منصور سرور
سينيئر رڪن
امداد گوپانگ
چوڻي آهي ته جيڪڏهن ٿوري وقت لاءِ ترقي چاهيو ٿا ته ڪاروبار ڪريو، جي ڪجهه سالن لاءِ، ته پوءِ وڻ پوکيو ۽ جيڪڏهن سدائين لاءِ ترقي چاهيو ٿا ته تعليم حاصل ڪريو ۽ ترقي جا اهي ٽيئي سبب پنجاب ۾ موجود آهن. پنجاب جي حد شروع ٿيندي ئي روڊن جي ٻنهي پاسن تي وڻن جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويندو آهي ۽ شهرن ۾ ڪاروباري مرڪز پنهنجي عروج تي ڏسڻ ۾ ايندا ۽ تعليمي ادارا اهڙا، جيڪڏهن علم حاصل ڪرڻ لاءِ چين وڃڻ جي سگهه نه هجي ته پنجاب جو رخ ڪري سگهجي ٿو!
مان هتي پنجاب جي هڪ پٺتي پيل علائقي جي هڪ پرائمري اسڪول جو ذڪر ڪندس، جنهن جي ڏسڻ سان منهنجو عقل دنگ رهجي ويو ۽ هڪ خواهش نئين سر ڪر کنيو ته ڪاش جيڪڏهن اهڙا اسڪول ۽ استاد سنڌ ۾ هجن ته سنڌ جا سڀ درد هڪ لحظي ۾ لهي وڃن. ملتان کان تقريبن 25 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي شجاع آباد ويندي مين روڊ تي ديهه بليل جو پرائمري اسڪول واقع آهي. پرهه ڦٽيءَ جو اتان گذرندي، جڏهن اسڪول جي عمارت تي نگاهه پئي ته ان اسڪول کي ڏسڻ جو شوق جاڳيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ اسڪول جي در تي بيهي، اسڪول جي انتظاميه ڏانهن نياپو ڪيم ته سنڌ جو هڪ استاد، اوهان جو اسڪول ڏسڻ ۽ اوهان سان ملڻ چاهي ٿو! انهيءَ پل اسڪول جو هيڊ ماستر محمد اصغر سکيرا شانائتو آڌر ڀاءُ ڪندي وڏي چاهه ۽ ادب سان اچي مليو، اسڪول ۾ داخل ٿي اچي هڪ خالي ڪلاس روم ۾ ويهاريائين، شاگرد ۽ شاگردياڻيون اڱڻ ۾ برياني کائي رهيا هئا، هن ٻڌايو ته هي اسڪول ملتان جي پوئتي پيل علائقي جو اسڪول آهي، هتان جي آبادي سِرن جي بٺي واري ڌنڌي سان وابسطه آهي، تنهن ڪري اسڪول ۾ مقرر ٽي استاد ۽ پاڙي جو ڪو مخير شخص هر هفتي هتان جي ٻارڙن لاءِ هڪ ويلي جي کاڌي جو بندوبست ڪندا آهن ته جيئن اهي غريب ٻارڙا هڪ هفتي ۾ هڪ ويلو پيٽ ڀري کاڌو کائي سگهن!
هي اسڪول بنيادي سهولتن کان بنهه وانجهيل هو پر استاد محتاج نه هئا. اسڪول ۾ ڪنهن به چوڪيدار، پٽيوالي ۽ ڀنگي جي مقرري نه هئي پوءِ به صفائي اهڙي جو دل واهه واهه ڪري. اسڪول اجائي ٺاهه ٺوهه کان بلڪل پري، ڪلاسن ۾ ڪجهه چارٽ لڳل هئا، جن تي ڊينگي مڇرن بابت آگاهي لکيل هئي، ڪلاس روم جا آداب، اسڪول جي عمارت ۽ فرنيچر جي حفاظت لاءِ هدايتون، بجلي جي خطرن بابت، استادن ۽ والدين جي ذميواري بابت ۽ سٺي شاگرد ۽ شهريءَ جون نشانيون، چارٽن تي درج ٿيل هيون. اسڪول جي تعليمي مواد لاءِ هڪ لوهه جي پيتي رکيل هئي. هيڊ ماستر جي آفيس بابت پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته ڇا پرائمري اسڪول ۾ آفيس جو تصور به هوندو آهي؟ اسڪول جو وقت سياري ۾ صبح 8.15 کان 2.45 تائين ۽ گرمي 7.30 کان 2.00 وڳي تائين، هيڊ ماستر مقامي هو باقي ٻه استاد (هڪ مرد ۽ هڪ عورت) محمود علي ۽ اسماءَ حسن ملتان مان روز ايندا آهن ۽ اهو به وقت تي! سندن چوڻ هو ته استاد اسڪول ۾ دير سان ڪيئن ٿو اچي سگهي!؟ ڇاڪاڻ ته هو سنڌ جي استادن جي ويزا تي وڃڻ واري عمل کان بنهه اڻ واقف هئا.
