اوڪسفرڊ انگريزي-سنڌي ڊڪشنري تي هڪ راءِ

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    اوڪسفرڊ انگريزي-سنڌي ڊڪشنري تي هڪ راءِ
    منوج ڪمار
    انگريزن جي سنڌ جي قبضي کانپوءِ ستت ئي سنڌ جو انتظامي ڪاروهنوار هلائيندڙ مقامي اهلڪارن کي انگريزي ۽ انگريز ڪامورن کي سنڌي سمجهڻ لاءِ ڊڪشنرين ۽ ٻولي سکڻ جي مينوئلس جي ضرورت پوڻ لڳي. انهي ضرورت جي پورائي لاءِ جلدي انگريزي – سنڌي ۽ سنڌي– انگريزي ٻه لساني ڊڪشنرين تي ڪم شروع ٿي ويو. انهي ڏَس ۾ انهي وقت جي حيدرآباد جي ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن جارج اسٽئڪ پهريون قدم کنيو ۽ 1849ع ۾ بمبئي مان پهرين انگريزي–سنڌي لغت شايع ڪرائي. ڪئپٽن جارج اسٽئڪ جي مرتب ڪيل سنڌي– انگريزي وري 1855ع ۾ شايع ٿي. ڇاڪاڻ ته تنهن وقت ۾ اڃا موجودھ عربي لپي واري سنڌي صورتخطي اڃان جڙي راس نه ٿي هئي، تنهن ڪري اهي ٻئي لغتون ديوناگري لپي ۾ شايع ٿيون، جيڪا لپي انهي وقت جي ديوانن ۽ عاملن وٽ مروج هئي، جيڪي انگريزن جي انتظامي مامرن ۾ ساڻن گڏ هئا. انهيءَ کانپوءِ اهڙين ٻه لساني لغتن ۽ مختلف علمن جي مخصوص اصطلاحن لاءِ لغتن جو هڪ سلسلو شروع ٿيو، جيڪو ڪافي وقت تائين جاري رهيو. عربي لپي ۾ پهرين سنڌي– انگريزي لغت هڪ انگريز پادري ”جي شرٽ“ ۽ ٻن سنڌي عالمن اڌارام ٿانورداس ميرچنداڻي ۽ مرزا صادق علي 1879ع ڌاري مرتب ڪري شايع ڪرائي. پر جنهن لغت عام ماڻهن ۾ ڪافي مقبوليت ماڻي، سا يقينن پرمانند ميوارام واريون لغتون هيون. انهيءَ مان سندس سنڌي–انگريزي واري لغت 1910ع ۽ انگريزي–سنڌي لغت 1933ع ۾ شايع ٿيون. انهن لغتن جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تقريبن سئو سال گذرڻ جي باوجود اهي لغتون سنڌالاجي ۽ انڊيا جي ٻين ادارن پاران ڇپايون وڃن پيون. هن وقت انٽرنيٽ تي به جيڪي ٻه ٽي آن لائين ڊڪشنريون موجود آهن، سي پڻ انهي ڊڪشنري تي بيٺل آهن. هڪ ٻي ڊڪشنري جيڪا سنڌ ۾ تمام گهڻي هلي ۽ جيڪا ٿوري گهڻي فرق ۽ لفظن جي اضافي يا ڪمي سان مختلف پبلشر اڃان تائين ڇاپيندا اچن، سا آنندرام ٽي شاهاڻي جي 1942ع ۾ مرتب ڪيل ڊڪشنري آهي.

