جي ڪري وڏا ماڻهو ٿيندا آهن، نه ئي وري هنن وٽ توب تفنگ هوندا آهن. پر اُهي ايترا وڏا هوندا آهن، جو هنن جي سامهون وڏا وڏا ڪنڌ، عزت ۽ احترام سان جهڪي ويندا آهن. سندن آواز ٻڌي، سڀني جا آواز جهڪا ٿي ويندا آهن. سڀ همه تن گوش، ٿي ان جي زبان و بيان جي سحر ۾ گم ٿي ويندا آهن.
اها شخصيت، جنهنجي هزارين دلين تي حڪمراني هجي. انهنجي سوچ ۽ فڪر تي اثر انداز هجي، ملڪ ۽ سنڌ جي بي مثال معلمه ۽ قابل حد احترام، منهنجي ۽ سنڌ جي هزارين نياڻين جي اُستاد اُمُ الڪلام، پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي آهي.
ٻه مهينا کن اڳ ۾ ماڻڪ موتي، تنظيم، جي عثمان منگي پاران، محترمه مريم سلطانه نوحاڻيءَ جي تعليمي ۽ سماجي خدمتن جي اعتراف ۾ حيدرآباد جي مشهور زبيده گورنمينٽ گرلس ڪاليج هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو ويو. آپا جي خواهش تي آپا جون شاگردياڻيون سنڌ جي مختلف شهرن مان بصد شوق اچي حيدرآباد پهتيون. خيرپور مان، شاھ عبداللطيف ڀٽائي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر، ڊاڪٽر پروين نعيم شاھ، (جيڪا ان تقريب جي انعقاد ۾ هر قدم ٿي، عثمان منگي سان رابطي ۾ رهي) ڪراچيءَ مان سلطانه صديقي، روبينه قريشي ۽ مان گڏجي روانو ٿياسين. انيس هارون چاهيندي به طبعيت جي خرابيءَ سبب نه هلي سگهي، فهميده رياض سان رابطو نه ٿي سگهيو. پر ڪراچيءَ مان سحر امداد ۽ ڊاڪٽر مراد خاتون اچي پهتاسين.
منهنجي ته آپا سان گهڻو ڪري ملاقات ٿيندي رهيندي آهي. جو حيدرآباد اچڻ وڃڻ دوران جي پنهنجين ڀينرن، سڪينه چنه ۽ عزيه چنه (جيڪا سندس شاگردياڻي، سنڌ يونيورسٽيءَ جي (ڊين به رهي چڪي چڪي آهي)انهن سان گڏ آپا وٽ حاضر ڀرڻ پنهنجي سعادت سمجهندي آهيان. پر آپا روبينه قريشي ۽ سلطانا صديقي گهڻي عرصي کانپوءِ، آپا سان ملي رهيون هيون. (روبينه قريشي به گوڏن جي آپريشن اکن پوءِ هلڻ ۾ ڏکيائي محسوس ڪندي به هن وڏي سفر تي نڪري پئي هئي) سڀني جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي. ڪراچيءَ مان ئي بيگم اختر مظهر الحق صديقي، فيڊريشن آف بزنيس ۽ پروفيشنل وومين ايوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر، ڊاڪٽر سليمه احمد جيڪا ٽنگن جي هڪ وڏي سرجريءَ کانپوءِ، ويل چيئر تي هلندي آهي. اها پڻ ان سڏ تي پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻي جي هن تقريب پذيرائيءَ لاءِ اچي حيدرآباد نڪتي هئي. ان تقريب ۾ ان ئي ڊائريڪٽر ڪاليجز حيدرآباد ريجن، شڪيل احمد صاحب تجويز ڏني ته،اهو ڪاليج جنهن جي هڪ هڪ رهگذر تي آپا جي قدمن جا نشان آهن، جنهن جا درو ديوار، آپا مريم جي عالمانه گفتن جا امين آهن. ان ڪاليج جي لائبريريءَ کي پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻيءَ جي نالي سان منصوب ڪرڻ گهرجي.
