• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

راتين جا هي اوجاڳا

راتينن جا هي اوجاڳا اکين ۾ ڏار ڇو ٿي
ڪنهن بي ترس سان ڪا دلڙي وئي لڳي ٿي
اهو نينهن آهي نانگو يا ناسور ڪوئي ڦٽ آ
هي چوس اهڙي چاهت برباد سڀ ڪري ٿي
دلبر سان دل لڳيءَ جو ڪهڙو ڪجي ڪو دارون
وڌندو وڃي ٿو مرض جيئن جيئن دوا ڪجي ٿي
ناحق نسورو ناحق عاشق سڀئي چون ٿا
تسڪين تڙپ ۾ آ محبت مٺي چوي ٿي
ڪيئي ڏٺا سين ڏاها رلندا رهيا سي راهون
اهو پيار اهڙو پاپي دلڙي منجهي پوي ٿي

رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top