گلاب جهڙو وجود هئو، اها ٻي ڳالهه هئي جو سندس وجود جي چوڌاري ”ڪنڊا“ ڪجهه گهڻا هئا. پنهنجي ناني سان گڏ انهيءَ ٻارڙي ڏاڪا لتاڙيا پئي ۽ پريان سندس والد چپ چاپ بيٺل هئو. بااثر ناني جي کاٻي هٿ ۾ لٺ هئي، جيڪا بظاهر ته سندس ڏڪندڙ وجود کي سهارو ڏيڻ لاءِ وٽس هئي، ساڄو هٿ، ٻار جي هٿَ ۾ هئس، هن هڪ هڪ ڪري ڏاڪو لتاڙيو پئي، پريان پيءَ جي اکين ۾ آب نه هو، ڪجهه ”عجيب“ هيو. اهڙو عجيب، جيڪو صرف محسوس ئي ڪري سگهجي ٿو، لفظ ان کي بيان ڪرڻ جي طاقت نه ٿا رکن. مون کي انهيءَ رشتي جي ڄاڻ هئي، جيڪو ان سپر مارڪيٽ جي ڏاڪن تي لنگهندڙ، تقريبن سڀني وجودن کي معلوم نه هو. ڪهاڻي بلڪل سادي هئي، هيج مان، محبتن سان تعلق ڳنڍيو هو. انهيءَ ساڳئي ڪراڙي، انهيءَ، ساڳئي نوجوان کي، پنهنجي نياڻيءَ جو سَڱ ڏيندي، فخر محسوس ڪيو هو، شاديءَ جي پهرئين سال ۾ ئي ٿوري ”کِٽ پِٽ“ ته ٿي هئي، پر بهرحال سمجهيو ويو ته سڀ ٺيڪ ٿي ويندو. ڌڻيءَ مٺي جي حڪم سان ٻارڙو به پيدا ٿيو... ۽ بس، پُٽڙي جي ڄمڻ کان پوءِ، الاءِ ڇو ويڇا وڌندا ويا، تان جو هڪڙو ڏينهن آيو، جو سُهري صاحب، پنهنجي ڌيءَ کي پاڻ وٽ ويهارڻ مناسب سمجهيو، جمائيءَ کي ڌڪو ڏنو ويو. عُذر هزارين ها... بهانو ته ڇڄڻ لاءِ هڪڙو ئي کوڙ هوندو آهي، ڌُر سگهي هئي، ٻار کي به پاڻ وٽ رکيو ويو. الا الا خير صلا... دعوائون سڀ اجايون هيون ۽ هاڻي صورتحال اها هئي جو ٻار، ماءُ ۽ ناناڻي گهر ۾ هو. پيءَ وٽ پنهنجا ”حوال“ هئا... ملاقات ائين چوراهي، ٽِواٽي يا ٻِواٽي تي ئي مقدر بڻجندي هئي. پيءُ وٽ پنهنجو درد هيو، جيڪو درد لڳو پئي، پر ان ڏهاڙي ان ٻارڙي جي اکين ۽ چهري تي جيڪي عڪس آيا سي الاءِ ڇا هيا، هن پيءُ کي سڃاڻي به نه سڃاتو هو. نانَي جو هٿ جهلي هُو پٺي ڏئي لنگهي ويو هو. مون کي ان مهل، هُو پنهنجي ڪراڙي ناني کان وڌيڪ ڪراڙو ۽ بالغ لڳي رهيو هو. دل مان صدا بلند ٿي هئي ته هن جي ته ننڍپڻ کي سڀني گڏجي غائب ڪري ڇڏيو، اجاڙي ڇڏيو، سندس ساهه ۾، سرهاڻ جي جاءِ تي، ڪروڌ ڀري ڇڏيو هو. اسين قتل و غارت گريءَ جون ڳالهيون ڪندا آهيون. ماڻهن جي سرد جسمن تي نگاهه وجهي، حياتيءَ جي رخصتيءَ جو اعلان ڪندا آهيون. جي اجل ڪنهن غير فطري انداز سان ڪنهن ساهواري جي هٿان ٿئي ته ان کي ”قاتل“ ۽ مئل کي ”مقتول“ سڏيندا آهيون، اهڙن قاتلن لاءِ باقائدي قانون ٺهيل هوندو آهي....موت جي سزا موت هوندي آهي ۽ جي نه به هُجي، ته به قاتل جو رِڻ رلي ويندو آهي. اسين جسم جي سرديءَ تي اجل کي سڃاڻون ٿا، گرم جسمن تي، حياتيءَ جي ”مَهِر جو موت“ اسان کي ڇو ڪو نه ٿو سمجهه ۾ اچي معزز خواتين و حضرات....جيڪي بظاهر جيئرا آهن ۽ اسان جي ڪري مري وڃن ٿا....رڳو سندن جسم گهمندو ڦرندو رهي ٿو، ان لاءِ اسين پنهنجو پاڻ کي يا ڪنهن به ٻئي قصوروار کي ”قاتل“ ڇو ڪو نه سڏيندا آهيون؟ ڪڏهن ان ڳالهه تي غور ڪيو ويو آهي صاحبانِ هوش و خرد... ته طلاق ڏيڻ، طلاق وٺڻ يا جدا ٿيڻ جو عذاب ڇا ٿيندو آهي، ان صورت ۾، جڏهن زال مڙس، اولاد جي بنان هجن، يا ان صورت ۾ جڏهن اولاد جي عطا به ٿي هجي، پر پنهنجي حياتيءَ ۾ ميٺاج جي وڌيڪ اهميت هجي... انسان جڏهن هن مقدس رشتي ۾ اچي ٿو ته خالي جسمَ نه ٿا ملن. اسين جهان جي ان حصي ۾ رهون ٿا، جتي، شاديون گهڻو ڪري خاندانن ۾ ٿينديون آهن. مطلب... ميل ملاقات... ريتون رسمون، رواج، نُهن گهر ۾ اچي ته گهر سنوري ويندو آهي ۽ جي ناٺي ملڻ اچي ته مانُ وڌي ويندو آهي... هاڻي جي اتي اولاد به عنايت ٿيئي ته سبحان الله... اهو بانڊ، اها جوڙجڪ، جيڪا ٺهڻ جي مرحلي مان گذري ٿي اچي، هڪدم مضبوط ٿي ويندي آهي. هاڻي اتي، خدا نخواسته جي اهڙو ڪو دلخراش منظر اچي وڃي ته مانائتا مهربانو، اندازو لڳائي سگهجي ٿو؟... ڌڻي معاف ڪري، جي حالتون اتي اچي پهچن، جو الڳ ٿيڻ ضروري هجي ته پوءِ بهانا ٻڌجو... صاحب جون پنهنجون رڙيون هونديون ۽ بيگم جا پنهنجا پِٽڪا... مٿان وري مائٽن جا سُر وري الڳ گونجندا رهندا.... الاءِ ڪيترن گهرن ۾ ته، مائٽن جو سُر، وڌيڪ اوچو هوندو آهي... اهو ئي پيءُ، جيڪو وڏي لَئي سان، ناٺي چونڊي آيو هو، ڌيءَ کي ”مطعلقه“ چوائڻ ۾ ڪو به عيب محسوس ناهي ڪندو.... ۽ مٿان وري گلاب جي گل جهڙي اولا دجي پاڙ، خزان جي حوالي ٿي ويندي آهي.... اکين تي انڌ چڙهي ويندو آهي. حياتين جي بربادي شروع ٿي ويندي آهي.... اڄ لکڻ جو مطلب اهو هرگز ناهي صاحبانِ زمانه... ته ڪو آزيون نيزاريون ڪجن... جي مڙس ظالم آهي ته ظلم سهندو رهجي... ۽ جي خاتون ڏکوئيندڙ آهي ته رشتو پيو ڀوڳجي... پر فهم ۽ فراست، ان مهلَ شدت طلبي ٿي جڏهن ماءُ پيءُ ”صاحبِ اولاد“ هجن. ڇاڪاڻ ته جي ڇڙا ”زال مڙس“ هئا ته ڳالهه ٻي هئي، هاڻ اولاد آهي، ساهه کڻندڙ ”جيءُ“ آهي، جنهن جي پنهنجي دنيا آهي ۽ جيڪو اوهان جي وسيلي دنيا ۾ آيو آهي. هاڻي اهو سڀ اُهو ناهي جيڪو اڳ هيو... ڇا اهو سڀ سمجهه ۾ نه ٿو اچي؟.... نه زال مڙس کي ۽ نه وري انهن جي مائٽن کي...! هٿ ٻَڌي هڪڙو عرض ٻيو به ڪرڻو آهي... چوندا آهن ته اولاد کان وڌ ان جو اولاد مِٺو هوندو آهي...مطلب....ڏاڏَي يا نانَي جي پوٽي يا ڏوهٽي ۾ جان هوندي آهي... اتي اهو به سمجهڻ گهرجي ته اهي ئي رشتا آهن، جيڪي تند و تيز به ٿي ويندا آهن... ۽ جي پنهنجيءَ تي اچن ته طلاق جي ان قبيح عمل لاءِ، جنهن ۾ زندگيون برباد ٿين، هڪدم راضي ٿي ويندا آهن.... ماڻهوءَ کي ماڻهو سمجهو قبلا، پٿرايوس نه.... پنهنجي ٽانءِ ۾ اچي، پنهنجيءَ سوچ مطابق سڀ ڪجي ٿو... پر ڇا ڪنهن اهڙي اولاد کي ڏٺو آهي، جيڪو ”طلاقيل“ مائٽن جي عنايت هُجي... جنهن جي اک ۾، محبت جي جاءِ تي فڪر، هٿ ۾ گرميءَ جي جاءِ تي دٻاءُ، ۽ ذهن ۾ لوڇ جي جاءِ تي رڳو سوچ هجي ٿي؟ ڇا غور ڪيو ويو آهي ته اهو ٻار، جنهن جو ننڍپڻ کسيل آهي ۽ جنهن جي جواني بي مَهر آهي، جنهن ٻن مان، هڪ رشتي جي جيئري هوندي به ٻاجهه ناهي ڏٺي، وڏي هوندي ڇا ٿئي ٿو؟...ڇا ان جي جذبن جو قتل ڪندي، اسين قاتل ناهيون...! ۽ جي قاتل آهيون ته ڇا سزا جا حقدار ناهيون؟ هڪڙي صاحبِ فهم و فراست کي ڄاڻان ٿو، جيڪو ڪتابن جا اُٺَ پڙهيل آهي، چونڊي چونڊي نقطن کي سامهون آڻيندو آهي، ڪتابي ڳالهيون ڪندو آهي، پر طلاق ڏيڻ، يا جدا ٿيڻ، سندس ”انسان پرست“ حياتيءَ ۾ ڪا وڏي ڳالهه ناهي... مٺو رب جل شانه حلال عملن ۾ طلاق کي قبيح ترين يا ناگوار سڏي ٿو... سائين جن انتهائي ادب سان، ڪُلها اڀا ڪري، علم و فضل نراڙ تي رکي، سامهون واري کان موڪلائيندا رهندا آهن... جان ڇُٽي... گذارو ڏکيو ٿي ويو هو... اي سيءَ جي ٿڌ، جذبن جي مٿان به چڙهي وڃي ٿي... جذبا، جيڪي ٺلها ڪتابي هجن ٿا. ٿورو غور ڪجو صاحبانِ زمانه... انهن ڏانهن به ڏسجي، جيڪي اولاد لاءِ سِڪن پيا ٿا ۽ انهن تي به غور ڪجي، جن وٽ آهي، ته اهي وري پنهنجي ”حُسنِ سلوڪ“ سان ڪمال پيا ٿا ڪن. شيخ اياز صاحب فرمائين ٿا، ”خدا ڄاڻي ته ڪنهن رنگين چمن ۾ ڇو نه ڄاياسين... ٽڙياسين دامنِ صحرا ۾ خوشبو ئي اجائي وئي“. اهي جيڪي خوشبوئون اجايون وڃن ٿيون، انهن کي سجايو ڪيو مِٺا، نه ته، رشتن جي ڏنگ سان ڪَکيل اهي بنان ننڍپڻ وارا وجودَ، جي ساءُ وڃائين ٿا ته ان جي سزا صرف ۽ صرف اسان کي ملڻ گهرجي. آچر 31 جولاءِ 2011ع mehmoodmughal@hotmail.com