هڪ چريو شخص سڄو ڏينهن چوندو وتندو هو تـ غُليل ٺاهيندس جهرڪيون ماريندس ، غُليل ٺاهيندس جهرڪيون ماريندس ، آخر ڪار اها حالت ڏسي مائٽن ۽ پاڙيوارن کيس هڪ ماهر نفسيات جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو۽ ماهر نفسيات ڊاڪٽر همراهـ جو علاج شروع ڪيو ڪجهـ ڏينهن جي محنت ۽ دواء جي ڊوزن پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ڊاڪٽر صاحب پنهنجي ڪاميابي تي خوش ٿيڻ لڳو ۽ مائٽن کي نياپو ڪيائين تـ ڀائو توهان وارو مريض هاڻي بلڪل ٺيڪ ٿي ويو آهي ، جلد اچي کيس ڳوٺ وٺي وڃو . همراه اچي ڪڙڪيا . خبرون چارون ڏيڻ وٺڻ بعد پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تـ پاڻ وارو همراهـ لڳي تـ بلڪل صحيح ٿو پر وري بـ ڊاڪٽر کي کڻي ٿا چونءِ تـ اسان جي سامهون هن جي ذهني ڪيفيت کي کڻي تپاسي ڪٿي ڪو ڳوٺ يا رستي ۾ تـ مسئلو ڪونـ ٿيندو سو ڊاڪٽر کي چيائون تـ اسپتال مان بيدخل ٿيڻ کان اڳ اسان کي تسلي تـ ڪراءِ تـ همراهـ بلڪل صحيح آهي. ڊاڪٽر همراهـ کي سڏايو پڇائينس تـ ڳوٺ وڃي ڇا ڪندو . هُن وراڻيو شادي ڪندس ، نوڪري ڳوليندس ، گهر آباد ڪندس . ڊاڪٽر خوش ٿيندي چيو شاباس ، ٻيو ڇا ڪندي ؟ جواب ڏنائين ٻار پيدا ٿيندا تـ انهن کي سُٺي اسڪرل ۾ پڙهائيندس ، ڊاڪٽر تمام سٺو تمام سٺو ، داد وٺڻ لاء همراهـ جي مائٽن کي چوڻ لڳو تـ اوهان جا ڪي پير زور هئا جو هن کي مون وٽ وٺي آيا ، وري همراهـ کي چيائين پو ڇا ڪندين ، جواب ڏنائين ٻارن جي هر سال سالگرهـ سُٺي نموني سان ملهائيندس ، مٽ مائٽ يار دوست سالگرهـ تي تحفا ڏيندا انهن ۾ شرٽس هونديون نيڪرس(چڍيون) بـ تحفن ۾ هونديون ، انهن جي نيڪرن مان السٽڪ (رٻڙ ) ڪڍي انهن مان غُليل ٺاهيندس جهرڪيون ماريندس ، غُليل ٺاهيندس جهرڪيون ماريندس ، ٻيو وري ڪڄا ڪندس ،hall chari
جواب: چري ڪئين سکر (ٻاراڻو ادب) واه سائين واه ۔۔۔ همراه کي چريو ڪير چوي، ايتري ڊگهي سوچ وارو ماڻهون ته عقلمند چئبو ۔۔۔ باقي غليل وارو خيال سٺو آهي جو پنهنجيون به ڪيتريون ئي پراڻيون چنڍيون پيون آهن ۔۔۔ بس رٻڙ ڪڍي غليل ٺاهي وٺبي ۽ هن دور ۾ هٿيارن جي اهميت کان ڪير لنوائيندو ۔۔۔ asul matt suhnan saan