منصور سرور
سينيئر رڪن
ننڍي هوندي کان سياست ۽ ادب ۾ تمام گهڻي دلچسپي هئڻ ڪري دل ۾ اهو پڪو خيال ويهجي ويو هو ته زندگيءَ جي ڪنهن موڙ تي ترقي يا فته ۽ خوشحال سنڌ ڏسڻ ممڪن هوندو ۽ ان ۾ انفرادي حوالي سان منهنجو به ڪو ڳڻپ جوڳو حصو هوندو پر اڄ مان اهو اعتراف ٿو ڪيان ته زندگيءَ ۾ هڪ کان وڌيڪ ذميواريون هٿ ۾ کڻڻ ۽ روزانو زندگيءَ جي مختلف تقاضائن سبب پنهنجي خواب کي نه مناسب وقت ڏيئي سگهياسين ۽ نه ئي نتيجا خيز جدوجهد ڪري سگهياسين، اها ڳالهه ۽ ناڪاميءَ جو اهو پڇتاءُ زندگيءَ جي آخري لمحي تائين ڪنڊي جيان چُڀندو رهندو