سرس سوائي سنڌ

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏30 جون 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    سرس سوائي سنڌ
    [​IMG]
    ماڪن شاه رضوي
    قدرت جي جوڙيل ڌرتي جي گولي تي هي جند جهڙي سنڌ الاءِ ته ڪيترن جڳن کان جيئري آهي، جن ڏاهن ۽ اڪابر داناءَ ماڻهن، ڌرتي ۽ ڌرتي تي وسندڙ ماڻهن جي تاريخ، مزاج، تهذيب، توڙي ثقافت تي، وڏي ويچار کانپوءِ، جڏهن تحقيق ڪئي هوندي، ٻين ملڪن ۽ ٻين قومن سان ڀيٽ ڪئي هوندي، تن کي پڪ سان حيرت ضرور ٿي هوندي ته، هي سنڌ، توڙي سنڌي ماڻهو هڪ الڳ مزاج، الڳ فضا، الڳ تاريخ، الڳ تهذيب ۽ الڳ ثقافت رکندڙ آهن.

    هن ڌرتي جو علم، ادب، اخلاق، ريتون رسمون، رواج، پنهنجو جدا پس منظر رکندڙ آهن، دنيا جهان ۾ منفرد ۽ ممتاز حيثيت رکندڙ ڪيتريون انوکيون عجيب شيون رڳو سنڌ سان ئي لاڳاپيل آهن، مثال طور: دنيا جو وڏي ۾ وڏو قلعو رني ڪوٽ سنڌ ۾ دنيا جو وڏي ۾ وڏو قبرستان مڪلي سنڌ ۾، دنيا جو وڏي ۾ وڏو شاعر شاهه لطيف رح سرڪار سنڌ ۾، دنيا جو ڊگهي ۾ ڊگهو ماڻهو عالم چنو مرحوم ( ۽ هاڻي نصير سومرو ) سنڌ ۾، دنيا ۾ ڊگهو پنڌ ڪندڙ پيادي عورت گجڻي، ( موجوده فضل ڀنڀري ضلعي ميرپورخاص کان غزني تائين) دنيا جو اعليٰ ترين مڇي جو قسم پلو( سمنڊ کان سکر تائين) سنڌ ۾، وري جي ريتن رواجن کي ڏسبو ته صرف هڪ مثالي ريت سام، صرف سنڌ ۾ جنهن ڌرتي جي تاريخ نرالي، تهذيب قديم ترين، ثقافت بي بها، آبهوا نارمل، مٽي زرخيز، زراعت، معدنيات، هر شئي نرالي منفرد ۽ پوءِ جڏهن ڪو دل سڙيو پنهنجي ڌرتي تان ڌڪاريل اهو چوي ته، سنڌي قوم ذاتين ۾ ورهايل ڇڙ وڇڙ آهي، انهن ۾ ٻڌي ناهي ته، ان کي سنڌ جي ٻڌي، ايڪي ۽ اتحاد جو ثبوت ڏيڻ لاءِ، ڪجهه مثال هن ريت ڏيئي سگهجن ٿا ته، جڏهن غيرت جو مسئلو کڙو ٿيو ته، دودي سومري جي سڏ تي خلجين جي اڻ کٽ فوج جا ڍونڍ ائين ڍير ٿيا جو تاريخ جي ورقن کي به حيرت وٺي ويئي، ان جي شاهدي اڄ به روپا ماڙي جا آثار ڏيندا. جڏهن ڏاڍ جي ڏهڪار پورهيت هارين جي پگهر پورهئي تي راتاها هڻڻ چاهيا ته، شهيد صوفي شاهه عنايت، جي سڏ ظالمن جي جبر جي ديوار ۾ ڏار وجهي ڇڏيا، اها شاهدي جهوڪ شريف جي مٽي کان پڇو.

    فرنگين خلاف سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله شاهه پير پاڳاري جي اڳواڻي ۾ حُرن جي جنگ کي به تاريخ ڪئين وساري سگهندي، ٿورو گڙنگ بنگلي کان شاهدي وٺجي، پر گهڻو پري ڇو، سنڌين جي ٻڌي ۽ اتحاد جو اهو تازو مثال ته اڄ به هر ڪنهن کي ياد آهي ته جڏهن 27 ڊسمبر 2007 تي شهيد بينظير ڀٽو شهيد ٿي ته، سنڌ ۾ زميني ته ڇا فضائي ٽريفڪ به چئن ڏينهن تائين بند هئي، ۽ ملڪ جي ان وقت جي صدر کي چوڻو پيو هو ته سنڌ ۾ هڪ ارب روپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي ۽ ان واقعي جي شاهدي، خود سنڌ جي موجوده ۽ اڳوڻي وفاقي حڪومت به ڏيندي. پوءِ وري جي ڪنهن بي سمجهه ٿڙيل ۽ عقل کان خالي، ٽي وي اينڪرپرسن، ملڪ جي سنڌي صدر کي غير ملڪي دوري دوران پاتل سنڌي ٽوپي تي طنزڪئي ته، صرف هڪ صحافي، هڪ قلمڪار ۽ هڪ ارڏي سنڌي سپوت علي قاضي جي سڏ تي، سڄي سنڌ پنهنجي ثقافت کي سامهون آڻڻ لاءِ ائين گڏ ٿي جو اها قومي عيد، هر سال سڄي سنڌ ۾ ملهائجڻ جو رواج پئجي ويو. هن سال هن هلندڙ مهيني ڊسمبر جي 8 تاريخ، اهو ئي ايڪتا ڏهاڙو ملهايو ويندو، پر 8 ڊسمبر کان اڳ گذريل نومبر جي آخري هفتي کان لڳاتار انهي ڏينهن جي آجيان ٿيندي پئي اچي. مچ ڪچهريون، ادبي محفلون، مشاعره، راڳ رهاڻيون، جاري آهن، ۽ دنيا ڏسندي ته، 8 ڊسمبر تي سڄي سنڌ اجرڪ اوڍي ٽوپي پائي، قومي عيد ملهائي پنهنجي ٻڌي جو مظاهرو ڪندي. محبتن جو هي اڻ کٽ سلسلو جيڪو هلي رهيو آهي، اهو هاڻي رڪجي ته ڪونه سگهبو پر وڌ کان وڌ وڌندو.

    هاڻي ذاتين ۽ برادرين ۾ ورهايل سنڌ کان سمورا جهيڙا، رنجشون سڀ ڪجهه وسري ويو آهي، ۽ سنڌ، سنڌي قوم سان وري جيئڻ جا جتن ڪرڻ لاءِ جاڳي پئي آهي.

    بس ضرورت رڳو ان ڳالهه جي آهي ته اها ٻڌي، اهو اتحاد، صرف سال جي ڪنهن هڪ خصوص ڏينهن بدران، هر پل هر گهڙي هر ويل، هر وقت قائم رهي. سنڌ هاڻي پڙهي لکي، باشعور سنڌ آهي. سنڌ وٽ هاڻي پنهنجي ميڊيا، پنهنجا وسيلا آهن. پنهنجا جوڌا، پنهنجا جوان آهن. هاڻي سنڌ کي ان سنڌي قوم جي هر حال ضرورت آهي، جنهن قوم ۾ ڪو ويڇو نه هجي، جيڪا هر وقت، سڏ ۾ گڏ هجي.

    هڪ نئين تاريخ لکڻ لاءِ پنهنجي ساڃاهه، ۽ ثقافت کي قائم رکڻ لاءِ هڪٻئي سان محبت ڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ لاءِ هن سال سنڌ حڪومت کي به اڳي جئين هي ڏينهن ملهائڻ گهرجي ۽ هن موقعي ته سنڌ جي سڄاڻ صحافي، محترم علي قاضي، ڪاوش، ڪي ٽي اين سان گڏ سنڌي سمورين اخبارن، ٽي وي چينلز، ريڊيو ۽ سمورن سڄاڻ سنڌ واسي ڀينرن، ڀائرن، عالمن، اديبن، شاعرن، صحافين، سڄي سنڌ سموري سنڌي قوم ۽ سمورين سياسي سماجي ڌرين کي ايڪتا ڏينهن جون واڌايون هجن.


    وسي ِڀٽ تنهنجي ڀلارا سدا،
    ڀلي ديس پرديس سارا وسن
    ڪڏهن سنڌ جي سينڌ ميري نه ٿئي
    ڪڏهن موڙ تنهنجا نه مرجهائجن

     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو