وس ۾ ناهي جو مان وساري ڇڏيان! استاد بخاري وس ۾ ناهي جو مان وساري ڇڏيان، رات ناهي جو مان گذاري ڇڏيان، درد آهن ته دل ڏکائين ٿا، پکي هجن ته مان اڏاري ڇڏيان، هو اچي نه اچي مرضي ان جي، مان رستا ته سينگاري ڇڏيان، ڏاڍو ٿو جهليان پر نٿي جهلجي، دل جهنگ ته ناهي جو ساڙي ڇڏيان۔