منصور سرور
سينيئر رڪن
وينگس
اڄ مان هر هڪ کان سوال ڪرڻ چاهيان ٿي ته ”ڇا اسان سنجيده آهيون؟“ اهو نه ڏسو ته سوال ڪير ٿو ڪري پر پنهنجي دل تي هٿ رکي سوال تي سوچجو. هاڻي جيستائين توهان پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريو. ان کان اڳ مان هتي پنهنجو تجزيو ڪالم ذريعي رکڻ چاهينديس.
اسان وٽ اهو الميو رهيو آ جو اسان مسئلن جي نزاڪت کي محسوس ڪرڻ بجاءِ پنهنجي ذاتي مفاد پرستي جي بنياد تي راءِ ڏيندا رهون ٿا. ايترو ئي نه مسئلن تي آواز اُٿارڻ ۾ به بي ايمان ڪيون ٿا.
ان کان انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته سنڌ ۾ ٻه سياسي سگهه رکندڙ ڌريون آهن هڪ پارليامينٽرين جنهن ۾ اڪثريت رکندڙ پيپلز پارٽي ته ٻئي طرف سنڌي قومپرست پارٽيون جيڪي ڪيترن ئي گروپن ۾ ورهايل آهن. جيتوڻيڪ انهن سڀني جو مقصد هڪ آ بقول اُنهن جي پر ڪير ڪيترو پنهنجي مقصد ۾ ايماندار يا ان مقصد کي حاصل ڪري سگهيو، اِن بحث کي هڪ پاسي تي رکي، اِهو ڏسو ته سڀئي پنهنجن ذاتي مفادن جو دفاع ڪن پيا.
هتي هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ڳالهه ياد ڪرائيندي هلان، جڏهن مان هندو نارين جي ڪيسن تي آواز اُٿاريو، ان وقت ڪيترن ئي خاموشي اختيار ڪئي، گهڻن کي مسئلي جو اندازو ئي نه هو. شايد اهي سنڌ ۾ نه پر ٻئي ڪنهن دنيا ۾ رهن پيا، جو انهن کي هندو نارين جي ڪيسن جي مسئلي جو اندازو ئي نه هو.
خير! آواز نه اُٿارڻو هجي ته پوءِ بهانا هزارين ...! ان کان پوءِ هندن جي مسئلن تي آواز اُٿڻ لڳا، ڇاڪاڻ جو ميڊيا ۾ اسان هندن جي مسئلي کي کڻي، احساس ڏياريو ته سڀئي مسئلن کان منهن نه ٿا موڙي سگهون.
هتي هندو نارين جي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد اِهو آ ته ڇا اسين سنڌ ۾ تيار ٿيندڙ انتها پسندي جي کيپ کان انڪار ڪري سگهون ٿا؟ هندو نارين جو ڪيس هڪ Test هئي، جنهن ۾ سنڌ جي ردعمل کي ڏٺو پئي ويو ته سنڌ ڪيترو ردعمل ڪري سگهي ٿي.
انهن اِهو ڏسي ڇڏيو. جيتوڻيڪ ان وقت جي حڪومت جيڪا هينئر به موجود آهي پ پ پارٽي هئي، ان ڪيترو ڪردار ادا ڪيو ۽ اسان سڀئي پنهنجي تنقيد هڪ پارٽي تي ڪري پنهنجا هٿ ڇنڊي صاف ڪري آجو نه ٿا ڪري سگهون، جيڪڏهن اقتداري پارٽي ڪجهه نه ڪيو ۽ نه ئي اقتدار کان ٻاهر رهندڙ پارٽين به ڪو ڪردار ادا نه ڪيو.
ان وقت جي خاموشي ۽ هاڻي وري سنڌ جي سياسي سگهه طرفان، مطلب سياسي پارٽين طرفان خاموشي اختيار ڪيل آهي. اتر وزيرستان ۾ آپريشن دوران متاثرين کي ٻين صوبن ڏانهن موڪلن بدران سنڌ ۾ موڪليو وڃي پيو. اسان ڪجهه لکنداسين ته تنقيد ٿيڻ شروع ٿيندي اِهو نه ڏٺو ويندو، لکيو ڇا ويو آهي. ڪاش! هِن ڀيري تنقيد ڪرڻ سان گڏ سمجهڻ کي به جڳهه ڏني وڃي.
ان ڪري مان پنهنجي فيس بڪ پيڪج تي آپريشن متاثرين تي سوال ڇڏيا ته جيئن انهن جا جواب اچي سگهجن آخر سنڌ جو موقف ڪيئن، ڇا ۽ ڇو آهي؟
سوال:
1 ) حڪومت کي آپريشن متاثرين جي حوالي سان ڇا ڪرڻ گهرجي؟
2) اِن جا سنڌ تي ڪهڙا اثر پوندا؟
3) ڪيترا آپريشن متاثرين ٻين صوبن ڏانهن موڪليا ويندا؟
4) وفاقي ۽ خيبرپختونخواه آپريشن متاثرين جي لاءِ ڇا ڪري پئي؟
انتهائي افسوس سان لکڻو پوي ٿو ته جيترو ريسپانس اچڻ گهربو هو، اُهو نه اچي سگهيو! جيڪڏهن اتي مان سنڌ حڪومت جي لاءِ سوال ڇڏيا ها اهي سوال سنڌ جي مستقبل ۽ وفاقي حڪومت تي هئا، جو ڪنهن کان جواب ڏيڻ نه ٿيو يا وري هينئر تائين ڪنهن پناهگيرن جي مسئلي تي سوچڻ پسند نه ڪيو آهي!
انهن سوالن تي ڪجهه ماڻهن جواب ڏنا جن پنهنجا پنهنجا موقف رکيا.
”ضياء رحمان (انگريزي ميڊيا جو صحافي) ان پنهنجو موقف ڏنو، پهرين سوال جو جواب ته اِها وفاقي حڪومت جي ذميواري آهي، اُها کاڌ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون مهيا ڪري. فاٽا، وفاق جي اندر اچي ٿو ۽ صدر اُتان جو انچارج آهي. مان (ضياءَ رحمان) ذاتي طور تي راءِ ڏيندس ته وفاقي حڪومت، ڪي پي ڪي جي حڪومت سان ملي ڪري پلان جوڙي، جنهن ۾ متاثرين جي مدد ڪئي وڃي. ڪي پي ڪي، فاٽا جي گهڻو ويجهو آهي.
ٻيو سوال جو جواب ته اتر وزيرستان ۾ ٻئي قبيلا آهن هڪ Utmanzai ۽ ٻيو داور، سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ٻنهي قيبلن جون ڪميونٽي يا رشتيدار ناهن. اهي (آپريشن متاثرين) گهڻو ڪري بنو، ڪوهاٽ، پشاور، راولپنڊي ۽ چڪوال وڃڻ کي ترجيح ڏيندا. پر اِهو وري به وفاقي حڪومت ۽ ڪي پي ڪي تي آهي ته اهي آپريشن متاثرين کي ڪيئن ٿا ڊيل ڪن؟ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايڊ ورڪرز، صحافين ۽ قبيلائي اڳواڻن کان انٽرويو بنو ۾ ڪيا ويا جن ٻڌايو ته متاثرين حڪومت جي ڪارڪردگي کان خوش ناهن ۽ ٿورا خاندان ڪئمپن ۾ رهڻ کي ترجيح ڏين پيا.
مشتاق احمد سوال جو جواب ڏيندي لکي ٿو ته آپريشن متاثرين جي حوالي سان سوال بهترين آهن پر عبرت کي ان بابت هڪ فورم سڏائڻ گهرجي.
نواز خاصخيلي جواب ڏيندي چيو، سنڌ اڳ ئي عالمي يتيم خانو بڻيل آهي. متاثرين پاڪستان جا شهري آهن، ان ڪري انهن کي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ ترسائڻ گهرجي. سنڌ مٿان پهرين کي بار گهڻو آهي، جنهن ڪري آپريشن متاثرين کي پنجاب ۾ ترسايو وڃي. جيڪڏهن سنڌ ۾ موڪليو ويو ته حالتون خراب ٿينديون.
