• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏَهَرُ جاڳو, جاڙيجا ! سَمَا سُک مَ سُمهو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
جاڳو, جاڙيجا ! سَمَا سُک مَ سُمهو
پَسَو، آن پَاريَا ، لاکو ٿو لَوڙيُون ڪَري.


سر ڏَهَرُ

جاڙيجا = ذات، سما اصل راجپوت هئا، هي جاڙيجا سندن ئي ذات ۽ قبيلي جو نالو آهي.
مَ = نه، هرگز
پَسو = ڏسو، جاچيو، غور فڪر ڪيو
آن = اوهان، اوهان جي
پَاريَا = طرف، پاسي
لاکو = لاکو ڦلاڻي ڌاڙيل، ڪڇ ڀڄ جي راءِ سان جاڙيجن ڦٽائي هئي ۽ سندس حڪم مڃڻ کان انڪار ڪيو هو ته وقت جي حڪمرانن ماڻهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ ڌاڙيل پاليا هئا.
لَوڙيُون = ڦرون، ڦرلٽ

* اي جاڙيجا ۽ سما بي فڪرا ٿي سک سان نه سمهو، ننڊون نه ڪيو.

* ڏسو نه ٿا ته هر طرف کان توهان جي مٿان حملا ٿي رهيا آهن ۽ توهان جي مال اسباب جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي.

سمجهاڻي
ڀٽائي هر دؤر جو شاعر آهي. هن ڌرتيءَ تي ٿيندڙ هر ڏاڍ، ظلم ۽ جبر تي ڀٽائيءَ جون ننڊون ڦٽل آهن. هو ور ور ڪيو قوم کي پيو جاڳائي.
ڀٽائي وسيلن جي ڦرلٽ تي پوءِ اها پنهنجن طرفان هجي يا ڌارين طرفان سنڌي قوم کي خبردار ڪندي حيرت جو اظهار ٿو ڪري ته هيڏا ظلم, قهر, جبر. ۽ وسيلن جي ڦرلٽ جاري آهي پر توهان ننڊ ۾ آهيو.


____
سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top