هي تقريب جنهن ذڪر سان پنهنجو ڪالم شروع ڪيو ان خيال جي ساڀيان جي تقريب هئي. ماڻڪ موتي تنظيم پاران سنڌ سرڪار جي تعليم کاتي جي سيڪريٽري صاحب کي باقاعده درخواست ڏئي. اجازت طلب ڪئي ويئي. سيڪريٽري صاحب تائين رسائي رکندڙ خوشنصيبن مان مهراڻ ٽي وي واري، غلام نبي مورائيءَ جي نالي ڪڻو نڪتو، عثمان منگي جي اصرار ۽ مورائيءَ صاحب جي مسلسل يادگيرين ۽ آخر ۾ دڙڪي ۽ ڪاوڙ واري فون کان پوءِ سيڪريٽري صاحب حڪم نامو جاري ڪيو، پوءِ 26 جون تي رسمي طور تختيءَ جي نقاب ڪشائيءَ لاءِ هڪ تقريب رکي ويئي.
هي هڪ مختصر ميڙ هو، جنهن ۾ آپا جا عقيدت مند ۽ هن جو شاگردياڻيون، ڪجهه هم عصر ۽ محبت ڪندڙ شامل هئا. آپا پنهنجن هٿن سان ربن ڪٽي، تختيءَ جي نقاب ڪشائي ڪئي ۽ پنهنجا سڀاڳا پير لائبريريءَ ۾ گهمايا. لائبريري ڇا هئي. بس … ائين کڻي سمجهيو ته ڄڻ اڄوڪي سنڌ جي تصوير هئي. لاپرواهي جو بدترين نمونو، پراڻا ڀڳل ڪٻٽ، ننڍيون وڏيون، ڪرسيون، بغير پالش جي ٽيبلون، سٺ سال پراڻي ڪاليج جي هن مختصر لائبريريءَ ۾ محض چند هزار ڪتاب هئا. لائبريريءَ ۾ اخبارون ۽ رسالا ناپيد هئا ته ايم اي تائين تعليم ڏيندڙ ڪاليج ۾ مختلف مضامين لاءِ گهربل تازه ڪتاب پڻ غير موجود. ڪمپيوٽر هڪ به نه..
ڇا ٻڌائي ڇا ٻڌايان؟ هيءَ هئي اُها اجڙيل لائبريري جنهن کي اسان پنهنجي استادِ محترم جي نالي سان منسوب ڪرائي خوش پئي ٿياسين ۽ سنڌ سرڪار جا ٿورا پئي مڃياسين. اکيون شرم ۽ ندامت کان جهڪي ويون، دل ۾ درد اُڀري آيو، پنهنجي تقرير ۾ به چيم ته سنڌ سان لڳ و لڳ پنجاب صوبي ۾ جهاتي پايو ۽ ڏسو ته اُهي پنهنجا تعليمي ادارا ڪيئن ٿا سنڀالن؟ اُتي جا ڪتب خانا به گهمي ڏسو، اُتي ڪيترا ڪتاب ۽ شاگردن کي ڪيتريون سهولتون آهن؟ اسان وٽ جن اڪابرين ۽ معززين جي نالن سان ڪراچي حيدرآباد، سيوهڻ، دادو، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ سرڪار جي نگرانيءَ ۾ جيڪي لائبريريون قائم آهن، اُتي جي حال کان اسان مان گهڻائي واقف هوندا. اهي تباهه حال ادارا اسان جي نوجوانن جو مقدر بڻيل آهن. ڪتب خانن جي دگرگون حالتن جي ڀيٽ ۾ وري جي ڀر ۾ سنوڪر ڪلب، چاءِ خانه، ولائتي حقي واريون جايون ۽ نشه آور شيون مهيا ڪندڙ هوٽل موجود هوندا ته انهن ڀڳل ڪرسين ۽ تازن ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن کان وانجهيل ڪتب خانن ڏانهن ڪير متوجه ٿيندو؟