    پر ٻولي تبديل ٿيندي رهندي آهي. انگريزي ٻولي هڪ وسيع ٻولي آهي، جنهن ۾ هر روز نوان لفظ شامل ٿيندا رهن پيا. نه فقط نوان لفظ شامل ٿيندا پيا رهن پر لفظن جون معنائون ۽ استعمال تبديل ٿيندا ٿا رهن ۽ انهن ۾ وسعت ايندي پئي رهي. ٻيو ته هاڻ انگريزي رڳو برطانوي سامراج جي انتظامي ۽ حڪمراني قائم رکندڙ ٻولي نه رهي آهي. هاڻ انگريزي سڄي دنيا ۾ سائنس، ڪامرس، سياست، فن، راندين، ادب، تاريخ سميت هر علم جي اظهار جي ٻولي بنجي وئي آهي. اهڙي صورتحال ۾ اڄ کان سئو يا ستر سال پراڻيون ڊڪشنريون يقينن اسان جون علمي ضررتون پوريون ڪري ڪونه پئي سگهيون. انهي ڏس ۾ ڪافي دوست ۽ بزرگن ڪوشش به ورتي. انهي ڏس ۾ محترم عبدالرشيد ميمڻ صاحب جي تاليف ٿيل ٽن جلدن تي مشتمل جامع انگريزي-سنڌي لغت هڪ قابل ذڪر ڪوشش هئي. انهي ڊڪشنري ۾ ٻين عام لفظن سميت سائنسي، فني موضوعن، طب، قانون، زراعت، ڪيميا، نباتات، حيوانيات، ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي وغيره جھڙن علمن سان تعلق رکندڙ هڪ لک کن لفظن ۽ اصطلاحن جون معنائون ڏنيون ويون آهن. هڪ ٻي ڊڪشنري جا هت ذڪر لهڻي، سا 2003ع ۾ تيار ٿيل سنڌيڪا ڊڪشنري آهي، جنهن جي ايڊيٽوريل بورڊ ۾ حيدر بخش، عزيز گوپانگ ۽ ڊاڪٽر غلام قادر سومرو صاحب شامل هئا. انهي ڊڪشنري کي مشهور آمريڪي ڊڪشنري ويبسٽر جي طرز تي ترتيب ڏنو ويو. نه فقط اهي ڊڪشنريون پر مختلف علمن ۽ موضوعن تي به سنڌي لئنگويج اٿارٽي ۽ ٻين خانگي ادارن طرفان ڊڪشنريون تيار ڪرايون ويون آهن، جن مان ڪجهه شايع ٿيل آهن ۽ ڪجهه ڇپائي جي مرحلي هيٺ آهن. انهن ۾ خليل الرحمان شيخ جي تيار ڪيل قانون ۽ علم سياست جي لغت، انعام شيخ جي تيار ڪيل بين الاقوامي مامرن جي لغت، پروفيسر غلام حسين خاصخيليءَ جي هدايت هيٺ، پروفيسر بشير احمد منگي جي تيار ڪيل اقتصاديات جي لغت، پروفيسر عبدالفتاح مغل جي تعليمي نقطن ۽ اصطلاحن واري لغت، شاهده ٻگهيو ۽ سيد مظھر علي شاهه تيار ڪيل ڪمپيوٽر سائنس جي لغت شامل آهن. انهي کان سواءِ آئون ٻن لغتن جو خاص طور تي ذڪر ڪندس، جيڪي پنهنجي لحاظ کان مونکي ڪافي منفرد ۽ ڪارائتيون لغتون لڳيون. انهي ۾ ڊاڪٽر شمس الدين تنيي جي جديد سائنٽفڪ ڊڪشنري ۽ ڊاڪٽر ايم اي قاضي جي سائنٽفڪ ڊڪشنري شامل آهن. انهي کانسواءِ مختلف موضوعن ۽ انگريزي جي مختلف حوالن کان ٻيون ڊڪشنريون به شامل آهن پر موضوع جي طوالت سبب انهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي هنڌ ڪنداسين.