ماجد حيدري جواب ڏنا ته متاثرين کي سنڌ ۾ موڪليو وڃي، پيو پنجاب بظاهر پنهنجون سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ جي جاگيرافي صورت تبديل ٿي سگهي ٿي خاص طور تي سوسائٽي سطح تي به اثر پوندا.
چلهار من جو چوڻ ته سنڌ هڪ نئون وزيرستان بڻجڻ وڃي پئي.
سرمد کوسي جو چوڻ هو ته اهي ڪجهه به نه ڪندا، سڀ ڪجهه سنڌ ئي ڪندي ۽ سنڌ ئي بدترين متاثر ٿيندي.“
هي سوال منهنجي فيس بڪ پيج تي پُڇيا ويا ۽ ايندڙ جواب، جواب ڏيندڙن جي پنهنجي ذاتي راءِ آهي.
وفاقي ۽ ڪي پي ڪي تي ذميواري عائد ٿئي ٿي ته اهي متاثرين جي مدد ڪن، جيئن ضياءَ رحمان ٻڌايو ته اتر وزيرستان جا آپريشن متاثرين پشاور، بنو، چڪوال ۽ راولپنڊي وڃڻ کي ترجيح ڏيندا.
ڇا عمران خان کي ايتري به خبر ناهي ته وزيرستان ۾ ڪيترا قبيلا آهن ۽ اهي ڪٿي وڃي سگهن ٿا. پر پنهنجي جلسي ۾ سنڌ تي تنقيد ڪرڻ مان ڇا مراد آهي؟ ان جو مطلب ته عمران خان انهن کي ڪي پي ڪي ترسائڻ نه ٿو چاهي؟
وفاقي ۽ پنجاب حڪومت (مسلم ليگ ن) هميشه جيان متاثرين کي بياني مدد ڪرڻ تائين محدود آهي. سنڌ جو وزيراعليٰ قائم علي شاهه ايترو چيو ته سنڌ هاڻي وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي ته پوءِ سڀني سنڌ حڪومت تي تنقيد ڪرڻ شروع ڪئي. سنڌ حڪومت جيڪا پاڪستان جي سياست ڪري ٿي ان کي وري خاموش ڪرايو ويو ۽ آپريشن متاثرين کي سنڌ ۾ وڏي انگ جي تعداد ۾ موڪليو وڃي پيو.
سنڌ حڪومت وٽ ڪهڙي حڪمت عملي آهي جو اهي ايندڙ متاثرين کي واپس موڪلي سگهن؟ سنڌ حڪومت کي ان حوالي سان واضح ڪرڻ گهرجي ته اهي ڇا پيا ڪن؟
پر هڪ سوال وري مان ٻيهر پڇڻ چاهيندس ته ڇا اسان سنجيده آهيون؟ جيڪڏهن وفاق ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت هجي ها ته سنڌ جو قومپرست پارٽيون آئي ڏينهن احتجاج ڪن ها پر هن ڀيري سنڌي قومپرست ۽ پارليامينٽري سياست ڪندڙ پارٽين جون همدرديون ۽ دوستيون مسلم ليگ ن سان لڳن ٿيون، جو اهي آپريشن متاثرين تي بيان ۽ هڪ بينر کڻي احتجاج ڪن ٿا. ائين به ٿي سگهي ٿو ته اسٽيبلشمينٽ کي ڪير ناراض نه ٿو ڪرڻ چاهي! طالبانن خلاف آپريشن ٿيڻ گهرجي ۽ انهن جي باب کي بند ڪيو وڃي پر آپريشن متاثرين جيڪي سنڌ ۾ زبردستي موڪليا پيا وڃن، ان تي ڪيئن ٿو خاموش رهي سگهجي؟
سنڌ جنهن کي اڳ ئي دهشتگردن زخم ڏنا آهن ڇا اڃا ٻيا به گهاوَ ڏنا ويندا؟ سنڌ جي غير سنجيدگي مستقبل ۾ سنڌ جي مٿي تي ڪارو داغ نه هڻي ڇڏي، ان ڪري سنڌ کي پنهنجي مسئلن تي سنجيدگي جو مظاهرو ڪرڻو پوندو. ان کان پهرين پنهنجو پاڻ کان سوال ڪريون ته ڇا اسان واقعي سنجيده به آهيون؟