سنڌي ٻوليءَ جو وڌندڙ بِگاڙ جو تدارُڪ ڪيئن ڪجي؟ سحر گل ڀٽي سنڌ ۾ اڄُڪلهه سنڌ جي وَحدتَ، سنڌ جي حقن، وسيلن، سنڌ جي شهرن ۽ سنڌ واسين جي تحفظ جي حوالي کان سنڌي قوم هڪ پاسي اڏول ٽَڪَر جيان گڏجي، يڪراءِ ٿي بيٺي آهي، ته اُن وقت سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي کي قومي ۽ سياسي مسئلو ڪري نه کڻڻ يا اُن جي اهميت کي نظر انداز ڪرڻ قومي ڪوتاهه نظري کان گھٽ نه هوندو. منهنجي خِيالَ ۾، ٻين مسئلن سان گڏ، سنڌي ٻوليءَ جي مسئلي کي به وڏي پئماني تي کڻڻ جي ضرورت آهي. مون هن سال جي شروع ۾ به ٻه مضمون اِن ئي موضوع تي لکيا هئا، جن جو تَتُ اِهو هو ته ڳالهائي ويندڙ سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏي تبديلي اچي رهي آهي، ان جو نِج-پڻو ختم ٿي رهيو آهي. مون مضمونَ ۾ اهو به ٻڌايو هو ته دنيا ۾ ڳَڻيون ويندڙ ست هزار ٻولين مان هر روز ٻوليون بتدريج مري رهيون آهن. ان صورتحال ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جياپي جو سوال اهم ان ڪري به آهي ته سنڌ جي شهرن ۽ سنڌ جي وحدت تي اڳ ئي ڪاري اک آهي. جيئن ته سنڌ جا سياسي مسئلا سنڌ جي سياست جي اولين ترجيحَ آهن، ۽ هجڻ به کپن پر اُن جو ڪنهن به صورت ۾ اهو مطلب نه آهي ته ٻوليءَ کي ورتل مسئلا غير اهم ۽ ٻئي درجي جي حيثيت رکندا هُجن. ان مسئلي کي به جوڳي توجهه جي ضرورت آهي. منهنجي خيال ۾ ٻوليءَ کي درپيش مسئلن مان اهم ترين ٽي مسئلا هي آهن: (الف) پهريون، ۽ اهم ترين مسئلو سنڌي ٻوليءَ کي درپيش اُن جو اسڪولن ۾ نه پڙهايو وڃڻ آهي؛ ٻهراڙيءَ جو ٻار ته پنهنجي چوڌاريءَ جي ماحول ۾ نِجُ سنڌي ڳالهائي وڃڻ ۽ اسڪولن ۾ سنڌيءَ ۾ پڙهائي وڃڻ جي ڪري پنهنجي ٻولي نِجُ انداز َ۾ ڳالهائي، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو، پر شهر جو ٻار، جيڪو خاص ڪري وڏن خانگي اسڪولن ۽ ٻين ننڍن ننڍن خانگي اسڪولن ۾ پڙهي ٿو، اهو انگريزي ۽ اردو ته ڄاڻي ٿو، پر کيس سنڌي لکڻ پڙهڻ نه ٿي اچي. ڪجهه خانگي اسڪولن جيتوڻيڪ سنڌي ٻولي شامل به ڪئي آهي، پر تڏهن به ٻوليءَ جي با اختيار اداري کي ان مواد جي جاچ ڪرڻ کپي، ته ڪهڙي قسم جو تدريسي مواد انهن ڪتابن ۾ پڙهايو وڃي ٿو، يا ڪهڙو مواد لازمي طور تي شامل ڪرڻ گُهرجي، يا نه ڪرڻ گُهرجي. (ب) ٻيو اهم ترين مسئلو سنڌي ٻوليءَ کي درپيش اهو آهي ته اخباري ٻولي جيئن ته لِکَتَ ۾ آهي، ان جو