    پر جنهن ڊڪشنري جو اسان کي ڪافي سالن کان انتظار هو، سا آهي اوڪسفرڊ يونيورسٽي پريس جي ڇپايل اوڪسفرڊ انگريزي-سنڌي ڊڪشنري. انهي ڊڪشنري جو انتظار اسان کي انهي ڪري به هو جو انهي ڊڪشنري کي مرتب ڪرڻ ۾ ڏهن سالن جو انتهائي طويل عرصو لڳي ويو. انهي کانسواءِ انهيءَ ڊڪشنري سان سنڌي ٻولي جي حوالي سان انتهائي وڏا نالا به جڙيل هئا. جن ۾ بدر ابڙو، سراج الحق ميمڻ، غلام علي الانا، قلندر شاهه لڪياري ۽ نصير اعجاز شامل آهن. سندن مدد ناميارن سنڌي ٻولي جي ماهرن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، محمد ابراهيم جويو، فهميده حسين ۽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري ڪئي آهي. ظاهري ڳالهه ته جتي ايڏا وڏا نالا موجود هجن ته اتي اميدون به ايتريون ئي وڏيون هونديون آهن، ۽ ڪافي حد تائين اسان جون اهي اميدون پوريون به ٿيون آهن. اوڪسفرڊ انگريزي سنڌي ڊڪشنري جيڪا تقريبن ٻن هزار صفحن تي مشتمل آهي، سا ڪنسائز اوڪسفرڊ ڊڪشنريءَ جي نائين ڇاپي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ 65 هزار لفظن کان وڌيڪ بنيادي لفظن، اُنهن جي مشق، صيغن ۽ محاورن جون مجموعي طور هڪ لک چاليهه هزار کان وڌيڪ معنائون ڏنيون ويون آهن، ۽ اُنهن جي تشريح ڪئي وئي آهي. هن ڊڪشنريءَ جون داخلائونOxford English Corpus تان ورتل آهن، جيڪو ٻه ارب لفظن تي مشتمل دنيا جو وڏي ۾ وڏو لفظن جو ذخيرو آهي. لفظن جون ضروري وياڪرڻي وضاحتون، لفظن يا محاورن جو انگريزي جملن ۾ استعمال ۽ سنڌي ترجمو، عالمي صوتياتي ابجد (IPA) ۽ سنڌي لپيءَ ۾ ٽرانسلٽريشن هن ڊڪشنري جو مکيه خصوصتون آهن. پر هن ڊڪشنري جي حوالي سان منهنجا ۽ منهنجن دوستن جا ڪي مشاهدا به آهن، جيڪي توهان سان ونڊڻ ضروري ٿو سمجهان. هن ڊڪشنري ۾ لفظن جو سنڌي ۾ به اچار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته انهي ساڳي ڊڪشنري جي اردو روپ ۾ به اهو ڪم نه ڪيو ويو هو. ان لحاظ کان هي هڪ منفرد ڪاوش آهي. پر انهي ڪاوش کي اڃان به بهتر بنائي سگهجيو پئي، جيڪڏهن انهي ۾ انگريزي اچارن جي اصولن جي باري ۾ ڪو مختصر تعارف ضميمي طور ڏجي ها. مثال جي طور تي afterwards لفظ جو اچار ” آفٽوڊز“ طور ڏنل آهي. اهو اچار انگريزي اچارن جي حساب سان بلڪل صحيح آهي. پر ڪو عام ماڻهو يا شاگرد انهي اچار کي تيستائين قبولي يا سمجهي نه سگهندو جيستائين انهي کي خبر نه هجي ته انگريزي اچارن جي طريقي مطابق ”R “ اکر کانپوءِ جيڪڏهن حرف صحيح يا ڪانسوننٽ ايندو ته اهو اکر نه اچاربو. يا ڪهڙن اکرن کانپوءِ عام طور تي ”S “اکر ”س“ اچار ڏيندو ۽ ڪهڙن اکرن کانپوءِ ”ز“ جو سميت جيڪي انگريزي اچارن جا ٿلها ٿلها اصول ڪنهن ضميمي ۾ واضح ڪجن هان ته پڙهندڙن کي وڌيڪ آساني ٿئي ها. ساڳي طرح جيڪي انهن اچارن کي سندن سليبلس جي حساب سان