هوٽل ٻاهران بئنچ تي شهزاديءَ دم ڏنو. جولاءِ جي ارڙهين تاريخ تي، سندس حياتيءَ جو کيل پورو ٿيو، ۽ بئنچ تي ليٽيل رئي سان ڍڪيل شهزاديءَ جي ٽن مهينن کان مٿي ”رولاڪيءَ“ ۽ هِت هُتِ ڀٽڪڻ کي نجات جي نَويد ملي. مان نه ٿو ڄاڻان ته هوءَ ڪيترو خوش ٿي هوندي، پر بهرحال، سندس هٿ ٺوڪئين وارثن کي ته ان ڏچي مان جان آجي ٿيندي محسوس ٿي هوندي، جيڪو ڏچو، اٻاوڙي جي گهٽين ۾ گهران ڪڍيل نياڻيءَ جي ”ذلت آميز“ حياتيءَ تي ماڻهن جي سلوڪ پاران ٿيو هوندو...شهزادي خوش ٿي هجي نه ٿي هُجي، سندس وارث ”بادشاهه“ ته خوش ٿيا هوندا. خبرن مطابق، چمڙيءَ جي بيماريءَ ۾ ورتل هئي اها نياڻي، جنهن جي والد جي وفات کان پوءِ سندس والده ٻي شادي ڪئي هئي ۽ ”وارثن“ ۾ شامل ڀائرن، سندس بيماريءَ ۽ حالتن کي ڏسندي ۽ ”علاج جي سگهه نه سارڻ“ جي بهاني کي هٿ ڪندي، کيس گهران ڪڍي ڇڏي هو ۽ هوءَ گذريل ٽن مهينن کان، انهيءَ بئنچ تي ”ڏُسڪي ڏسُڪي“ وقت ڪاٽي رهي هئي ۽ اجل جي منتظر هئي. پندرهن ورهين جي ڄمار ۾ تقريباً آخري 90 ڏينهن خوابن کان خالي هئا، شهزادي لاءِ ”ڪيم خواب“ اها بئنچ هئي، جتي واٽ الله لاءِ ”قوت“ کيس نصيب ٿيندو هو. عجيب آهي انسان به عزيزانِ مَن... جي پلٽي ٿو ته پنهنجي جند جان به گهوري ٿو ڇڏي ۽ جي نگاهه مَٽائي ته ڄڻ هن جهڙو ”نابينا“ ته ڪير آهي ئي ڪو نه...پنهنجي زعم جي اَنڌ ۾ اچي، هر منظر فراموش ڪندڙ انسان پنهنجي قد بُت، پنهنجي طاقت، پنهنجي مرتبي ۽ پنهنجي ”بيٺل“ هئڻ جي يقين ۾ ايترو ته ڪري ٿو پوي جو کيس ذرو به احساس نٿو ٿئي ته ڪو اهو سڀ ختم به ٿيڻو آهي. جيڪڏهن ڪنهن تي ڪا ڏکي گهڙي آئي آهي ته ڇا خدا نخواسته اها اسان تي نٿي اچي سگهي؟ والد گذاري ويس، رضا الله جي هئي، والده به ڪنهن حساب سان ئي ٻي شادي ڪئي هوندي...پر ڀائرن کي ڇا ٿيو؟ اُهي ائين ڇو ٿي بيٺا؟ هلو، علاج ڪرائڻ جا پئسا نه هئا، ڇا رهائڻ لاءِ، ڪا بئنچ به ڪا نه هئي؟ هلو ڀلا بئنچ نه هجي...ڇا فرش ٽڪر به گهر جي ڇت جي هيٺيان ڪو نه هيو، جو اتي نياڻيءَ کي پٽَ تي ئي کڻي ليٽائجي ها...ائين ”عام“ جي نظرن ۾ ته سندس ڦٽ نه اچن ها...ڪسمپرسيءَ جو حال، ائين سڀني اڳيان اگهاڙو ڪرڻ ضروري هو ڇا؟... ڇا هنن راهه مَٽائي ڇڏي هئي ۽ ان رستي تان ئي نه گذرندا هئا، جتي نياڻي، بئنچ تي پيل، زماني جي نظرن جو شڪار هئي...؟ خواب نگر ۾ ذاتيات گهٽ کان گهٽ هوندي آهي، معزز صاحبانِ فهم و فراست....پر اڄ هڪ ڄَر آهي اندر ۾، جيڪا ڄڀيون ٿي ڏئي...! ڇا هيو...ڇو هيو؟ ڇا گهر ۾ حالات اهڙا ٿيا جو نياڻيءَ کي ڪڍيو ويو؟ ڇا ڊاڪٽرن اهو چيو هو ته کيس وچڙندڙ بيماري آهي...جي گهر ۾ رهي ته ٻين جو ٻيڙو ٻڏندو! گهران ڪڍوس...ڇا اهو ”طبي مشورو“ هيو يا ذاتي سمجهاءُ....جو جوان ٿيندڙ ادڙي، ائين دربدر ٿي؟....۽ ڇا اسپتال وارن کي به اها سِڪَ، اهو هوش ڪو نه هيو ته خيراتي ئي سهي ڪجهه ته ڪجي...!؟ ڪوريج ۾ ڪي ٽي اين تي ڪنهن صاحب ڳالهايو پئي، جيڪو انتظاميه سان تعلق رکندڙ هو ”اسان کي خبر نه هئي...هجي ها ته اسان وٽ کوڙ سارا (فنڊز) هوندا آهن...بلڪل آهن....انهن مان علاج به ٿي پئي سگهيو...اسان کي ڪنهن ٻڌايو ئي ڪو نه...“ الاءِ ڪيتريون ڳالهيون، ٻڌجڻ لاءِ نه هونديون آهن، ڏسڻ لاءِ هونديون آهن...اهو شايد هاڻي اسان کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي....۽ حقيقت ته اها به آهي ته اسان کي اڃان تائين به اها سمجهه نٿي اچي ته حياتي گذارڻ لاءِ رشتن جو خاص ڪردار هوندو آهي. امڙ، ابو، ڀاءُ، ڀيڻ پاڻ ناهن ٺاهبا، اهي رشتا قدرت ٺاهيندي آهي ۽ جي ٺاهي ٿي ته ان ۾ به ڪو خاص راز هوندو آهي...دوست ڀائرن کان وڌيڪ مِٺا هوندا آهن، پر ڀاءُ ناهن هوندا...جيڪو رتُ جو رشتو آهي، سو آهي، ان کان ڪو به انڪار ڪونهي...هاڻي اهو رشتو پنهنجي هجڻ کان ”انڪاري“ هجي اهو ٻيو عمل آهي. اسين، جيڪو اهو سوچيندا آهيون نه صاحبانِ زمانه، ته اسين پيا پاليون...اسان هينئن ڪيو...اسان هونئن ڪيو، ”هاڻ هن جي پالنا مان هٿ ڪڍون ٿا... ڀلي وڃي خبر پئيس...“ اهو سڀ اسان جي مغز جو فتور هوندو آهي، پالڻ واري ذات صرف هُن جي آهي، جيڪو پاڪ پروردگار جل شانه پالي ڄاڻي...نه اسين ڪنهن کي کارائي سگهون ٿا نه ڪنهن جو کائي سگهون ٿا، اها سادي منطق سمجهندي به اسين الاءِ ڇو ان تي بيهي ناهيون سگهندا، ۽ پنهنجي وتَ آهر عجيب و غريب فيصلا پيا ڪندا آهيون ته هن کي ڏيون، هن کي نه ڏيون...هي گهر ۾ رهي...هي نه رهي...۽ هٿ ٻڌي هڪڙو عرض ٻيو به ڪجي ته ان ۾ اسان جو دماغ، اسان جا ساٿي به خراب ڪندا آهن. زالون، مائر، دوست... الاءِ ڇو انهن لمحن ۾ اسان جي پنهنجي مت ”موڙهيل“ مئل هوندي آهي. صحيح سوچي ڪو نه سگهندا آهيون...ٻين جا مشورا، اسان جو رڻ رولي وجهندا آهن. اتي، هڪڙي ڳالهه ٻي ضرور سوچڻي آهي ته الاءِ ڪيترا وجود اهو به چوندا آهن ته نعوذ باالله اهڙي مت به اسان کي الله ئي ٿو ڏئي نه...ته اها ته سوچ ئي غلط آهي...