حليم! تنهنجو ڊسٽرب ڪرڻ سٺو لڳي ٿو! حفيظ ڪنڀر حليم! تو کي ڪنهن چيو آهي ته تون هتي آئينا وڪڻ، تون انڌي ماڻهو جيان هاٿي جي سونڊ تي هٿڙا ڦيري ماڻهن کي Euvake, Euvake ڪري رڳو اهو ٻڌائين ها ته هاٿي نرم، نرم، ڊگهو ڊگهو ٿيندو آهي، يا هاٿي جي ڪنن تي هٿ ڦيري هاٿي جي بدني بناوت بابت ماڻهن کي اهو ”علم“ بخشين ها ته هاٿي ان ڇڙڻ جي ڇڄ جهڙو ٿيندو آهي ته ڪيترو نه عظيم هجين ها، بلڪه تنهنجي چڙ واري لهجي ۾ عظيم ۽ قديم هجين ها. توکي ڪنهن چيو آهي ته تون پنهنجي ”چريائپ“ جو لکت ۾ ويهي اعتراف ڪر؟ ڏٺئه هاڻي تون ”علامه“ به نٿو ٿي سگهين، سنڌ جو اهڙو عظيم فلسفي به نٿو ٿي سگهين، جنهن جي لکڻين ۾ پندنامن ۽ اخلاق نامن جون هتان هتان چتيون هجن، اهڙو عظيم فلسفي ٿي وڃين ها، جنهن جو ڪو به فلسفو نه هجي ها. تون اهڙو ”جيئو“ ڇو ٿيڻ ٿو چاهين جيڪو نانگن جي ٻرن ۾ هٿ وجهي پوءِ جيئرو رهڻ جي تمنا ڪندو هو. يار تون عجيب ليکڪ آهين، جيڪو پنهنجي لکڻي ۾ چوي ٿو ته اوهان کي منهنجون لکڻيون نٿيون وڻن ته نه پڙهو. جڏهن ته اڄوڪي دور ۾ ماڻهو پنهنجي لکڻي ڪنهن اخبار ۾ ڇپائي دوستن کي موبائيل فونن تي ميسيج ڪندا آهن ته منهنجو آرٽيڪل پڙهو. شايد تو کي پڪ آهي ته اهي سڀ ماڻهو تنهنجون لکڻيون پڙهن ٿا، جيڪي تنهنجي ڪنهن به سوال جو جواب نٿا ڏين ۽ ڏئي به نٿا سگهن. ”عظيم قديم“ اديب ٿيڻ لاءِ تون جن نسخن کي ڄاڻين ٿو، اهي نسخا خود تي استعمال ڪرين ها ته ڪنهن گورنر، وزير اعظم طرفان توکي انعام اڪرام به ملن ها، ڪنهن چيئر جو چڱو مڙس به هجين ها. ٻيو نه ته به ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ جاگيردارانه روايتون برقرار رکندي تنهنجي تاج پوشي ۽ پڳڙ پوشي ته ڪئي وڃي ها. رٽائرمينٽ ته تنهنجي ويجهو به ڪو نه اچي ها. خاص پيڪيج ملي ها، سرڪار جي ڳچي ۾ تنهنجي پگهار جا لک رپيا مفت ۾ هجن ها. پر تون عجيب ماڻهو آهين، جو ماڻهن کي اها تسلي به نٿو ڏين ته اوهان دنيا جي قومن ۾ هميشه عظيم رهيا آهيو، ڇو ته موئن جو دڙو اوهان وٽ آهي. مون کي لڳي ٿو ته سڀاڻي کان تون موئن جي دڙي پٺيان به پئجي ويندين، جنهن جي اسڪرپٽ کي نيٺ De-code ڪيو ويو آهي. توکي خبر آهي ته موئن جي دڙي ۾ به اها ساڳي ٻولي ائين بلڪل ائين ڳالهائي ويندي هئي، جيئن هينئر هالا جا ميمڻ، بدين جا چٺا، حيدرآباد جا مرزا، عمرڪوٽ جا ڪنڀار ۽ جنهاڻ جا جوڻيجا ٿا ڳالهائن. توکي آخر ٻولي جي ماهرن جي اها ڳالهه منظور ڇو ناهي؟ آخر ڪهڙو حرج آهي، جو تون اهو به مڃڻ لاءِ تيار ناهين ته سنڌي ٻولي اسماعيلي داعين اچي ٺاهي هئي. ڀلا اهو نٿو مڃين ته گهٽ ۾ گهٽ اهو ته مڃ ته سنڌي ٻولي سومير ۽ اُر کان انهن عربن آندي جيڪي ”سنڌ جا سومرا“ هئا. حليم! تون ته موئن جي دڙي جي ڍڳي گاڏي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهين هيڏو ڪبير گناهه! تو کي خبر ناهي ته جيئن هي ڌرتي ڍڳي جي سڱ تي بيٺي آهي، تيئن موئن جي