محترمه مريم سلطانه نوحاڻيءَ جي شخصيت تي ڳالهائڻ وارن خوب ڳالهايو، مون کان علاوه محترم گل محمد عمراڻي، غلام نبي مورائي صاحب، عناب بلوچ، پروين شاھ، مظهر الحق صديقي بدلي ٿيل ڊئريڪٽر ڪاليجز شڪيل احمد ڪاليج جي پرنسپل نجمه شڪيل صاحبه تقريب جي ڪارروائي محمود مغل هلائي خوب هلائي، آخر ۾ آپا مريم جي روح کي تازو ڪندڙ تقرير، بس پنهنجي ڪاليج جو زمانو ياد اچي ويم. جڏهين آپا ڳالهائيندي هئي ته اسان شانت ٿي، کيس ٻڌندا هئاسين. موضوع کان وٺي هن جي بيان جي اثر پذيري، سندس هڪ هڪ لفظ مان بکندي هئي. آقاءِ نامدار ﷺ سان هن جي روحاني وابستگي ته هڪ ٻيو ئي داستان آهي. پر اسلامي تاريخ جيڪو هن جو مضمون پڻ رهيو آهي، انکان علاه سنڌي، اردو، ۽ انگريزي ادب، ثقافت، شاعري، فلسفو، نفسيات انساني حقن، عورتن جي حقن مطلب ته ڪهڙو اهڙو مضمون ۽ موضوع هوندو هو، جنهن تي آپا کي عبور نه هجي. اسلام جي آزادي هر زماني ۽ هر قوم لاءِ لاٿل هن مذهب جي هر روشن پهلوءَ کان آپا اسان کي متعارف ڪرايو اسلام ۾ عورتن جي اهميت ۽ حيثيت کان آگاھ ڪرائي، اسان جي ذات ۾ اعتماد ڏئي ڇڏيائين، پنهنجي گفتگو، عمل، خوش لباسي ۽ خوش ذوقيءَ سان اسان کي اٿڻ ويهڻ ۽ گفتار جو غازي ڪري ڇڏيائين. هن ڪالم ۾ ته هن جي شخصيت ۽ سندس خصوصيات کي مان مڪمل طرح بيان نه ٿي ڪري سگهيان. پر اڄ ان حوالي سان سڀني جو توجهه ان ڳالهه ڏانهن ڪرائڻ چاهيندس، ته اسان پنهنجن محسنن کي آخر ڪيئن زنده رکنداسين؟ پنهنجن ادارن کي ڪيئن سنڀالينداسين؟ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، پير حسام الدين راشدي ۽ علي احمد بروهي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، محترمه ڊاڪٽر شمس عباسي، سيد پناھ علي شاھ، ايم ايڇ پنهور، پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻيءَ ،شيخ اياز، استاد بخاري ۽ ڪيترن ئي عالمي شهرت يافته، ملڪي سطح تي مشهور ۽ صوبي اندر تعليمي، ثقافتي خدمتون انجام ڏئي پاڻ ارپڻ وارن استادن محققين،عالمن ۽ فنڪارن جي نالن سان اسان گهڻا ادارا منسوب يا قائم ڪيا آهن؟ علم ادب، تحقيق، سخاوت ۽ ثقافت جا ڪيئي چنڊ ستارا غروب ٿي ويا. نه انهن جي ڪيل ڪم جي رکوالي صحيح نموني ڪري سگهيا آهيون ۽ نه ئي انهن جي خدمتن جي اعتراف جو ڪو سليقو ٿا ڄاڻون، اسان علم ۽ ادب کان عاري ٿي سياست جي ور چڙهي ويا آهيون.پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران عوام لاءِ قرباني ڏيندڙ ڀٽي خاندان جي ٻن تابنده شخصيتن ذوالفقار علي ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو جي نالن سان لياريءَ کان لاڙڪاڻي تائين ڪي ادارا قائم ڪرڻ سمجهه ۾ ته اچي ٿو، پر انهن ادارن کي اُنهن شخصيتن جي مان ۽ مرتبي مطابق معياري بنائڻ لاءِ به ڪنهن جي دلچسپي آهي، نه ارادو ۽ نه ئي شعور.
