پهرين جي مقابلي ۾ ٻي وڊيو ايڊيٽنگ جي حساب سان ڪافي بهتر لڳي... سکيا جو انداز به وڻندڙ لڳو... بس ڪاٿي ائين لڳو ته توهان ڪجهه ڪي بورڊ ڪمانڊ استعمال ڪري رهيا آهيو پر ان جي وضاحت زباني نه ڪئي... مثال طور
سرڪل ۽ ٽيڪسٽ کي هڪ ئي وقت ڪئين سليڪٽ ڪبو؟ ڇا ان لاءِ ڪنٽرول بٽڻ يا شفٽ بٽڻ دٻائي رکڻو پوندو...
جڏهن ٽيڪسٽ سرڪل تي اچي ويو ته ٻنهي جو هڪ گروپ بڻجي پيو .. توهان وڊيو ۾ ساڳيو ئي ٻيو گروپ به ٺاهيو اهو ڪيئن ٺهيو..؟ ڇا ان لاءِ به ڪنٽرول بٽڻ يا شفٽ بٽڻ دٻائي رکڻو پوندو...
جاري رکجو جو منهنجي پڻ هاڻي گرافڪس ڏانهن دلچسپي وڌي رهي آهي..