دڙي جي تهذيب انهيءَ ڍڳي گاڏي تي بيٺي آهي، جنهن لاءِ تون چوين ٿو ته انهيءَ ڍڳي گاڏي ۾ ڍڳا ڪو نه جوٽبا هئا ۽ مٿان وري اهو پاپ پيو ڪرين، بلڪه تهذيبي پاپ پيو ڪرين ته موئن جي دڙي ۾ هاٿي ڪو نه هو. توکي خبر ناهي ته پاڻ ماڻهن ”ڦيٿو“ ايجاد ڪري دنيا ۾ ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي هئي، جنهن خطي جا ماڻهو ڦيٿو جوڙي سگهن ٿا، انهيءَ خطي ۾ هاٿي ڇو نٿو ٿي سگهي!؟ حليم! توکي عجيب ڪو نٿو لڳي جو پنهنجي لکڻين ۾ اسٽيفن لي ڪاڪ، آسڪر وائلڊ، عمر ضيا جا حوالا وتين ڏيندو؟ توکي جڏهن خبر آهي ته هتي مزاح نه پر مشڪري هلندي آهي، ته پوءِ اسٽيفن لي ڪاڪ جا حوالا ڇا جي لئه؟ ماڻهو تنهنجي ان مزاح کي جنهن کي پڙهندي مرڪندي کلندي اکين مان ڳوڙها هاري ويهي ٿو رهي. ان مزاح کي به ”مشڪري“ سمجهن ٿا ته پوءِ تون انهن ماڻهن کي ڪهڙا ويهي ٿو حوالا ٻڌائين!؟ توکي اها به خبر هوندي ته سنڌي شاعري ۾ ”شاعراڻو فلسفو“ ”ڪوٽ ڪوٽ ڪه“ ڀريل آهي ته عمر خيام ڇو؟ ماڻهو تنهنجا ڪالم پڙهن ٿا، مرڪن ٿا، سوچن ٿا، انهن کي به سڃاڻن ٿا، جيڪي تنهنجي سوالن جا جواب نٿا ڏئي سگهن، جن کي تو ”مناظري بازي“ بجاءِ لاجواب ڪري رکيو آهي، پر توکي خبر به آهي ته جڏهن پاڻ وٽ سوال اهم ناهي رڳو جواب اهم آهي ۽ ڏسين نٿو ته هرڪو جواب ڏيڻ ۽ جواب ٻڌڻ ۾ پورو لڳو پيو آهي. جنهن کي جواب نٿو اچي، اهو به جواب ڏيڻ ۾ مصروف آهي ته پوءِ توکي ڪنهن چيو آهي ته تون وڃي اهڙا سوال اڇلاءِ جو ذهن ڌوڏجي وڃن؟ لڳي ٿو ته تون انهيءَ راز کي سمجهين ٿو ته ماڻهن جا ذهن لوڏڻ يا انهن کي ذهني طور ڊسٽرپ ڪرڻ هزار ڀيرا انهيءَ ڪري بهتر آهي جو اهي پراڻي ردي، وهمي، جاهلانه، تصورن مان نڪرندا. ان ڪري تون ماڻهن کي ڪا تسلي ڏيڻ لاءِ تيار ناهين. اڄ ڏينهن تائين تون ماڻهن کي اها تسلي دهرائي ڏيڻ لاءِ تيار ناهين. اڄ ڏينهن تائين تو ماڻهن کي اها تسلي دهرائي دهرائي ڏئي ڇو خوش ناهي ڪيو ته هر شيءِ اسان کان شروع ٿي. گوريلا جنگ اسان شروع ڪئي ۽ دنيا جي وڏي ڍنڍ ۽ قبرستان به اسان وٽ آهي. نيشنلزم جي جذبي تحت دنيا جي تاريخ کان ماڻهو اکيون ٻوٽي جاهلاڻي خمار جو مزو وٺي رهيا آهن ته اهو مزو ڇو ٿو ڦٽائين چريا! ماڻهو سنڌي ٻولي جي بقا تي ڳالهائي ڳالهائي پنهنجن نسلن کي انگريزي ۾ تعليم ڏئي رهيا آهن. اهي ساڳيا ماڻهو پنهنجي موبائيل فون سيٽن تان تنهنجي ئي الفابيٽ (ذري گهٽ) ۾ هڪٻئي کي ميسيج به ڪري رهيا آهن. (ذري گهٽ) تنهنجي ئي الفابيٽ ۾ نيٽ چيٽ ڪن ٿا ته پوءِ ڇو ٿو مٿو هڻين!؟ خوامخواهه اهڙن ادارن تي آڱر کڻي ڇو ٿو پنهنجو وقت ضايع ڪرين، جن ادارن ”ماڪوڙي“ جهڙي اهم سبجيڪٽ تي لکين رپيا ڏئي ڪتاب ڇپائي ردي خانن حوالي ڪري ڇڏيا ۽ پنهنجي کاتي جو ڪريڊٽ اهو ٺاهيائون ته ماڪوڙي تي سنڌي ۾ ڪتاب ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي؟ تون جيڪڏهن اهڙن ادارن جا ”ڪوريئڙي“ تي ڇپيل ڪتاب نٿو پڙهين ته نه پڙهه پر ڪوريئڙي يا نوريئڙي تي ڇپيل ڪتابن مان ڪنهن جو روزگار هلي رهيو آهي ته توکي ڇو اعتراض آهي؟ حليم! هتي هر تباهي ”ابي“ جو خطاب حاصل ڪرڻ واري ڊوڙ سبب ٿي آهي. ڪنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻو آهي. ڪو ڪنهن علم جو ”ابو“ ٿي ويهي رهيو آهي ته ڪو ڪنهن شعبي جو باني ٿيڻ جي چڪرن ۾. ڏسين ڪونه ٿو ته اسان وٽ سائين جو لقب انهن وٽ ئي آهي، جيڪي ڪتاب جو مهورت ڪن ٿا. اهي سائين هر هنڌ موجود آهن. اجرڪون ڳچين ۾ گل ٽيبلن تي، ڊائيس مائيڪ، کلندڙ، ڏند ٽڙيل فوٽا، ۽ سائين جا خطاب. فقير منش! تون ته انهيءَ سلسلي ۾ ايتري محنت به نٿو ڪري سگهين، پوءِ ڇو ٿو انهن کي ڊسٽرب ڪرين؟ جڏهن توکي خبر به آهي ته دنيا جي علمي ادبي حلقن ۾ ائين ناهي ٿيندو ۽ اهو هو به ڄاڻن ٿا ته اديبن جي تاجپوشي ۽ پڳڙ پوشي ڪنهن هنڌ ناهي ٿيندي. پوءِ به تون ويچارن جي منهن جو پاڻي وٺڻ جي مهم تي ڇو لڳو پيو آهين؟ دل جي ڳالهه ٿو ٻڌايان، جيڪا تون خود لکندو رهيو آهين، انهيءَ کي ٿو دهرايان، تون ڪو نه سڌرندين! ۽ هاڻي سڌرڻ جي ڪوشش به نه ڪجانءِ. جيڪڏهن سڌرين ته اهڙو ئي ٿي ويندين، جن مان ماڻهو عبرت حاصل ڪري رهيا آهن. اسان کي تون اهڙو ئي اڻ سڌريل، چيڙاڪ، بخيل، ذهن جنجهوڙيندڙ کپين ٿو. اڄ نه پر هميشه لاءِ گهرجين ٿو. اسان کي تنهنجا جواب به گهرجن ٿا، پر انهي کان وڌيڪ تنهنجا اٿاريل اهي سوال گهرجن ٿا، جن کي ٻڌي ڪن تپي وڃن ۽ مٿا چڪرائجي وڃن. البيلا حليم! من موجي حليم! کرا حليم! کهرا حليم! مون کي معلوم آهي ته ڏهه سال اڳ هنن ئي صفحن تي علي قاضي تو لاءِ لکيو هو ته”آئون حليم جي تعريف ڪرڻ لاءِ هن جي مرڻ جو انتظار نٿو ڪري سگهان“ اڄ جڏهن علي صاحب سان انهيءَ جملي جي تصديق لاءِ تو بابت ڳالهه ٻولهه پئي ڪئي ته مون کي ”ڪانٽيڪٽ“ فلم جي اها هيروئن ياد اچي وئي، جيڪا پنهنجي پيءُ جي روح سان ملاقات ڪرڻ لاءِ ڪنهن خوبصورت گرهه تي پهچي وئي هئي، پر جڏهن واپس زمين تي لٿي ته کيس گرهه تي موڪلڻ وارا سڀ ماڻهو سندس ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار ڪرڻ لاءِ ان ڪري تيار نه هئا جو خلائي سفر دوران زمين سان واسطو ڪٽجي چڪو هو. هوءَ روئيندي رڙندي ويساهه ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندي رهي، پر سڀني کيس رد ڪري ڇڏيو. جڏهن ٻاهر لڙڪ لاڙيندي نڪتي ته سامهون سندس محبوب بيٺو هو، انهيءَ کان بي دلي سان پڇي ٿي ته تون به ويساهه نٿو ڪرين ته آئون خلائن جي هن پار هڪ خوبصورت شادي تي پنهنجي پيءُ سان ملي آئي آهيان. هوءَ چوندو اٿس ته ”آئون توتي ويساهه ڪريان ٿو، تون صحيح آهين“ ۽ هوءَ پاگلن جيان رڙيون ڪري چوڻ لڳندي آهي ته ”مون کي هاڻي ٻين جي ويساهه جي پرواهه ڪونهي“. توکي ڇا ٻڌايان حليم! مون کي تنهنجي جينئس هجڻ تي اڄ به اهڙو ئي ويساهه آهي، جهڙو علي قاضي کي ڏهه سال اڳ هو ۽ اهو به اڪيلو علي قاضي هو.روزاني ڪاوش، اربع 3 جون 2009ع