• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جي پيار جو تحفو قبوليندي ته خوش ته هوندين!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
اسان جي پيار جو تحفو قبوليندي ته خوش ته هوندين
استاد بخاري
اسان جي پيار جو تحفو قبوليندي ته خوش ته هوندين،
گلابي گل هي گلدستو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اسان وٽ عشق اڻ ڪٺ آ، اوهان وٽ سونهن سڀ ڪجھ آ،
هي سڪ ۽ سونهن جو سودو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

اڃارا ديد جا آهيون، بخارا قرب جا آهيون،
سوال آهي ته سنگت جو قبوليندي ته خوش ته هوندين،

محبت زندگي آهي، محبت بندگي آهي،
اهو ”استاد“ جو گفتو قبوليندي ته خوش ته هوندين-
 
Back
Top