نِجُ پَڻو قائم آهي، پر ڳالهائي ويندڙ ٻولي ٽي وي چينلن تي يا گهرن، آفيسُن ۽ ميڙاڪن ۾، هر جاءِ تي نِج نه ٻُڌڻ ۾ ايندي. ٽي ويءَ تي پروگرامن جا ميزبان هجن يا مهمانَ، چوٽيءَ وارا دانشوَرَ هجن يا سياستدان هجن، اديب هجن يا انساني حقن جا سرگرم ڪارڪُنَ، هو ڏهن لفظن واري سنڌي جُملي ۾ جيستائين پنج انگريزيءَ جا لفظ نٿا وجهن، تيستائين پنهنجي ڳالهه پيش نٿا ڪري سگهن. (اها ويڌن ملڪَ جي مِڙني ٻولين، خاص ڪري پنجابي، سرائيڪي ۽ اردوءَ سان به آهي، انهن ٻولين سان واڳيل اهلِ ادب ماڻهو به بي خبريءَ سان پنهنجي ٻوليءَ ۾ اڌ انگريزي ٿا وجهن. منهنجي خيال ۾ اِن مسئلي جي حوالي کان اردوءَ جو سڀني کان وڌيڪ خراب حال آهي، پر سُوال وري به مون وٽ اهو آهي ته مُقتدره ڇا پيو ڪري؟ جي اُهو اردو ٻوليءَ جي بهتريءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم نه پيو ڪري ته؟) (ٻ) سنڌي ٻوليءَ کي درپيش ٽيون مسئلو لَهجي جو آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ اڪثر لفظن کي زير، زَبَر، ۽ پيشَ کان سواءِ دُرست اُچاري نٿو ٿي سگهي. نئين نسل جي سنڌي ٻولي ته آهي ئي عجيب نوعِيتَ جي، لهجو انگريزيءَ يا اُردوءَ ۾ وِنهتل هوندو. اوهين سنڌي ٽي وي چينلن تي ايندڙ ميزبان نوجوان مردن ۽ نارين جي سنڌي ٻُڌي ته افسوس ئي ڪندئو. اڳ ۾ مون اها رَوِش نارين ۾ گھڻي ڏٺي هئي، خاص طور تي ڪاليج ۽ يونيورسٽيءَ جي وقت ۾ ڪيترين ئي اهڙين ادين سان واسطو پوندو هو، جيڪي سنڌيءَ کي اُردوءَ ۽ انگريزيءَ سان وِنهتل لهجن ۾ ڳالهائڻ کي معياري سمجهي ان تي فَخُر ڪنديون هيون، ۽ ٺيٺ سنڌي ڳالهائيندڙ نينگرين تي چَٿَرَ ڪنديون هيون، پر هاڻي ته اهڙو رويو نوجوان ڇوڪرن ۾ به نظر اچي ٿو. سنڌي چينلن جي ڊرامن ۾ جيڪڏهن شهري سماج ڏيکاريو ويندو آهي، ته انهن جي ڪردارن جي ٻولي به پنهنجي پر ۾ جِدت ڏيڻ جي خيال کان اهڙي پيش ڪئي ويندي آهي، جيڪا ٻُڌي ٻوليءَ سان محبت ڪندڙ ماڻهو اذيت مان پيو گذرندو. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جو فرض واڳيل ميڊيائي ادارن جو ته آهي ئي، پر انهن سان گڏو گڏ ٻوليءَ جي با اختيار اداري تي ته اولين ۽ بنيادي ذميواري اچي ٿي ته اهو هڪ جاچ جو شُعبو جوڙي، جيڪو مختلف ادارن، خاص ڪري ميڊيائي ادارن ۾ ڪَتَب آندي ويندڙ ٻوليءَ جي باقاعده، ۽ مُنظِم طور تي جاچ ڪري، ۽ ضرورت آهر هڪ اِصلاح نامو به جاري ڪري. سنڌ جي ميڊيا سُجاڳ، بَرجستي آهي، جيڪا به عُمِر اٿس، ان حساب سان پيشه ورانه بلُوغَتَ ماڻي اٿس. اها نه رڳو سنڌ سان سچي آهي، پر سنڌ جي حقن لاءِ جاکوڙ ۾ باقاعده هڪ نئون محاذ سنڀاليو، ڌُرَ ٿيو بيٺي آهي. پر سنڌي ميڊيا، خاص طور تي ٽي وي چينَلَ گڏ و گڏ جيڪڏهن ٻوليءَ واري مسئلي تي به ڌيان ڏين ته سڀ کان پهرين گھٽ ۾ گھٽ ميزبانن جي ٻوليءَ کي نِج ۽ اصلوڪو رکڻ جا احڪام جاري ڪن. عالمگيريت جي هن دور ۾ جيڪڏهن ڪي نوان لفظ ٻوليءَ ۾ داخل ٿيا به هجن ته انهن کي ڪيئن ٻوليءَ جي رنگ ۾ ڪري پيش ڪجي، ان تي غور ڪرڻ گھرجي. اهڙيءَ طرح ميڊيا سان گڏ اديبن، دانشورن، سياستدانن ۽ اهلِ علم ڏاهن جو اهو فرض هجڻ گهرجي ته پنهنجي ڳالهائي ويندڙ ٻوليءَ جو پاڻ ئي تنقيدي جائزو وٺي اُن کي درست ڪن. مان اهو واضح ڪندي هلان ته ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته انگريزي ڳالهائڻ اچڻ وقت جي ضرورت آهي، ۽ اها ڳالهائڻ اچڻ لازمي آهي، پر نِج نِبار انگريزي ڳالهائڻ ۽ پنهنجي مادري ٻوليءَ جي فقط هڪ ئي جملي ۾ انگريزي ٻوليءَ جا انيڪ لفظ استعمال ڪرڻ ۾ فرق آهي. جن کي انگريزيءَ جو شوق هجي، اهي نج انگريزي ڳالهائين، پر سنڌيءَ کي به نِج ئي ڳالهائين. اڄ ڪلهه ته سنڌيءَ جو حال اهو ٿيو آهي، انيڪ ماڻهو ان قسمَ جي سنڌي ڳالهائيندا نظر ايندا، ”وِليجِز ۾ پاوَرٽِي آهي“، يعني ”ڳوٺن ۾ غُربَت َآهي“.. يا ”سنڌ جي پالِٽِڪس ڏاڍي ڪامپلِيڪيٽِڊ ٿي وئي آهي“، يعني ”سنڌ جي سياست پيچيده ٿي چُڪي آهي“. اِن قسم جي سنڌي ڳالهائڻ کان ڀلو ته ماڻهو سنڌي ڳالهائي ئي نه. مان اهو به واضح ڪريان ته ٻوليءَ ۾ ٻاهرين لفظن جو داخل ٿيڻ ڏاڍو سڀاويڪ عمل آهي، اِرتقائي مرحلي ۾ ٻولي امير به ان ئي عمل سان ٿيندي آهي. ٻاهرين ٻولين جي لفظن جو داخل ٿي مُرَوِج ٿيڻ ٻولين کي وڌيڪ سگھارو ڪندو آهي، پر سنڌي ٻوليءَ ۾، ويندي پاڪستان ۾ ڳالهايون ويندڙ مڙني ٻولين ۾ انگريزي ٻوليءَ جي لفظن جو واهپو ايترو ته گھڻو وڌي ويو آهي، جو ڳالهايون ويندڙ ٻوليون سگهاريون ٿين اها ته پري جي ڳالهه، ورندو پراڻو نسل ڌرتيءَ سان محبت ۽ سچائيءَ جي باوجود به پنهنجي نئين نسل ڏانهن اصل ٻوليءَ کي منتقل ئي نه ڪري سگهيو آهي. نئين توڙي پُراڻي نسُلَ کي سِٽَ سِٽَ ۾ انگريزي لفظن جو ڪتب آڻڻ سَنهنجو ٿو لڳي، بَنِسبت نِج سنڌي ڳالهائڻ جي. ٻوليءَ جو ”اهو ناهي مرڻ ٻيو ڇاهي“؟ حقيقت اها آهي ته ٻوليءَ کي اِنهن درپيش خطرن جا ڪي معروضي ته ڪي داخلي سبب آهن، مثال طور ملڪ ۾ بيٺڪي نظام جا چِٽا اُهڃاڻ اڃان تائين آهن، ملڪ جي سو ۽ نان سويلين آفيسر شاهي ته ان ئي نظام کي جاري رکيو ويٺي آهي، جي ملڪ جي حڪومتي ادارن ۾ بيٺڪي نظام هوندو ته ٻوليءَ تي به ته بيٺڪيت قائم هوندي. ٻيو سبب اهو ته پنهنجي ٻولي ڇڏي ڌاري ٻولي ڳالهائڻ تي فخر ڪرڻ جي ڪري انيڪ خاندانن پنهنجن گهرن ۾ سنڌي ڇڏي اردو ڳالهائڻ شروع ڪئي آهي، ان کان پوءِ هاڻي ڪيترائي خاندان پنهنجين ٻولين سان اُها ئي ويڌن انگريزيءَ کي شامل ڪري ڪن پيا. اُن کان سواءِ هڪ سبب انٽرنيٽ به آهي، جيڪا هن دور جي هڪ حيرت انگيز ايجاد آهي. نيٽ جي سماجي گروهن- جن کي سوشل ميڊيا سڏيو وڃي ٿو، انهن جا پنهنجا اصطلاح آهن، جيڪي ان خيالي دنيا مان نڪري مادِي دنيا ۾ داخل ٿي روزاني زندگيءَ جو حصو ٿي ويا آهن. جيڪو ته ڪنهن به صورت ۾ خراب نه آهي، پر تڏهن به منهنجي خيال ۾ اهو ٻوليءَ جي اداري جو فرض آهي ته اها انهن لفظن جي ڇَنڊَ ڇاڻ ڪري فيصلو ڪري ته اُهي لفظ جيڪڏهن سنڌيءَ ۾ داخل ڪجن به ته ڪهڙي شڪل ۾ ڪجن، اصل شڪل ۾ يا انهن کي سنڌي رنگ ڏئي پوءِ لُغت جو حصو ڪجي. ٽيون سبب ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي لاغرضي يا غير ذميداري آهي، ته دنيا جي ترقي يافته ٻولين، خاص ڪري چيني، جرمن ۽ فرانسيسي ٻولين ۾ ايندڙ تبديلي ايتري تڪڙي ۽ غير فطري نه آهي، جيتري غير فطري ۽ تڪڙي تبديلي سنڌي ٻوليءَ ۾ اچي پئي. انهن ملڪن ۾ ٻولين جا ادارا چوڪس آهن، جيئن ڪو نئون لفظ يا اصطلاح دنيا ۾ استعمال ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، اُنهن مُلڪن جي ٻولين جا ادارا تُرت ئي اُن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري وٺن ٿا ۽ ان جي استعمال کان اعلان ذريعي ملڪ کي باخبر ڪن ٿا. ڇا سنڌي ٻوليءَ جو ادارو اهو به نٿو ڪري سگهي؟ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي لاءِ مون وٽ ڪجهه غور طلب تجويزون آهن: (1) اهو ٻوليءَ واري اداري جو اولين فرض آهي ته ٻوليءَ ۾ داخل ٿيندڙ نون لفظن کي گڏ ڪري، انهن جا متبادل لفظ تيار ڪن. جي انهن نون لفظن کي جيئن جو تيئن ٻوليءَ ۾ رکڻو آهي، ته اهو به طئه ڪجي ته انهن کي ڪيئن سنڌي رنگ ڏِجي، پر جي انهن جو ترجمو ڪرڻو آهي، ته ڪهڙن لفظن جي چُونڊ ڪرڻ کپي. هڪڙي ڪميٽي ٺهڻ کپي، جيڪا روزانو