پيش ڪجي ها ته بهتر ٿئي ها. اچارن جي حوالي سان اسان جي دوست حبيب سنائي جي هڪ راءِ آهي، جنهن تي يقينن ڳالهائي سگهجي ٿو. سندس مطابق ”هن ڊڪشنري ۾ واول يا فنيٽڪ سمبل a جو اچار اي ڪيو ويو آهي. منهنجي خيال ۾ اهو اَئِـ آهي، يعني Cat جو اچار ڪيٽ نه ڪئٽ ٿيندو. ٻي واول يا نشاني ei جو اچار ييئِـ ڪيو ويو آهي، پر اسان شارٽ هئنڊ جي شاگردن کي ڊگهو اي ڪري ٻڌائيندا آهيون. ان حساب سان لفظ Day جو اچار ڊي ٿيندو، نڪي ڊيئـ، جيئن ڊڪشنري ۾ ڏنو ويو آهي. هڪ ٻي واول يا فنيٽڪ سمبل :( جو اچار او ڪيو ويو آهي، جيئن لفظ Horse جو اچار هوس لکيو ويو آهي، پر منهنجي خيال ۾ اهو ڊگهو واول آ آهي، ان جو اچار ڀاري آ ٿيندو يعني هاسHorse، هان Horne، سا Saw وغيره.“

    ساڳي طرح لفظن جي معنى ڏيڻ وقت انهي جي ڪا گهڻي شعوري ڪوشش نه ڪئي وئي آهي ته جن لفظن جا انگريزي ۾ نعم البدل نه آهن ته اتي نوان لفظ ٺاهجن. انهي جي بدران لفظن جي وڏين وضاحتن کان ڪم ورتو ويو آهي. ڪن جڳهين تي اهي ادبي يا سياسي اصطلاح جن لاءِ اڳئي سنڌي ۾ ڪي اصطلاح مروج آهن، تن کي ڇڏي اردو يا فارسي جا اصطلاح ڏنا ويا آهن. هڪڙو ننڍڙو مثال ڏجي ٿو ته اسان وٽ عام ادبي تنقيد ۾ Postmodernism لاءِ سنڌي ۾ جديد پڄاڻان جو اصطلاح رائج آهي پر هن ڊڪشنري ۾ انهي لاءِ بعد از جديديت جو اصطلاح استعمال ڪيو ويو آهي جيڪو اردو ۽ فارسي ۾ رائج آهي. اهڙا کوڙ مثال آهن. ساڳي طرح ڪن لفظن جو معنائون غير ضروري اخلاقيات جي اثر سبب غائب ٿي ويون آهن. جن جا مثال هتي ڏئي نٿا سگهجن پر اهي معنائون ڊڪشنري ۾ هئڻ گهربيون هيون. انهي کانسواءِ جيتوڻيڪ هي ڊڪشنري ڪنسائز اوڪسفرڊ ڊڪشنريءَ تي بيٺل آهي پر ايترا ڪيترائي محاوراتي اصطلاح آهن جيڪي اصلي ڪنسائز اوڪسفرڊ ڊڪشنريءَ ۾ ته موجود آهن پر هن ڊڪشنري ۾ نه آهن. توهان رڳو هڪڙو عام لفظ cat کڻو ۽ ٻنهي ڊڪشنرين کي ڀيٽ ڪريو ته خبر پئجي ويندي. اهڙا ضروري محاورا جيڪي هن ڊڪشنري ۾ شامل هئڻ گهربا هئا سي هن ۾ موجود نه آهن.

    هن سڄي بحث جو مقصد ڪو اوڪسفرڊ انگريزي سنڌي ڊڪشنري جي افاديت ۽ اهميت گهٽائڻ ڪونهي. آئون هن وقت به اهو ٿو سمجهان ته هيءَ ڊڪشنري سنڌي ۾ موجود ڊڪشنرين ۾ سڀني کان ڀلي آهي. آئون اهو به سمجهان ٿو ته هر پڙهيل لکيل گهر ۾ هن ڊڪشنري جو هئڻ لازم آهي پر اهو به ضروري آهي ته هن شاندار ڊڪشنري جو غور سان جائزو وٺجي ۽ گهٽ وڌايون پڌريون ڪجن ته جيئن اهي اڳتي جي ايڊيشن ۾ شامل نه ٿين. انهي سان گڏ اهو به عرض آهي ته منهنجي يا منهنجي دوستن جي راءِ ۾ ڪي غلطيون آهن ته اهي به درست ڪيون وڃن. هڪ علمي بحث لاءِ دل ۽ دماغ هميشهه تيار آهي.

    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 16 اپريل 2011ع manojhalai@yahoo.com
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو