امر ماڻهن جا نظريا امر رهندا!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    امر ماڻهن جا نظريا امر رهندا
    [​IMG]
    يوسف لغاري
    ڪنهن دوست هڪ Message موڪليو آهي، جيڪو هن ريت آهي:

    ”ڀينر تنهنجو ڀاءُ، ڳاڙهي چولي رت ۾،
    هڪ هڪ ڪيڏو گهاءُ، ڀاءُ صدقو ٿي ويو سنڌ تان.

    هي شعر سنڌ جي شهيد مقصود قريشي جي نانءُ ڪيو اٿس، اهڙو ئي هڪ ٻيو Message به مليو آهي؛

    ”اي سنڌي! تنهن جي آجپي ۽ عظمت لاءِ 23 مارچ تي فريڊم مارچ رکي ڪالهه بشير قريشي، اڄ مقصود قريشي شهيد، سلمان وڌو ۽ منظور چنا شهيد ٿيا آهن، هو نه ڪرسي جا طلبگار هئا، نه ئي اقتدار جا! ڇا تون وٽ پنهنجي محسنن جي جنازي ۾ به شرڪت جو وقت ڪونهي؟!“
    اهڙا ڪئين Message آيا آهن، ڪهڙن شهيدن جي لسٽ ظاهر ڪجي! مظفر ڀٽو، نذير عباسي، افضل پنهور، صاحب خان گهوٽو، سرائي قربان کهاوڙ، نور تنيو، چولياڻي، يوسف جکراڻي، ٽوڙهي جا شهيد، غزالا بتول، ايم آر ڊي جا شهيد ۽ سوين سنڌ جا ٻيا شهيد. اهي شهيد هجن يا اقتدار جا مالڪ شهيد بينظير ڀٽو، ذوالفقار علي ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، مير مرتضى ڀٽو.... پر هت ڪنهن جو انصاف ٿيو آهي، جو ٻئي ڪنهن سان انصاف ٿيندو! لاش کڻي منزل تي پڄائڻا آهن، شايد هن قوم جي لاءِ ائين ڪجهه لکيل آهي. هيمون، هوشو، ڀڳت سنگهه جو ڇا ٿيو؟ بس ائين ئي ٿيندو رهندو ڇا؟! انهيءَ سوال جو جواب سنڌي ماڻهن جي سوچ تي ٻڌل آهي ۽ انهيءَ سوال جو جواب ڪنفيوشس ڪجهه هن ريت آهي: حضرت ڪنفوشس ڪنهن جبل جي پاسي کان لنگهي رهيو هو ته هڪڙي قبرستان ۾ هڪ عورت کي روئندي رڙيون ڪندي ڏٺائين. پاڻ تڪڙو تڪڙو اوڏانهن ويو ۽ تيزلو TZE –lu کي موڪليائين ته، ”هن عورت کان پڇي اچ ته ڇو ايڏو روڄ راڙو ڪري رهي آهي! ڇا کيس ڏکن مٿان ڏک مليا آهن،“....” جي ها، ڏکن مٿان ڏک مليا آهن، پهرين منهنجي مڙس جي پيءُ (سهري) کي هتي چيتو کائي ويو هو ۽ اهو اتي دفن آهي. ان بعد منهنجي مڙس کي به چيتو کائي ويو، اهو به اتي دفن آهي. هاڻ منهنجي پٽ کي چيتو کائي ويو آهي، ان جي قبر تي روئي رهي آهيان.“

    ڪنفوشس چيس ته، ”پوءِ هتان لڏي ڇو نٿي وڃين؟“

    جواب مليو ته، هتي جابر ۽ ظالم حڪومت ناهي،There is no oppressive Government ان بعد ڪنفوشس چيو ته، ” ياد رکو تهOppressive Government جابر حڪومت چيتي کان به وڌيڪ خوفناڪ آهي.“

