تاريخ جي اڻڄاڻائي.. اسين سنڌي هڪ قوم آهيون. امرتا آهوجاانڊيا جو سنڌي هندو پاڻ کي سنڌ جي سنڌي مسلمانن کان الڳ هڪ قوم سمجهي ٿو. هو سمجهي ٿو شايد مذهب جي بنياد تي ڪا قوم ٿيندي آهي. پر اسان کي سمجهڻ گھرجي ته مذهب جي بنياد تي ڪا به هڪ قوم ناهي ٿيندي. سنڌي ٻولي ڳالهائيندڙ، سنڌ ڌرتي سان تاريخي واسطو رکندڙ ئي هڪ ئي قوم آهي. ڀلي اسان جو مذهب الڳ الڳ هجي. سنڌي مسلمان هجي يا سنڌي هندو هجي ، چئو ته اسين هڪ قوم آهيون، اسين سنڌي هڪ قوم آهيون.