• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ويراڳين جي وڪڙ ۾

ويراڳين جي وڪڙ ۾ سدائين رهيا سين
نه سڌ هئي سفر جي نه سنڀلجي سگهياسين
جواني ۽ جوڀن ائين پاڻي پڙلاءُ
هلندو رهيو جنهن ۾ ترندا رهياسين
فڪر سڀ فنا ها بره سڀ بنا ها
هي چاهت جو چوريو ٿاٻڙجي ڪرياسين
اميدن ۾ آڪاش تي ڄڻ هئاسين
زماني جي گردش ڦيري ڦرياسين
هر ڪنهن ۾ پنهنجي محبت ڀرڻ لئه
پنهنجو پاڻ کان ڀي ڀلجي وياسين...

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top