    ساڳي حالت هتي به آهي، اڃا هڪڙي قبر جي مٽي آلي آهي، ته ٻي قبر به ڀر ۾ ڀاءُ جي ٺهي ويئي آهي. خبر ناهي ته انهن شهيدن جي امڙ ڪنفيوشس کي ڪهڙو جواب ڏيندي؟! هتي ته چيتو به آهي ته Oppressive Government به آهي. اهڙين حالتن ۾ ته شايد قبرستان ۾ خيريت سمجهه ۾ اچي ٿي پر هتي ته قبرستان مان به لاش ڪڍي ٻاهر اڇلايا ٿا وڃن. سڄو ملڪ رڙيون ٿو ڪري پر مردي کي ساڳئي قبر نٿي ملي! ڪهڙي پاسي وڃجي؟ زنده درگور ٿي وڃجي، يا چيتي، شينهن، واڳونءَ جي ور چڙهجي! انهيءَ جو جواب ته حاڪمن وٽ به ڪونهي. شهيدن جو به ائين قبرستان ٺهيل..... پيءَ، پٽ، ڌيءَ، ماءُ سڀ هڪ جاءِ تي آهن، ڪنهن جي قتل جو داد نه ٿيو. مقصود سائين به ائين ئي پنهنجي ڀاءُ لاءِ در در رُلندو رهيو، هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن به داخل ڪيائين، ليڪن داد بجاءِ بي دادن جي هٿان شهيد ٿي ويو. گذريل 67 سالن کان هتي جا حاڪم نفسياتي جنگ ۾ عوام کي پيڙيندا پيا اچن. ڪڏهن اڌو گابري جمهوريت، ته ڪڏهن اڻ سڌي آمر جي حڪومت، ته ڪڏهن وري سڌي سنئين آمر جي حڪومت، ليڪن ڪابه هڪ واٽ طئي نه ٿي سگهي آهي ته حڪومت کي ڪهڙي طرز تي هلائڻو آهي. بس هڪ ئي طريقو آهي ته وڏيرا شاهي، جاگيرداري، نام نهاد مذهبي ٺيڪيدار، سرمايه دار ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ذريعي مزدور، هاري دشمن ۽ انسان دشمن سماج قائم ڪرڻو آهي، سندن پنهنجي مفاد ۾ جيڪي ڪجهه ڪرڻو پوي، ڀل ڪيڏو به خراب ڪم هجي، ڪرڻو آهي. آمر حڪمرانن تي ته ڪابه ميار ڪانهي، پر جمهوريت جي نالي ۾ قائم ڪيل حڪمران به ڪي مختلف مختلف ثابت نه ٿيا آهن. سندن حڪومتون خوشامد پسند، مفاد پرست، وڏيرن، جاگيردارن تي ۽ جانبدار عدليه تي ٻڌل رهيون آهن، اهڙين حڪومتن کي Oligarchy چيو ويندو آهي، جيڪي نام نهاد اشرافيه تي ٻڌل هونديون آهن ۽ ڪوبه فيصلو ڪرڻ جي قابل نه هونديون آهن، بلڪه عوام کي ڊپ ۽ طاقت جي استعمال سان تباهه و برباد ڪري پيون پنهنجي اقتدار جو مدو پورو ڪنديون آهن. نڪي ڪنهن قومي سوال کي حل ڪري سگهنديون آهن، نڪي معاشي مسئلي کي منهن ڏيئي سگهنديون آهن، نڪي انصاف جون تقاضائون پوريون ڪري سگهنديون آهن، انساني حقن جون خلاف ورزيون روز جو معمول ٿي وينديون آهن، عورتن جي حقن کان انڪار، کين بند رکڻ، ڪاري ڪري مارڻ، تعليم جي حق کان انڪار، ٻارن جي حقن کان انڪار، مزدور هاري جي مصيبتن ۾ اضافو ڪري اقتدار کي وڌائينديون رهنديون آهن. اسان وٽ به ساڳي ڳالهه آهي، ڪنهن به طبقي جو ڪو مسئلو حل ڪونه ٿيو آهي، ننڍو ڀاءُ وڏو ڀاءُ اقتدار تي قابض رهڻ لاءِ ”اکر ڀوري“ پيا ڪن. امن امان جو نالو ناهي، ڌارين ملڪن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ رضاڪار ۽ فورسز موڪلڻ جا سانباها ٿي رهيا آهن. اهڙين حالتن ۾ ماڻهن کي لاشن جا تحفا نه ملندا ته ٻيو ڪجهه ملندو ڇا!