ڇا ڌڻيءَ توهان کي صحيح غلط جي سمجهه ناهي ڏني...جتي چاهيو ٿا، اتي خبر پويوَ ٿي ۽ جتي نه ٿا چاهيو، اتي، پنهنجي گناهه جو بار ڪنهن ٻئي حساب ۾ توريو ٿا. ڏاڍي سادي ڳالهه آهي، جيڪا بارها عرض ڪئي آهي. حياتيءَ ۾ جَوَ پوکي، ڪڻڪ نه لڻبي...جي ڪجهه پوکيو ٿا ته مهرباني ڪري، ان جي لڻڻ واري وقت کان ڀاڄ جو نه سوچيو، اوهان ڀڄي وڃي به ڪيڏانهن ٿا سگهو! ۽ هونئن به ڪنهن کي ڪا خبر آهي؟ ڪنهن کي ڪا به خبر ناهي سائين، جڳ مشهور سنڌي ليکڪ لڇمڻ ڪومل صاحب پنهنجي آتم ڪٿا ”وهي کاتي جا پنا“ ۾ لڏپلاڻ مهل ”جل درگا“ نالي پاڻيءَ جي جهاز جي سفر جي وارتا لکي ٿو، جنهن ۾ اوچتي خرابي جي ڪري، ڪجهه وقت جو سفر پنج ڏينهن جي انتظار ۾ تبديل ٿي ويو. مسافرن وٽ کاڌ خوراڪ گهٽ هئي، اوکا بندر تي پهچڻ لاءِ وقت گهربل هو. ڪومل صاحب ٻئي رات جو قصو لکن ٿا، ”اڌ رات جو منهنجو ٽن سالن جو ڀاءُ ڌنو اٿي کير گهرڻ لڳو. کير جي رڳو اڌ وٽي بچيل هئي، ڀاڀيءَ ٿوري کير ۾ گهڻو پاڻي گڏي هن کي پياريو، پاڻيءَ مليل کير پي هو وات ڦاڙي روئڻ لڳو ۽ ڀر ۾ سمهيل مسافر واڪا ڪرڻ لڳا ”ڇوري کي چپ ڪراءِ، اسان جي ننڊ ٿو ڦٽائي. مان هن کي ڪڇ ۾ کڻي ڊيڪ تي آيس ۽ کيس چنڊ تارا ڏيکاري ريجهائڻ لڳس. ڌنو ته روئي روئي سمهي پيو، پر مان ۽ ڀاڀي سڄي رات جاڳندا رهياسين. پنجن ڏينهن کان، جل درگا جي ڊيگهه تي آسائتيون اکيون کڻي بيٺلن جا آنڊا بک ۽ اڃ کان وٽجي رهيا هئا. منهنجي ماءُ اکيون هيٺ ڪيو، پٽ تي پيل فراسيءَ تي ويٺل هئي، معصوم ڀائر ۽ ڀينر بک کان بي حال ٿي رهيا هئا. منهنجيون ٻه ننڍڙيون ڀيڻون ايشو ۽ ڪمو روئي رهيون هيون، اٺن سالن جو هاسُو ۽ ٽن سالن جو ڌنو پاڻيءَ جي ڍُڪ ۽ روٽيءَ جي ٽڪر لاءِ ٻاڏائي رهيا هئا. اڄ ڌنو، کاڌ خوراڪ واري هڪ وڏي اداري ۾ هڪ اعليٰ عهدي تي قائم آهي ۽ ڪروڙين رپين جو اناج ٽرانسپورٽ ڪرڻ جا آرڊر سهي ڪندو آهي ۽ هاسو وٽ آمريڪا جي مشيگان رياست ۾ گورنر کان پوءِ وڌ ۾ وڌ اختياريون آهن.“ مالڪ جو عجيب جهان آهي، هوٽل ٻاهران بئنچ تي دم ڏيندڙ شهزاديءَ جي ڀائرن ڪڏهن اهو سوچيو يا نه...اهو ته هو ڄاڻن...پر هاڻي کين اهو ضرور سوچڻو پوندو ته جي شهزادي بئنچ تي وفات ڪري سگهي ٿي ته جن عام خواتين جي ڳالهين تي، هنن کيس ڪڍيو، انهن جي رخصتي ڪيئن ٿيندي؟ ڌڻي ڪري اسان کي ايتري سمجهه اچي ته آئيندي ڪا به شهزادي اسان جي ڪا نياڻي ائين نه موڪلائي. آچر 24 جولاءِ 2011ع mehmoodmughal@hotmail.com