وطن جو سچو سپاهي ۽ ادبي ميدان جو منفرد شهسوار

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    وطن جو سچو سپاهي ۽ ادبي ميدان جو منفرد شهسوار
    [​IMG]
    يوسف لغاري
    ضلعو ٿرپارڪر، جيڪو اڳ ۾ ميرپورخاص، عمر ڪوٽ ۽ سانگهڙ جي ڪجهه حصي تي مشتمل هو، هاڻ رڳو ٿرپارڪر، ٿر ۽ ريگستان واري علائقي تي مشتمل آهي، موجوده ٿرپارڪر ۾ هندو ۽ مسلم آبادي ذري گهٽ برابر آهي. انهيءَ ريگستان جي علائقي، ننگر پارڪر، اسلام ڪوٽ، مٺي ۽ ڏيپلو شهر مشهور آهن. هر ڪنهن شهر جي پنهنجي پنهنجي سڃاڻپ آهي. ننگر پارڪر ڪارونجهر جي ڪري، يا مسڪين جهان خان کوسي جي ڪري ته وري ڏيپلي جي سڃاڻپ محمد عثمان ڏيپلائيءَ جي نالي سان منسوب آهي. ڏيپلائي صاحب سان منهنجي واقفيت به عجيب طريقي سان ٿي، شروعاتي ڏينهن ۾ تعليم خاطر ميرپورخاص آيس. ٿرپارڪر جي هڪ مهان شخصيت ڪامريڊ غلام محمد لغاريءَ سان مائٽي هجڻ ڪري ساڻس ملڻ ٿيندو هو، سندس ڪچهرين ۾ هميشه ترقي پسند، سنڌ دوست، عوام دوست ماڻهن جون خبرون هونديون هيون، انهيءَ ئي وقت محمد عثمان ڏيپلائيءَ سان واقفيت ٿي، سندس رسالو ۽ ٻيون لکڻيون ڪامريڊ وٽ حاضر هونديون هيون. اسان به اتي ”انسان“ رسالي کي پڙهي پنهنجي شعور ۾ اضافو ڪيو. سمجهان ٿو ته مون جهڙا ڪيترائي قومي ڪارڪن ان دور ۾ ڏيپلائي صاحب جي لکڻين کان متاثر ٿيا هوندا. جڏهن 60ع واري ڏهاڪي ۾ حيدرآباد اچڻ ٿيو، ته ڏيپلائي صاحب سان روبرو ملاقات ٿي. سندس پيار خلوص ته تڏهن ڏٺوسين، محسوس ڪيوسين، جڏهن 4 مارچ واري واقعي کانپوءِ اسانجي همت افزائي ۽ مدد ڪرڻ ۾ اڳيان رهيو. سندس اهي لفظ اڃا به ياد اٿم ته، ”پڪ اٿم ته ايندڙ نسل سنڌ جي حفاظت ڪندو“. بس انهيءَ پاٻوهه ۽ محبت ڀرئي انعام موجود قومي ڪارڪنن ۾ جيڪا همت ۽ حوصلو پيدا ڪيو، جنهن جي ڪري اسان جهڙن قومي ڪارڪنن مان مايوسي پري ٿيندي نظر آئي.

    سندس مذهبي لاڙو عجيب قسم جو هو، شروعاتي دور ۾ هندو- مسلم ڇڪتاڻ ۾ ڪردار به خالصتاً مذهبي قسم جو هو. سنڌي مسلمان ۽ سنڌي هندو مذهبي ڇڪتاڻ ۾ شامل ٿي ويا. سنڌي هندو جيئن ته انتظامي طور مضبوط هئا ۽ سنڌي مسلمانن تي غالب هئا، ان ڪري سنڌ جي سياسي حالتن تي به سندن گرفت مضبوط هئي، اهڙين حالتن ۾ ڏيپلائي صاحب هندو مذهبي انتهاپسنديءَ جي آڏو بيهي رهيو، ان سلسلي ۾ ڪيترائي ڪتاب، ڊراما، ناٽڪ لکڻا پيس، ائين سنڌي مسلمانن ۾ سياسي ۽ سماجي سجاڳيءَ لاءِ پاڻ جفاڪشيءَ سان جدوجهد ڪندو رهيو. اهو ان ڪري به لازمي هو ته ان وقت سنڌي هاري، مسلمان وڏيري ۽ هندو سيٺيئي جي اتحاد ۾ پيڙيل هو. سندس انهيءَ دور جون لکڻيون سماجي سڌاري ۽ عوامي شعور آڻڻ لاءِ هيون. پاڻ ذاتي مفاد کان تمام مٿڀرو ٿي ڪري پنهنجو عوامي ڪردار ادا ڪندو رهيو. مذهب کي ڪنهن جي فائدي يا پنهنجي جي مفاد لاءِ استعمال نه ڪيائون، هڪ سماج سڌارڪ ۽ حق گو ليکڪ ٿي ماڻهن اڳيان پيش ٿيا!

    سندن ٻيو رخ توهم پرستيءَ خلاف هو. ان وقت جي حالتن مطابق سنڌي ماڻهو توهم پرستي، پيرن ۽ وڏيرن جي اثر ۾ هئا. اهڙين حالتن ۾ زميندار، جاگيردار، قبيلائي رسمن، ڦيڻن ۽ ٽوڻن خلاف جنگ ڪرڻ پنهنجي سر تان آسرو کڻڻ برابر هو. سائين ڏيپلائي صاحب جَس لهي، جنهن پنهنجي جان جوکي ۾ وجهي ان خلاف جدوجهد ڪئي، ۽ پنهنجي عوامي ڀلائيءَ جي مقصد تي بيٺو رهيو. ڏيپلائي صاحب جو ٽيون رخ سنڌ جي ڏتڙيل ماڻهن، هارين، غريبن مسڪينن سان همدرديءَ جو هو. سنڌ جي هارين سان زميندارن جو ويل، ڏاڍائي، جبري پورهيو، وڏيرن جا فيصلا، سزائون ڏيڻ جو عام رواج هو، وڏيرا شاهي پنهنجي عروج تي هئي، بٽئيءَ جو چوٿون حصو هاريءَ کي ملندو هو، سو به سالن کانپوءِ. ڪو حساب ڪتاب نه ٿيندو هو. بيگر وٺڻ ته ڄڻ قانوني طور جائز هئي، هاري ويچاري ڪڏهن به 3 وقت چُلهه نه ٻاري. سندس ٻار اسڪول يا مدرسي جو منهن به ڪونه ڏسي سگهندا هئا، بيماريءَ سيماريءَ پيا تڙپندا هئا. اهڙي آپيشاهي طاقت سان ڪير اٽڪي؟ محمد عثمان ڏيپلائي صاحب ور کُنجي انهيءَ ميدان ۾ لهي پيو، انهي آپيشاهي طاقتن جي خلاف دانهيائين، ناٽڪ لکيائين، ۽ هڪ ساعت لاءِ به ان انساني حقن جي فرض جي بجا آوريءَ کان پاسيرو نه ٿيا. اڄ جي حالتن ۾ جڏهن ته انساني حقن جون جماعتون، ڪارڪن، عدالتون، سياسي ڪارڪن ۽ هارين جون پارٽيون جدوجهد ۾ آهن، گڏجي ڪري به ايترو ڪجهه نه ڪري سگهيون آهن، جيترو ڪجهه ڏيپلائي صاحب پنهنجي لکڻين جي ذريعي عام ماڻهوءَ ۾ شعور پيدا ڪيو. ان لاءِ موجوده نسل ۽ ايندڙ نسل جي سياسي، سماجي تاريخ کيس سڀ کان مٿانهون مقام ڏيندي.

    ڏيپلائي صاحب سان ايتريون خاص ملاقاتون ته ڪونه ٿيون، ساڻس ڪتابن ۽ اخبارن ذريعي ته گهڻي واقفيت رهي پر ساڻس الڳ ملاقاتن ۽ ڪچهرين جو وقت تڏهن مليو، جڏهن پاڻ ميرپورخاص جي عدالت ۾ پنهنجين لکڻين جي ڪري جوابدار جي حيثيت سان اچڻ شروع ڪيائون. مان ان وقت وڪيل هئس، کيس ان وقت ڪو وڪيل به ڪونه ملي رهيو هو، جو سندس پيروي ڪري. سندس مائٽ به وڏا وڪيل هئا پر خبر ناهي ته ڪهڙن سببن جي ڪري انهن کي وڪيل نه ڪيائين. سڌو پڇا ڪندي اچي هن مسڪين تي وڙ ڪيائون، مٿس فوجداري ڪيس هو ۽ هڪ سول دعوى به هئي. مخالف وڪيل اسانجو ڪامريڊ دوست روچيرام هوندو هو، جيڪو ڏيپلائي صاحب جو به دوست هو. هڪ دفعي ڏيپلائي صاحب سان ائين ئي ڳالهيون ڪندي پڇيومانس ته، سائين، ڪو ٺاهه وغيره ٿي سگهندو! جيڪڏهن اوهان جي مرضي هجي ته مخالف وڪيل سان ڳالهايان، جيڪو اوهان جو به معزز دوست آهي، ته اسان جو به ڌنڌي ڀائي آهي. حالانڪه اهڙي ٺاهه جي ڳالهه مخالف وڪيل وٽان آئي هئي پر مون مناسب نه سمجهيو ته سندس اجازت ۽ صلاح کانسواءِ ڳالهه کي اڳتي وڌائجي، ان ڪري ڏيپلائي صاحب کان پڇيم. کلي جواب ڏنائين ته پنهنجي اڇلايل ٿڪ ٿورئي چٽبي آهي! جيڪي ڪجهه لکيو اٿم، سچ ۽ ايمانداريءَ سان لکيو اٿم، پوءِ جيڪڏهن شائسته يا ناشائسته ڳالهه آهي ته پاڻهي عدالت فيصلو ڪندي، سچ تي ڪابه ڳالهه يا ٺاهه ٺوهه نه ٿيندو آهي، جيڪي ڪجهه ٿيو، پيا لوڙينداسين. ڏيپلائي صاحب جو جواب ٻڌي ان وقت ڪنهن جي چوڻي ياد آئي ته، Compromise is half truth صلح اڌ سچ آهي. سو سائين اڌ سچ تي صلح ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، خير ٿيو. اڄ جڏهن آئون هي ڪجهه لکي رهيو آهيان، ان وقت تائين مونکي ڪابه اهڙي سدا بهار شخصيت نظر ڪانه ٿي اچي، جيڪا ٽهڪڙي ۽ ٽوٽڪن جي ذريعي ماڻهن جي اصلاح ڪري، کين انهيءَ وهم پرستي، وڏيرا شاهيءَ جي بي انصافي، مذهب جي غلط استعمال جي خلاف ڳالهين ئي ڳالهين ۾ سمجهاڻي ڏيئي سگهي. اهي ٽوٽڪا نه رڳو پڙهندڙ ٻڌندڙ جي دل ۽ دماغ تي نقش ٿيا، پر جنهن ٻڌا، تنهن اڳتي پهچايا، ٿر جي لڪڙ تار وانگي ڪلاڪن ۾ ڪٿي جو ڪٿي پهچي ويندا هئا. ڀوپن ۽ پنڊتن جي لاءِ به ڪيترائي قصا لکيائين ۽ ناٽڪ پڌرا ڪيائين ته ڪيئن غريب ماڻهن جي وهمن جو فائدو وٺي ڀڀ ڀرين ٿا. سنڌ، جيڪا ان وقت وڏيرا شاهي، جاگيرداري جي عتاب ۾ هئي، هاري مسڪين جو ڪو حساب ڪتاب نه ٿيندو هو. ٻارهوئي پيو ڪوڏر هڻندو هو پر کائڻ لاءِ ٽي وقت ماني به نصيب ڪانه ٿيندي هئي، نڪي پائڻ لاءِ ڪو پورو ڪپڙو. ان وقت جيڪڏهن ڪا تحريڪ هئي ته ترقي پسند پارٽيون، ڪميونسٽ پارٽي ۽ وطن دوست ڌريون، جن ۾ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ سوڀي گيانچنداڻيءَ جهڙا ڪجهه حق گو هئا، جن پئي عذاب سٺا. شاهه عنايت شهيد جي تحريڪ کانپوءِ ڪوبه اهڙو رهنما نه مليو، جيڪو ”کيڙي، سو کائي“ جو نعرو هڻي، سواءِ مٿي ڪجهه ذڪر ڪيل ۽ سندن ساٿين جي. جس هجي ڏيپلائي صاحب کي، جنهن نه رڳو انهيءَ ڏکئي وقت ۾ شاهه عنايت جي فلسفي جي تبليغ ڪئي، پر پنهنجي لکڻين ۾ انهيءَ ڏتڙيل طبقي لاءِ ناٽڪ، ڪهاڻيون، ٽوٽڪا لکندو ۽ پيش ڪندو رهيو. سندس ڪجهه ڪهاڻين جا ڪردار اهڙا ته حقيقي آهن، ۽ هن معاشري ۾ وڏيرن، پيرن، جاگيردارن ۽ مُلن جون ڪيل زيادتيون ائين محسوس ڪرايون آهن، جو پڙهندڙ انهن ڪردارن جو درد پاڻ محسوس ڪرڻ ٿو لڳي. ٻئي جي درد کي اهڙي نموني پيش ڪرڻ نه رڳو ادبي اظهار جو هڪ اعليٰ نمونو آهي پر سياسي سماجي انقلاب لاءِ عام ماڻهن سان عام ماڻهن جي ٻوليءَ ۾ سندن درد جو اظهار ڪرڻ به آهي. زندگيءَ ۾ مختصر ڪهاڻيون ۽ مختصر افسانا پڙهياسين پر جيڪي اثر ڏيپلائي صاحب جي لکڻين ڇڏيا ۽ انهن پڙهندڙ جي ذهن کي تبديل ڪري ڇڏيو. سچ کي ائين ظاهر ڪرڻ نه صرف بهادري آهي پر هڪ ادب ۽ فن جو اعليٰ مثال آهي.