ٽي وي، اخبار ۽ ميڊيا جي ٻين ذريعن تي ڳُوڙهي جاچ رکي. ٻوليءَ جي اداري کي سنڌي ٻوليءَ جي لحاظ کان هر اداري جي ڇپيل مواد تي چوڪَس اکِ رکڻ کپي، ميڊيائي ادارن تي به نظر رکجي، ۽ گُهرج موجب رابطو ڪري انهن ادارن کي رايا ڏئي مناسب تبديلين آڻڻ لاءِ صلاحون به ڏيڻ گُهرجن. سنڌي ٻوليءَ جي اداري هڪ لُغت تيار ڪئي آهي، جيڪا هن دور ۾ نون داخل ٿيندڙ پيشه ورانه لفظن جا مُتبادل لفظ ٻڌائي ٿي، ان لُغت ۾ اڃان ڪجهه نوان لفظ شامل ڪرڻ جي گُهرجَ آهي، ۽ اهو به ته اُن لُغت جو استعمال سماج جي مختلف ادارن ۽ آفيسُن ۾ ٿئي ٿو يا نه، ان جي جاچ جو ڪو سِرشتو ٺاهجي، ته جيئن اُن تي عمل در آمد ٿئي. (2) ٻوليءَ تي لکيل منهنجي گذريل مضمونن جي جواب ۾ مون کي ڪجهه دوستن لکيو ته خود اسان جي لکت واري ٻوليءَ ۾ به عربي، اردو ۽ فارسي رچجي وئي آهي. سنڌي اُها نِجُ رهي ئي نه آهي، ۽ جنهن کي اسين نِجُ سنڌي چئون ٿا سا اصُلَ ۾ عربيءَ، فارسيءَ ۽ انگريزيءَ جي آميزش سان ڪا نئين شڪل اڳ ئي اختيار ڪري چُڪي آهي، اهو بلڪل صحيح هوندو پر اهو به ته ٻوليءَ جي اداري جو ڪم آهي ته اُها طئه ڪري ته نِجُ سنڌيءَ جي هن جديد دور ۾ ڪهڙي شِڪِلَ هُجڻ کپي. ٻوليءَ جو ادارو اخبارن، ٽي وي ۽ ڇپجندڙ ڪتابن تي ٻوليءَ جي حوالي کان تجزيا ڪري، جي ڪي لفظ نِج نه ڀانئي ته ان تي باقاعده خاص ڌيان ڏئي ڇپڻ واري اداري کي لکت ۾ هڪ يادداشت نامو موڪلي ڏئي، ۽ جي جديد دور ۾ ڪي نوان لفظ ٻوليءَ ۾ داخل ڪرڻا هجن يا متبادل لفظ آڻڻا هجن ته اهو به طئه ڪري مِڙني ادارن کي مُتبادل لفظن بابت آگاهه ڪري. سنڌي ٻوليءَ جو ادارو ڇا پيو ڪري، جيڪڏهن هو ٻوليءَ جي بچاءَ ۽ ترقيءَ لاءِ ڪم نه پيو ڪري ته؟ ڪيترا لفظ آهن جيڪي هر روز انٽرنيٽ ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ داخل ٿين پيا. ڪئين لفظ، جن جو ترجمي ڪرڻ وقت ڏکيائي پيش ايندي آهي، مثال طور: گلوبل، گلوبلائيزيشن، پراجيڪٽ، پروگرام، سوشل ميڊيا، مِيٽنگ وغيره وغيره... ان تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري کي تُرت جوڳا قدم کڻڻ کپن. (3) هڪ پاسي اهو بحث تمام گهڻو اهم آهي ته سنڌي ٻوليءَ کي رومن شڪل ۾ آندو وڃي يا نه، ان تي به ڪو واضح قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. ڪيترن ئي ڏيهي ۽ پرڏيهي مُحققن جي راءِ موجب هن عالمگيريت واري دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جي جياپي لاءِ لازمي آهي ته ان کي رومن شڪل ۾ آندو وڃي، ته جيئن غير سنڌين ۽ ٻاهرين محققن لاءِ سنڌي سمجهڻ ۽ مٿس تحقيق ڪرڻ سولو ٿي پوي. (4) سنڌي لُغت ۾ ڪجهه عربي اکرن جو شامل ٿيڻ بِنهه غير ضروري آهي، مثال طور عربي ٻوليءَ جي سالن جي تفصيلي ڪورس ڪرڻ کان پوءِ مون ڄاتو ته عربيءَ ۾ ”ث“، ”س“ ۽ ”ص“ لاءِ الڳ الڳ اُچار ۽ آوازآهن، جڏهن ته سنڌيءَ ۾ ٽنهي اکرن جو هڪ ئي آواز ”س“ آهي. ”ت“، ۽ ”ط“ جا به عربيءَ ۾ ٻه ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ آواز آهن. ائين ئي ”ز“،” ذ“، ”ض“ ۽ ”ظ“ لاءِ به عربيءَ ۾ چار مختلف آواز ۽ اُچار آهن ۽ سنڌيءَ ۾ فقط ”ز“ جي اُچار سان چارئي اکر اُچارجن ٿا، ته پوءِ اِنهن اکرن جو ٻوليءَ جو بار وڌائڻ کان سواءِ ٻيو ڪهڙو ڪارج آهي؟ (5) سنڌي ڪلاسيڪي ۽ لوڪ ادب کي زنده و جاويد رکڻ لاءِ لازمي آهي ته ان کي نئين نسل ڏانهن مُنتقل ڪرڻ کپي. اهو عمل اها به مدد ڪندو ته ڪيئن سنڌيءَ جهڙي وسيع ٻوليءَ جي لِکَتي ۽ بياني شڪلين کي اصلوڪو رکيو وڃي. مثال طور تي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي سطح تي ڪهڙو فِڪري ادب لازمي طور تي سِلَئبس ۾ شامل ڪجي، خاص ڪري ڀٽائيءَ ۽ سچل جي فڪر جي نوجوان نسل ڏانهن منتقليءَ جو ڪو بهتر سِرشتو جوڙڻ کپي. ٻوليءَ واري اداري سان گڏوگڏ اهو فرض انهن ڏاهن ۽ دانشورن تي به آهي، جيڪي ڀٽائيءَ ۽ سچل جي فڪر جي گهري ڄاڻ رکن ٿا. (6) آخري نُقطو اهو ته ٻوليءَ جي اداري جي سربراهيءَ ۾ مُلڪگير مُهم هلائجي ته جيئن ملڪ جي آئين ۾ به اهو وضاحت سان شامل ڪيو وڃي ته صوبن جون ٻوليون قومي ٻوليون قرار ڏنيون وينديون، ۽ صوبي جي مڙني سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ مادري ٻوليون لازمي طور تي پڙهايون وينديون. انٽرنيٽ جي سماجي گروهن، ريڊيي، ٽي وي ۽ اخبارن ذريعي انهن خيالن تي ٻڌل مُهم بهترين طريقي سان هلائي سگھجي ٿو. جيتوڻيڪ اِدارتي ۽ سرڪاري سطح تي ٻوليءَ بابت رِٿابندي ڪرڻ ۽ ان بنياد تي گھڻَ-طرفيون رِٿائون شروع ڪرڻ سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جو فرض آهي، پر اهو دراصل اسان سڀني جو به گڏيل فرض آهي ته نه رُڳو سنڌي ٻوليءَ سان ٿيندڙ ويڌن جو حصو نه بڻجون، پر ان لاءِ هر سطح تي گُهربل جاکوڙ ڪندي عملي ڪردار ادا ڪريون. رازاني ڪاوش، خميس 20 ڊسمبر 2012ع sahar.gul@gmail.com