لطيف جي زندگي تي لکيل ناول! منوج ڪمار لطيف جو ڏهاڙو ملهائجي پيو ۽ مونکي تانگهه پئي ٿي ته آئون سائين مراد علي مرزا جي ناول ”سامي سِجَ وَڙاءُ“ پڙهان. نيٺ ڪنهن مهربان وٽان اهو ناول ورتم، جو ناول اسٽالن تي موجود نه هو. انهيءَ ناول پڙهڻ جي تانگهه انهيءَ ڪري به هئي، جو سنڌي ۾ ناولن جي ڏڪار واري هن دور ۾ ڪنهن ناول جو ڇپجڻ پنهنجي جڳهه تي هڪ نيڪ سوڻ آهي. مون انهيءَ کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو. ٻيو انهيءَ ڪري به جو اهو ناول سائين مراد علي مرزا جو لکيل آهي. قومن جي ادبي زندگين ۾ اهڙا دور ايندا آهن، جو اهي تخليقي طور تي سنڍ ٿي وينديون آهن. انهي دور ۾ وري ٻين ٻولين جا ترجما ادب ۾ اتساهه پيدا ڪندا آهن. اسان وٽ هن وقت اهو تخليقي سنڍپڻي جو دور آهي. انهي دور ۾ عالمي ادب مان ڪي سٺا ترجما هن وقت سنڌي ادب کي جيئرو رکي سگهن ٿا. سنڌي ادب کي تخليقي طور تي زندهه رکڻ ۾ به سائين مراد علي مرزا جو هڪ ڪردار رهيو آهي. سائين شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آتم ڪٿا جو سنڌي ۾ ترجمو ”پورب ڄائي“ جي عنوان سان ڪيو آهي. اها سندن قلم جي مهرباني هئي، جنهن سان سنڌي ۾ عالمي ادب جون شاهڪار ڪهاڻيون ترجمو ٿيون. سندن هڪ ڪارنامو يقينن اهو به آهي ته هنن گبريل گارشيا مارڪيز جي عاليشان ناول ”هنڊريڊ يئرس آف ساليوٽيڊ“ کي سنڌي ۾ آندو آهي. انهي کانسواءِ سائين مراد علي مرزا جي ذات جا ٻيا به ڪافي حوالا آهن، جن ۾ سندس ڪهاڻيڪار، براڊڪاسٽر ۽ ڊرامه نگار هئڻ به شامل آهي. سندن لکيل انهيءَ واحد ناول جو مونکي شوق انهي به ڪري هو، جو اهو ناول شاهه عبدالطيف ڀٽائي تي لکيل آهي. مونکيءَ انهي جو به اشتياق هو ته ڏسان ته سائين مراد علي مرزا ڪهڙي طرح ڀٽائي سان نڀايو آهي. ڀٽائي تي ناول لکڻ جو خواب شيخ اياز جو به هو. اياز انهي خواهش جو اظهار ڪافي جڳهين تي ڪيو به هو. اياز ڀٽائي کي اردو ۾ ترجمو به ڪيو هو ۽ کيس لطيف جو انتهائي گهرائي سان مطالعو به هو. اياز جو عالمي ادب جو مطالعو به انتهائي وسيع هو. جيڪڏهن اياز ڀٽائي تي ناول لکي ها ته اهو يقينن هڪ عالمي سطح جو هڪ شاهڪار ناول هجي ها. اياز انهيءَ تي ڪافي مواد به گڏ ڪيو هو ۽ ناول تي ڪافي ڪم به ڪيو هو. پر خبر نه آهي ڇو، اياز انهي ڪم کي پڄاڻي تائين پهچائي نه سگهيو. ڀٽائي جي ڪردار کي مختصر طريقي سان آغا سليم به پنهنجي ناول هم اوست ۾ به پيش ڪيو هو، پر اهو ڪريڊٽ وري به سائين مراد علي مرزا کي ويو، جو هن ڀٽائي تي هڪ پورو ناول لکي ڀٽائي جي شخصيت کي تخليقي انداز ۾ پيش ڪيو. ڀٽائي کي اهڙي طريقي سان تخليقي انداز ۾ پيش ڪرڻ يقينن ڪو سولو ڪم ڪونهي. پهرين ڳالهه ته ڀٽائي هڪ همه گير شخصيت جو مالڪ هو، جنهن جي زندگي جا ڪيترائي پاسا هئا. هيڏي عظيم شاعري جي تخليق ڪندڙ جي زندگي به يقينن ايتري ئي وسيع ۽ گهڻ پاسائين رهي هوندي. پر انهي زندگي جي حوالي سان ڪو ايترو گهڻو مستند تاريخي مواد موجود نه آهي. بلڪه ڀٽائي جي زندگي جا ڪيترائي رخ آهن، جن تي تاريخ جا صفحا خاموش آهن. انهي کانسواءِ ڀٽائي جي زندگي ۽ شاعري جي حوالي سان به مختلف عالمن جي مختلف راءِ آهي. هرڪو پنهنجي راءِ تي قائم آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڀٽائي تي ڪو مستند تاريخي ناول پنهنجي جڳهه تي يقينن هڪڙو مشڪل ڪم آهي. ٻيو ته ڀٽائي سان ماڻهن جي هڪ وڏي انگ جي تمام گهڻي عقيدت به آهي. ماڻهن وٽ ڀٽائي جي حوالي سان هڪڙا مخصوص تصور آهن. انهن تصورن جي موجودگي ۾ ڀٽائي جي حياتي تي لکڻ پنهنجي جڳهه تي ڪافي تڪراري ۽ جرئت ڀريو ڪم آهي. انهي حوالي سان سائين مراد علي مرزا کي مخالفتون به سهڻيون پيون، جن