مان اعتراف ٿو ڪريان ته وڪيلن جي جدوجهد يعني سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري ۽ ٻين ججن جي بحالي واري تحريڪ مان الڳ ٿيڻ منهنجي وڏي غلطي هُئي. باوجود ان جي ته مشرف جي دور کان پ پ حڪومت تائين سنڌ ۾ وڪيلن جي هليل تحريڪ جو روح روان مان ئي هيس، مون کي جيئن ته سياسي جدوجهد جو تجربو هو تنهن ڪري عدليه جي آزادي واري وڪيلن جي تحريڪ کي سنڌ ۾ مون ئي ليڊ ڪيو، سياسي پارٽين سول سوسائٽي ۽ ميڊيا کي ان تحريڪ ۾ شامل ڪيم، خاص ڪري پ پ دور ۾ سکر ۾ مون ئي افتخار چوڌريءَ کان جلسو ڪرايو هو، جيڪو ريڪارڊ جلسو ثابت ٿيو ۽ جنهن جو اعتراف افتخار چوڌريءَ به ڪيو هو. پر جڏهن مان سکر ۾ اهو جلسو ڪرائي رهيو هوس ته تڏهوڪي وڏي وزير قائم علي شاهه ۽ قانون جي صوبائي وزير اياز سومري مون کي بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪيو ۽ مون کي تحريڪ کان الڳ ڪرڻ لاءِ منهنجي ڀاءُ لياقت شر تي دٻاءُ وڌن ته يا تون سرڪاري عهدي تان استعيفيٰ ڏي يا پنهنجي ڀاءُ کي چئه ته هو تحريڪ کان الڳ ٿي وڃي. تن ڏينهن ۾ منهنجو والد گذاري ويو، مان اسلام آباد ۾ تحريڪ ۾ هيس ته منهنجي ڪري منهنجي والد جي تدفين ٻه ڏينهن دير سان ٿي، انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڀاءُ کي به هارٽ اٽيڪ ٿيو هو، تنهن چيو ته ” بابا کي ته ماريائين هاڻي مون کي مارائيندو.. “ منهنجا گهر وارا به ڪاوڙجي ويا، مون جڏهن تحريڪ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو ته افتخار چوڌريءَ چيو ته ڀاءُ جي ڪري تحريڪ کان الڳ نه ٿيو، تحريڪن ۾ قربانيون به ڏبيون آهن، پر قائم علي شاهه ۽ اياز سومري منهنجي گهر وارن ۽ مون کي بليڪ ميل ڪيو، جنهن نتيجي ۾ آخرڪار مون کي تحريڪ کان الڳ ٿيڻو پيو، مان ضياءَ دور ۾ اٺ سال قيد ڪاٽيو ۽ هڪ ڏينهن به ڪمپورمائيز نه ڪيو. ڏهن افتخار محمد چوڌري چيف جسٽس طور بحال ٿيو ۽ تحريڪ جي ساٿين کي رليف ڏنو ته مون کي ڪاوڙ سبب ان لسٽ مان مائنس ڪيو ويو، جنهن جو مون کي ڏک به آهي ۽ پاڻ مٿان ڪاوڙ به آهي
يار ڪمال ٿو ڪري ..... هلو ان تحريڪ ۾ هجي به ها ته اها تحريڪ ته ڪامياب وئي پر سنڌ کي ڇا مليو ... ؟؟؟؟ 50 ماڻهن جو ڪراچي ۾ افتخار چوڌري جي دوري واري ڏينهن قتل ٿيو .... پر ڪجهه نه ٿيو، سڀ لاش، سڀ قربانيون رائيگان ويون.