هنن ٻڌايو ته هو اسڪول جي صفائي ۽ حفاظت جا پاڻ ذميوار آهن. اسڪول ۾ بجلي هئي ئي ڪا نه (صرف فٽنگ ٿيل هئي) پاڻي لاءِ هڪ هينڊ پمپ لڳل هو. صاف سٿرا باٿ روم ۽ اسڪول جي احاطي ۾ هڪ بهترين گلن جي نرسري موجود هئي. اسڪول جي ٻاهران لڳل بورڊ تي لکيل هو ته اچو ۽ ڏسو ته اسان ٻارڙن جي بهتر تعليم لاءِ ڪهڙيون ڪوششون وٺون ٿا ۽ ان سان گڏ اسڪول ۽ اتان جي استادن جي درجه بندي به درج هئي ته اهو اسڪول اي ڪيٽيگري ۽ استاد اي ون ڪيٽيگري ۾ ڏيکاريل هئا. هي اسڪول سنڌ جي اسڪولن کان بنهه مختلف هو، جنهن ڏينهن اهو اسڪول ڏٺو ويو، اهو جمع جو ڏينهن هو. اسڪول ۾ 116 شاگرد ۽ شاگردياڻيون داخل هئا ۽ 112 حاضر هئا، چار غير حاضر شاگردن جي سبب ڄاڻڻ لاءِ پريشان رهندڙ هيڊ ماستر، پاڻ کي ذميوار سمجهندي چيو ائين نه ٿيڻ گهرجي!
نائب استادن ۾ محمود علي اردو ۾ ماسٽر ڊگري ۽ اسماءَ حزن زولاجي ۾ ايم ايس سي هولڊر آهي، سندس گريڊ رڳو 09 هو ۽ هيڊ ماستر 14 گريڊ ۾ هو ۽ فقط انٽر ميڊيٽ جي تعليم حاصل ڪيل هئس. سندن چوڻ هو رڳو پگهار وڌائڻ لاءِ تعليمي ڊگرين جو ڏيکاءُ ڪهڙي ڪم جو!؟ جو سٺا استاد ثابت ٿي نه سگهون! ٽائيم اسڪيل واري فائدي کان هي محروم استاد، سنڌ جي پرائمري استادن جي گريڊ ۽ پگهارن جو ٻڌي حيراني ۾ وڪوڙجي ويا! ۽ مان لڄي ٿيڻ کان بچڻ لاءِ کڻي ڪنڌ هيٺ ڪيو ته متان اهو پڇيو وڃي ته اتان جا استاد ۽ اسڪول به اهڙا آهن!؟
اهي استاد ڏسي مون کي هيءَ ڳالهه ياد آئي ته ڪجهه سال اڳ مان استادن جي تربيت جي سلسلي ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف سائنس اينڊ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن (NISTE) ۾ ويو هئس، جتي سنڌ جي استادن جي ڏاڍي تعريف ٿيندي هئي ۽ هڪ ڏينهن حجت ۾ مون پڪ ڪرڻ خاطر ان استاد کان پڇيو ته واقع سنڌ جا استاد ان تعريف جا حقدار آهن؟ ته هن کلي وراڻيو ته پنجاب جا ذهين استاد وڌيڪ علم لاءِ ٻاهرين ملڪن ۽ ادارن ۾ ويل آهن ۽ ذميوار استاد هتي اچڻ کان بهتر پاڻ کي پنهنجن اسڪولن ۾ سمجهن ٿا باقي گهمڻ جا شوقين استاد هتي آيل آهن ته پوءِ واقع توهان انهن کان بهتر آهيو! واقع پنجاب ۾ تعليم جي بهتري ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جيڪڏهن هتان جي پوئتي پيل علائقي جي پرائمري اسڪول جو اهڙو بهتر تعليمي سرشتو آهي ته پوءِ ترقيءَ وارن علائقن ۽ شهرن ۾ اسڪول ڪيئن هوندا؟
۽ پوءِ به سنڌ ۾ اڪثر اهو پڪو راڳ ٻڌو ويندو آهي ته پنجاب حڪمراني ڪري ٿو ۽ سنڌ غلامي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. ته سچ اهو ئي آهي ته پنجاب کي حڪمرانيءَ جا ڏانءُ اچن ٿا ۽ اسان کي غلامي ۾ رهڻ جي عادت پئجي وئي آهي.