جو ذڪر هنن ناول جي پيش گفتار ۾ به ڪيو آهي. انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سائين مراد علي مرزا پنهنجي مقصد تي قائم رهيو ۽ اسان کي ”سامي سِجَ وَڙاءُ“ جي صورت ۾ هڪ ناول ڏنائون. جيستائين ناول جو تعلق آهي ته ناول جي سڀ کا سٺي ڳالهه انهيءَ جي ٻولي آهي. سائين مرزا صاحب شعوري ڪوشش ڪري پنهنجي ناول ۾ لطيف جي دور جي ٻولي کي انتهائي خوبصورتي سان پيش ڪيو آهي. مون ڪافي وقت کانپوءِ ايتري خوبصورت ٻولي پڙهي آهي. جيستائين لطيف جي زندگي کي پيش ڪرڻ جو تعلق آهي ته سائين مراد علي مرزا پاڻ کي لطيف جي رخن تائين محدود رکيو آهي، جيڪي روايتي آهن ۽ جيڪي عام طور تي گهڻن ماڻهن وٽ قبوليل آهن. آئون سمجهان ٿو ته هڪ ناولسٽ جي حيثيت سان سائين مرزا صاحب کي پنهنجي تخيل جو مڪمل استعمال ڪرڻ گهربو هو. لطيف جي زندگي جا اهي رخ جن تي تاريخ ۾ وڏا خال موجود آهن، تن کي تخيل سان ڀري سگهجي ٿو. هن جديد دور ۾ ناول جي صنفي عالمي ادب ۾ هڪ نمائيندا صنف ٿي اڀري آهي. ناول جي صنف ۾ لامحدود لچڪ ۽ وسعت موجود آهي. مرزا صاحب عالمي ادب جو انتهائي وسيع مطالعو رکندڙ آهي. هو ناول جي انهيءَ سگهه مان به يقيني طور تي واقف آهي. سائين کي ناول جي انهي وسعت مان فائدو وٺندي ۽ پنهنجي تخيل کي سخاوت سان استعمال ڪندي لطيف جي زندگي کي ڀرپور طريقي سان پيش ڪرڻ گهربو هو. اهو عمل يقينن ڪن تڪرارن جو سبب بڻجي ها، پر عظيم ادب تڪرارن کانسواءِ تخليق ٿي به ڪو نه سگهندو آهي. انهيءَ کانسواءِ سائين مرزا صاحب لطيف جي ڪيل سفرن کي به انتهائي سرسري انداز سان پيش ڪيو آهي. حالانڪه لطيف انتهائي گهڻو سفر ڪيو. لطيف سنڌ جي چپي چپي کي ڏٺو هو. انهي کانسواءِ ٿر، راجستان، مارواڙ، ڪاٺياواڙ، جوناڳڙهه، گجرات، موجوده بلوچستان ۾ به لطيف انتهائي گهرائي سان سفر ڪيو. سندس سفر پنهنجي بنياد ۾ ڪو سياحن وارو سفر نه هو، پر انهن سفرن سندس شاعري جا رخ متعين ڪرايا. انهن سفرن دوران ئي لطيف کي مختلف فڪرن سان واقفيت ٿي. هن مختلف علائقن جي هر پهلو، جنهن ۾ اتي جي داستانن کان وٺي اتي جي ٻولي ۽ ويندي اتي جي پکي پکڻ جو به ڳوڙهو مطالعو ڪيو. انهيءَ سفر لطيف جي شاعري کي هڪ عالمگير فڪر ۽ رخ ڏنو. اسان اميد پئي ڪئي ته مرزا صاحب انهن علائقن جي تاريخ، جاگرافي ۽ اتي جي ماحوليات جو مطالعو ڪري ها ۽ انهن سفرن کي اسان لاءِ وري تخليق ڪري ها. ساڳي طرح اسان اها به اميد پئي ڪئي ته سنڌ جي سياسي ۽ سماجي زندگيءَ جو به اولڙو انهيءَ ناول ۾ هجي ها، پر اهو خال رهجي ويو. اهڙي طرح جيڪر لطيف کانسواءِ ٻين ڪردارن جي ڪردار نگاري تي به توجهه ڏجي ها ته بهتر ٿئي ها. پر انهن سڀني ڳالهين جي باوجود سائين مراد علي مرزا جو ناول ”سامي سِجَ وَڙاءُ“ هڪ اهم ناول آهي. اها لطيف جي حوالي سان هڪ نئين لاڙي جي شروعات آهي. اسان کي اميد آهي ته اهو ناول لطيف تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جو اتساهه بڻبو. اميد ته جيئن گلزار اردو جي وڏي شاعر غالب تي سيريل ٺاهي، انهي جي شاعري ۽ زندگي کي جڳ ۾ مشهور ڪرايو، سو ڪو لطيف کي به ايئن سڄي دنيا ۾ متعارف ڪرائيندو. ڪجهه ڏينهن اڳ اخبار ۾ سائين مراد علي مرزا جي علالت جي باري ۾ پڙهيو هئوسين. اها يقينن فڪر جي ڳالهه آهي. شال سائين مراد علي مرزا وڏي عمر ماڻي ۽ صحتياب ٿي سنڌي ادب کي ڪي ٻيا به ناول ڏي ۽ ڪي ٻيا ترجما ڪري سنڌي ادب کي شاهوڪار ڪري. اها به گذارش آهي ته ”سامي سِجَ وَڙاءُ“ کي بڪ اسٽالن تي رکيو وڃي ته جيئن عام ماڻهو به انهيءَ ناول مان لطف وٺي سگهن ۽ سائين مراد علي مرزا جي ڪم جو قدر ڪري سگهن. روزاني ڪاوش، ڇنڇر 22 جنوري 2011ع manojhalai@yahoo.com