الا ! جُنگَ جيَن، جنين اَجَهي گهاريان شالُ مَ سُڪَي وَيئَري، جئَان پيُ پيَن مرڪڻ اکڙين، تو ڏٺي مون سُکُ ٿئي. سر بلاول اَلاَ = اي مولا پاڪ جُنگَ = ڪُوپَا, بهادر, دلير, ڪامل شخص, سخي مڙد اَجَهي = شفقت, ڇپر ڇانوَ مَ = نه, هرگز نه وَيئَري = کُوهي پيَ = پ تي زير ڏيو .مسافر, واٽهڙو * اي مولا پاڪ انهن بهادر، دلير ۽ سخي ماڻهن کي جن جي ڏڍ، آسري ۽ آٿت تي ٿي جيئان، تن کي وڏي حياتي عطا ڪر. * اُهي کوهه، کوهيون ۽ تَڙَ ڪڏهن به ويران نه ٿين جتي دڳ ويندا، واٽهڙو ۽ مارو ماڻهون پنهنجي اڃ اُجهائن ٿا. * انهن جي منهن تي سدائين مرڪ پسي منهنجو هنيانءُ ٺري ٿو پئي. سمجهاڻي ڀٽائي سنڌ جي انهن دلير ۽ بهادر ماڻهن تي فخر ٿو ڪري جيڪي ننگن ۽ دنگن جا محافظ آهن. جيڪي ڏکويلن جي پنهنجي هڙان وڙان مدد ٿا ڪن. جيڪي ڏڍ، آٿت، آسرو ۽ اميد آهن هن ڌرتيءَ جي لکين ڪروڙين ماڻهن لاءِ. جن جي منهن تي مرڪ پسي هنيانءُ ٺري ٿو پئي. ____ سائين مظفر منگي جي فيسبوڪ ٽائيم لائين تان ورتل