    ڪجهه به ٿئي سياسي ڪارڪن، انسانيت جا علمبردار پنهنجي جدوجهد جاري رکندا ايندا، ڪنهن جي دٻجي وڃڻ سان، ڪنهن جي بزدل ٿي وڃڻ سان، ڪنهن جي وڪامي وڃڻ سان به ڪو فرق نه پوندو. قومي جدوجد جا قافلا اڳتي هلندا رهندا. منزل ڪڏهن ملي، ان جو فڪر ۽ ڳڻتي نه هوندي آهي، اظهار راءِ جي آزادي، سياسي جلسي جلوس جي آزادي، عورتن جي آزادي ۽ عدم تشدد جي پاليسي حڪمرانن قبول ناهي ته پوءِ آخر ٻي ڪهڙي واٽ آهي، جيڪا وٺڻ گهرجي. اهڙو ڪو جبل ۽ اهڙي ڪا غار ٻڌائي وڃي جتي Oppressive Government (جابر حڪومت) نه هجي! انهيءَ سوال جو جواب زمين دوز، زنده رهي جدوجهد ڪجي، يا زمين ۾ دفن ٿي وڃجي، ان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونه ٿو نظر اچي. جي ائين ٿيو ته پوءِ قوم ۽ انسانيت جو جيڪو حشر ٿيندو ان لاءِ ته سوچي به ڪونه ٿو سگهجي. بس انسانيت جي تباهيءَ لاءِ هڪ سونامي هوندي.

    ساري دنيا ۾ طاقت جي ذريعي اقتدار کي قائم رکڻ، جبري اقتدار جي فلسفي جي پڄاڻي ٿيڻ تي آهي، سڄي دنيا انسانيت جي ڀلائي، حڪومت کي شهرين جي فلاح بهبود، امن امان، سک ۽ شانتي، سهپ ۽ رواداريءَ جي فلسفي تي هلائڻ جي روايت قائم ڪرڻ ۾ مشغول آهي، پر جيڪڏهن ڪٿي به جبر جي فلسفي تي عمل ڪيو ويو آهي، ته اقتدار کي صرف اينگهايو ويو آهي. ان کان وڌيڪ ڪجهه به حاصل نه ٿي سگهيو آهي، سواءِ تاريخي بدنامي جي! اسان جي ملڪ جا حڪمران شايد ميڪاولي جي نظريي تي عمل ڪري رهيا آهن، جنهن مطابق حاڪم لاءِ پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ لاءِ ضروري آهي ته:

    1، ماڻهن سان دوکو ڪري، ٺڳي ڪري.

    2، شاطر ۽ ڪوڙو هجڻ گهرجي.

    3، انهن سڀني ڳالهين سان گڏ طاقت جو ظالمانه استعمال ڪري ته انهن هدايتن تي عمل ڪرڻ وارو حاڪم ڪامياب حاڪم ٿي سگهي ٿو. ليڪن ان لاءِ شرط آهي ته اهي ٺڳيون ۽ ظلم عوام جي ”ڀلي لاءِ“ ڪيا وڃن.

    ليڪن دنيا ڏٺو ته موجوده دور ۾ جڏهن بين الاقوامي قانون، انسانيت جي ذهني ۽ اخلاقي ترقيءَ جا قانون وڌندا ويجهندا ٿا نظر اچن، تڏهن ميڪاولي جي نظريي، هٽلر ۽ ضياءَ جي آمريت عوام دشمني جي سڀني فلسفن جي نندا ٿيندي اچي، ته پوءِ آخر اهو فلسفو هن ملڪ ۾ ڪيئن ڪامياب ٿي سگهندو؟ هاڻ ميڪاولي جي 15 هين صدي ڪانهي، ان کي ڇهه سئو سال ٿي چڪا آهن، اهي شهادتون، سڙيل لاش ۽ عوام جي آزادي، انسانيت جي ترجمانيءَ جا لاش آهن، جيڪي پنهنجي زندگي عوام کي ڏيئي شهادت ماڻي امر ٿي ويا آهن. امر ماڻهن جا نظريا امر رهندا.


    روزاني ڪوش، آچر 23 مارچ 2014ع m_yousuf_laghari@yahoo.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو