منصور سرور
سينيئر رڪن
ناهيد اسرار
منهنجي ۽ تنهنجي“ جي جهڳڙي ۾ قوم ڪهڙي ۽ انسانيت ڪٿي آهي؟ هو مري رهيو آهي، کيس مرڻ ڏيو، اسان کي ته پنهنجي لڳل آهي ٻئي ڀائر ڪافي دير کان ٻاهر هڪ وڻ جي هيٺيان ويٺل هئا. جيتوڻيڪ هوا گرم هئي پر انهن گهُٽيل ڪمرن کان چڱي هئي جيڪي بجلي نه هجڻ ڪري تندور بڻيل هئا. ٻنهي جي پُٺي گرمي ڪري ڳاڙهي ٿي رهي هئي. ننڍي کي اڻ تڻ گهڻي هئي جنهن ڪري هن کان اهو چوندي رهيو نه ٿيو ته ”وڏا هو تنهنجو جهيڙو هو، جنهن جي زد ۾ مان ڇو آيس؟“
”پٽ پٺي به تنهنجي آهي نه! هاڻي پنهنجي پٺي پاڻ کنهه!“
ننڍپڻ کان اسڪول جي ڪتابن ۾ اهو ئي پڙهندا آياسين ته قومن جي ترقي ۽ بقا جو انحصار اتحاد تي آهي. هن دنيا ۾ اها ئي قوم پنهنجو مقام بڻائي سگهي ٿي، جنهن جي ماڻهن وچ ۾ ٻڌي هوندي آهي. اتحاد، تنظيم، يقين محڪم انهن لفظن سان اردو، انگريزي ۽ سنڌيءَ جا ڪتاب ڀريل آهن. پر جڏهن اسان اسلامي جمهوريه پاڪستان جي سرزمين تي عملي زندگيءَ ۾ قدم رکيو ته نقشو ئي ٻيو هو. ڪهڙو اتحاد، ڪهڙو اتفاق؟ پوري قوم گروهن ۽ فرقن ۾ ورهايل آهي. هر پهريون ٻئي کي ڪافر يا غدار چئي مارڻ جي لاءِ تيار آهي ۽ جيڪو ٽيون آهي اهو خاموش تماشائي بڻيل آهي.
منهنجي ۽ تنهنجي واري جهڳڙي ۾ قوم ڪهڙي انصاف ڪٿي؟ هو مري رهيو آهي کيس مرڻ ڏيو. اسان کي ته پنهنجي لڳل آهي... ڪوئي چوي ٿو ته هتي اڪثريت کي حق نٿا ملن ته اقليت کان ڪير پڇندو. هڪڙو سوچي ٿو ته منهنجو وقت آيو ته مون سان گڏ ڪير به نه هو. مان ڪنهن جي جنازي ۾ ڇو وڃان؟ مطلب ته هر شخص پنهنجي پنهنجي پُٺي کجڻ ۾ مصروف آهي. پوءِ به سڀ چون ٿا ته اسان جي شنوائي نه ٿي ٿئي.
اڙي ڀاءُ ڪيئن ٿيندي شنوائي جڏهن هر شخص پنهنجي پنهنجي ڏک جو ڪشڪول کنيو الڳ ٿلڳ بيٺو هوندو. احمدي مري ٿو ته شيعو خاموش، شيعو مري ٿو ته احمدي چپ، سني جو پٽڻو اهو آهي ته اسان به مرون ٿا، اسان لاءِ ڪير به نٿو روئي ته اسان ڪنهن جي لاءِ ماتم ڇو ڪريون. هندو جي ڌيءَ اغوا ٿي وئي، سِک بت بڻيل رهيو. عيسائين کي اسان سان وچڙائي ڇڏيو، پورو ملڪ تماشائي بڻيو ويٺو رهيو. ڪنهن جي منهن مان احتجاج جو هڪ لفظ نه نڪتو. ليڊر اچن ٿا ۽ بيان ڏئي هليا وڃن ٿا. هجوم ٽڙي پکڙي وڃي ٿو. ڪهاڻي ختم پئسا هضم. پوئتي رهجي وڃن ٿا مرده جسم ۽ فرياد ڪندڙ چهرا.
ڏک سڀني جو گڏيل آهي پر روئڻ الڳ الڳ. سڀني کي معلوم آهي ته دشمن ڪير آهي پر هو هڪ آواز ٿي دانهن نه ٿا ڪن. مرن ٿا ته مرڻ ڏيو، اسان تڏهن ڳالهائينداسين جڏهن اسان جو وارو ايندو. هاڻ کان پنهنجو ڏينهن ڇو خراب ڪريون. ڪم ڪار آهي، گهر ٻار آهي، سڀ ڇڏي اسان پرائي جنگ ۾ ڇو پئون؟
اسان جو مسئلو آخر ڪهڙو آهي؟ بجلي؟ نه، بيروزگار، نه، ڪرپشن؟ نه، دهشتگردي؟ بلڪل به نه. اسان جو مسئلو آهي نفاق ۽ انهيءَ اوٻر پوري قوم کي کوکلو ڪري ڇڏيو آهي جيستائين اسان پنهنجي پنهنجي ڏيڍ سر واري مسجد جوڙي الڳ الڳ خدائن کي پوڄيندا رهنداسين، تيستائين مرندا رهنداسين. ٻيون قومون ائين ئي اسان کي جوتي جي نوڪ تي رکنديون رهنديون. اهڙي طرح هي ملڪ مداري جي ڊگڊگي تي نچندو رهندو جنهن جي دل چوندي، اهو ايندو ۽ مندر جي گهنڊ وانگر اسان کي وڄائي هليو ويندو ۽ اسان اهو ئي سوچيندا رهجي وينداسين ته هي اسان جي جنگ آهي يا نه؟
هن ملڪ جي شهرين کي پنهنجي بقا درڪار آهي ته بنا ڪنهن نسل ۽ لسانيت ۽ فرقيواراڻي تفريق جي هڪ قوم جي حيثيت ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻو پوندو. هي تنهنجو منهنجو وارو جهڳڙو وساري هر اُن شخص ۽ گروهه جي حوصلا شڪني ڪرڻي پوندي، جيڪو اسان وچ ۾ تفريق پيدا ڪري رهيو آهي. اوهان کي انصاف کپي؟ پهرين هڪ ٻئي سان انصاف ڪرڻ ته شروع ڪريو.
منهنجي ڳالهه اوهان کي شايد سمجهه ۾ نه اچي پر ممڪن آهي ته مارٽن ٽيمولر جا اهي لفظ اوهان کي سمجهه ۾ اچي وڃن:
پهرين هو ڪميونسٽن کي مارڻ آيا ته مان چپ رهيس ڇو ته مان ڪميونسٽ نه هئس.
پوءِ سوشلسٽن کي مارڻ آيا ته مان چپ رهيس ته مان سوشلسٽ نه هيس.
پوءِ هو ٽريڊ يونين کي مارڻ آيا ته مان چپ رهيس ته مان ٽريڊ يونين ۾ نه هيس.
پوءِ هو منهنجي لاءِ اچي ويا ته ڪير به نه ڪڇيو ڇو ته ڪو بچيو ئي نه هو.
پوءِ هو منهنجي لاءِ آيا، ۽ تڏهن منهنجي لاءِ ڳالهائڻ وارو به ڪو بچيو ئي نه هو.