محترمه ڊاڪٽر شمس عباسي، جيڪا آپا مريم جي به اُستاد هئي. جنهن جهڙو منتظم اعليٰ ڪو ورلي ئي ملندو. جيڪا پاڪستان جي هزارين نياڻين جي محسن آهي. هن جي زبيده ڪاليج جي پرنسپل جي ايام ڪاريءَ دوران پڙهيل بيشمار شاگردياڻيون اڄ پاڪستان کان علاوه دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ موجود آهن. سنڌ تي حڪمران طبقي ۾ موجود ٻين سياسي پارٽين سان وابسته ڪي ٿورائي ماڻهو هوندا، جن جي گهرن ۾ زبيده ڪاليج مان پڙهيل عورتن نه هجن، ڪن جون گهر واريون، ڪن جون نياڻيون، ڪن جون نهرون، ڪن جون پوٽيون يا وري ڏوهٽيون. هن ڪاليج مان پڙهي ۽ پرائي نه نڪتيون هونديون. انهيءَ ڪاليج مان باصلاحيت نياڻين کي شعور جي دولت سان مالا مال ڪندڙ، انهن معتبر هستين کي سندن شان مطابق، جاءِ ڏينداسين ته معاشري ۾ اسان جا ڳاٽ به اوچا ٿيندا. سنڌ سرڪار، پنهنجي بجيٽ ۾ڪيترن ئي نون ڪاليجن لاءِ پئسا رکيا آهن. انهن مان ڪو ڪاليج ڊاڪٽر شمس عباسي ۽ پروفيسر مريم سلطانه نوحاڻيءَ جي نالي ڇو نه ٿو ٿي سگهي؟ سنڌ جي معتبر، مقتدر ۽ نياڻين کي علم جي دولت سان آراسته ڪرڻ وارا اهي محترم نالا، اسان جي روح سان سلهاڙيل آهن. اسان سندن شاگردياڻيون، هننجي ذات جا پاڇا آهيون، آپا شمس عباسي ته الله جي رحمت ۾ هلي وئي. رب پاڪ اسان جي استادِ محترم آپا مريم کي صحت سان حياتي ڏئي، هن جو وجود اسان لاءِ ڇپر ڇانوَ آهي. الله ڪري ته اسان ان قابل ٿيون، جو اسان سندس زندگيءَ ۾ هن کي اهڙو اعزاز بخشي سرخرو ٿيون. آپا جي نالي سان منصوب لائبريري جو حال ڏسي، مورائي صاحب مشورو ڏنو ته هن ڪاليج مان پڙهي نڪرندڙ شاگردياڻيون، ڪا واهر ڪن ۽ لائبريريءَ کي ڪو ڏسڻ جهڙو ڪن. صحيح مشورو ڏنائين. اميد ته زبيده ڪاليج ۽ آپاس مريم جون شاگردياڻيون ته پنهنجو حق ادا ڪنديون. پر ڇا سنڌ جي حڪومت، سياست ۽ نعريبازي کان ٻاهر نڪري ڪجهه سماجي ذميوارين ڏانهن به توجهه ڏيندي؟ ۽ سنڌ جي هن مدبر، مفڪر ۽ بي مثال استاد ۽ رهبر جي نالي کي زنده رکڻ جي تدبير ڪندي. هيءَ ڳالهه رڳو آپا مريم نوحاڻيءَ کي مڃتا ڏيڻ جي ناهي، هوءَ ته ان قافلي جي سرواڻ آهي، جنهن ۾ سنڌ جون بيشمار باشعور، نياڻيون شامل آهن. سنڌ ڄائين انهن عورتن جي انهن خدمتن جو اعتراف ڪري. سنڌ ۽ سنڌي قوم پنهنجو مان مٿاهون ڪندي. اهو قدم کڻي اسان اهو ٻڌائينداسين ته سنڌ جي شعور کي بيدار ڪرڻ ۽ سجاڳيءَ ۾ سنڌ جي عورت به اوتري ئي متحرڪه رهي آهي، جيترو سنڌي مرد، اچو ته اسان پنهنجي موجوده نسل ۽ ايندڙ پيڙهين کي اهو پيغام ڏيون ته اسان پنهنجين عورتن تي فخر ٿا ڪريون ۽ هنن جي علم ۽ اڪابريءَ کي مڃون ٿا ۽ انهن جو قدر ٿا ڪريون.
ل