    ڪجهه ڏيپلائي صاحب جي وطن دوستيءَ تي به لکڻ ضروي سمجهان ٿو. هي اهو زمانو هو، جڏهن ڪراچي سنڌ کان جدا ڪئي وئي هجي، قرار داد مقاصد کي پاڪستان جي قيام جو بنياد بنايو ويو هجي، سنڌ جو جاگيردار طبقو اسيمبليءَ ۾ نمائندگي ڪندو هجي، اهو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار هجي، ملڪ ۾ بيورو ڪريسي جو راڄ هجي، اها بيورو ڪريسي به يو پي ۽ سي پي جي. ڪراچي جدا ٿي وڃي مرڪز حوالي ٿي، باقي سنڌ حيدرآباد ريجن ۽ سکر ريجن پئي سڏي. لفافي تي ايڊريس ۾ حيدرآباد سنڌ لکيو ناهي ته ڄڻ نانگ تي پير پيو. سنڌي ٻولي کي آفيسن ۽ شهرن مان نيڪالي مليل هجي، تقرير ۽ تحرير جي آزادي نه هجي، ملڪ ۾ اخبار رسالو نه هجي، مارشل لا لاڳو ٿي ويئي هجي، سيفٽي ايڪٽ ۽ ايم پي او مارشل لا ريگوليشن جهڙا ڪارا قانون هجن، سياسي پارٽيون ڳولهئي نه لڀجن، جيڪي هجن سي ايوب خان، ون يونٽ زنده باد جو ورد ڪنديون هجن، عدالتون آمرن کي سرٽيفڪيٽ ڏينديون هجن، 17 هين گريڊ جي ايس ڊي ايم کي 7 سال سزا ڏيڻ جا اختيار هجن، عطاءُ الله مينگل کي ايس ڊي ايم ست سال سزا ڏئي، قاضي فيض محمد، ڪامريڊ غلام محمد لغاري شاهي قلعي لاهور جون نظربنديون ڏسي آيا هجن، انهن حالتن ۾ وري سنڌ، هاري ۽ مزدور جي ڳالهه ڪرڻ، وطن کي وهم پرستي، انتهاپسنديءَ کان نجات ڏيارڻ لاءِ لکڻ، ان جي ڪري عدالتن ۾ چالان ٿيڻ- سورهيائي انهيءَ کي چئبو آهي، ڀير تي ڏونڪو انهيءَ کي چئبو آهي. ڏيپلائي صاحب اهڙو ڀير تي ڏونڪو سرعام ظاهر ظهور هنيو. شيخ اياز هجي، جي ايم سيد هجي، شاگردن جي تحريڪ هجي، ووٽرن جون لسٽون هجن، ڏيپلائي صاحب پاڻ ملهايو، سڀني جڳهن تي سڀني وقتن تي سنڌ ۽ سنڌين سان شامل رهيو. مٿس مختلف فتوائون لڳيون پر وطن پرستي ۽ ترقي پسند قوتن جو ساٿ نه ڇڏيائين. ادبي دنيا ۾ ته انهن تحريڪن جي سرواڻي ڪيائين. اهو ڪجهه لکيائين، جيڪي روشن خيالي قوم پرستي ۽ وطن لاءِ لکي سگهبو آهي. ون يونٽ جو ٺهڻ سنڌين جي وطن ۽ قوم جي شناخت کي ختم ڪرڻ جي برابر هو.

    تاريخ نويسي جي شعبي ۾ ته ڪمال هئس. ”جاپاني گُڏي“ 1852ع جو، يا سانگهڙ ناول، سڀني ۾ پنهنجي انسانيت ۽ وطن پرستيءَ کي اجاگر ڪيائين. سندس مڪالما به ته اهڙا اثرائتا آهن، جو پڙهڻ سان دل ۽ دماغ جو حصو بڻجيو وڃن. عوامي ماڻهن جي ڪردار کي چٽسالي ڪري اهڙو ته امر ٺاهيائين، جو اڄ به سنڌين جي جوانمردي، وطن دوستي، آزاديءَ سان محبت لاءِ سانگهڙ ناول جو حوالو ڏنو وڃي ٿو. نه رڳو مردن جي ڪردار تي پر انهن عورتن جو ڪردار به واضح ڪيائين، جن جا تازا ڄاول ٻار کانئن جدا ڪيا ويا، ان هوندي به ڪنڌ ڪونه جهڪايائون.

    ڏيپلائي صاحب هڪ همه گير شخصيت هو، سندس ڪهڙي وصف تي لکجي! روشن خيالي، انسانيت، وطن پرستي، مزاح، وحدانيت، ترقي پسندي ..... ڏيپلائي صاحب لاءِ ائين چئجي ته انهن سڀني جو مجموعو هو، هڪ گلدستو هو، جنهن ۾ سڀ گل شامل هئا. ڏيپلائي صاحب وطن جو سچو سپاهي، ادبي ميدان جو شهوار، وحدانيت جو علمبردار، توهم پرستيءَ جو دشمن، پنهنجي سر لشڪر، پاڻ ڪمانڊر ٿي جنگ لڙندو رهيو. پاڻ نڀائي ويو، ٻين لاءِ به مثال ڇڏي ويو.


    روزاني ڪاوش، جمع 07 فيبروري 2014ع m_yousuf_laghari@yahoo.com

     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو