ڪراچيءَ ۾ ٿيل فريڊم مارچ 2012ع

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڪراچيءَ ۾ ٿيل فريڊم مارچ!
    [​IMG]
    سهيل ميمڻ
    ساڳيو ئي 23 مارچ آهي، جنهن ڏينهن تي ڪالهه پوري ملڪ ۾ 1940ع جي قرار داد، جنهن تحت هٿرادو طور رياستن واري لفظ کي تبديل ڪري رياست ڪرڻ بعد، پاڪستان جو وجود عمل ۾ آيو، کي ملهايو پئي ويو، ان ڏينهن سنڌ جي قومپرست پارٽي جيئي سنڌ قومي محاذ جي سڏ تي سڄي سنڌ مان قافلا ڪراچي ڏانهن وڃي رهيا هئا، جتي پارٽي پاران نمائش چورنگي کان تبت سينٽر تائين ايم اي جناح روڊ تي مارچ ۽ جلسو رٿيل هو. ڪالهه وارو جسقم جو ميڙ ماڻهن جي تعداد جي لحاظ کان ايترو وڏو ضرور هو، جو تبت سينٽر وٽ ٺهيل اوور هيڊ پل وٽان جيڪڏهن نمائش چورنگيءَ تائين نظر پئي ته صرف ماڻهو ۽ ماڻهو هئا. اهي لکين ماڻهو، ڪنهن هڪ شهر مان نه پر سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان، سڄي رات جو اڙانگو سفر ڪري ڪراچي پهتا هئا. اهو سنڌ سان عشق جو سفر آهي، جيڪو ڪارڪنن کي سفر جي تڪليفن جي پرواهه ڪرڻ به نه ٿو ڏي.

    هن وقت جڏهن پاڪستان ۾ قومن جا تضاد بلڪل چٽا ٿي سامهون آيا آهن. هر قوم پنهنجو حق ۽ حصو وٺي رهي آهي ۽ سنڌ باوجود پيپلز پارٽيءَ کي مڪمل ووٽ ڏيئي اقتدار ۾ پهچائڻ جي، روز به روز پٺتي پئجي رهي آهي. بک، بدحالي، آپگهات، شهرن تي قبضا، انارڪي جي ور چڙهندي پئي وڃي. ڪراچي تي ڌارين قوتن جي مالڪيءَ جي دعويٰ اوج تي آهي، اهڙي دور ۾ سائين جي ايم سيد جا لکين پوئلڳ جڏهن ڪالهه ڪراچيءَ ۾پنهنجا ڳاڙها جهنڊا کڻي پهتا، ته محسوس ائين پئي ٿيو، ڄڻ سنڌ جي ماڻهن کي ڪو ڏڍ مليو هجي. ان فريڊم مارچ ۾ جسقم چيئرمين بشير خان جو خطاب، سنڌ جي ماضي، حال ۽ مستقبل جو مڪمل تت هو. هن سنڌ جي شاندار ماضي، ٻاهرين حملا آورن جي زيارتن، انگريزن جي دور جي معاملن ۽ پوءِ پاڪستان ٺهڻ مهل واري معاملي کي تفصيل سان عوام آڏو رکيو. بشير خان جي تقرير جيڪا لکت ۾ هئي، پاڪستان ٺهڻ بعد ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ، ون يونٽ ۽ پوءِ 73ع جي آئين ۾ قومن جي وجود کان انڪار جي ذڪر تي ٻڌل هئي. سائين جي ايم سيد جي 32 سال قيد جو ذڪر ڪندي بشير قريشي سنڌ ۽ بلوچستان جي قومي ڪارڪنن تي ٿيل تشدد، ٽوڙهي ڦاٽڪ جي شهيدن، سانگهڙ جي شهيد سنڌ ۽ بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جو پڻ ذڪر ڪيو.

    بشير قريشي جي تقرير ۾ سنڌ جي امير هجڻ جو ذڪر تفصيل سان هو. هن تيل ۽ گئس جو انگن اکرن سان حساب ڪتاب ٻڌايو ته ڪيئن سنڌ 70 سيڪڙو تيل ۽ گئس ڏئي ٿي، پر حڪومت جي سرڪاري اداري آئل ۽ گئس ڊيولپمينٽ ڪارپوريشن ۾ آفيسر ليول تي هڪ به سنڌي ناهي. سنڌ جي ڪوئلي بابت جسقم چيئرمين جي سمجهاڻي تمام آسان سنڌي ۾ هئي. هن اهو ذڪر ڪندي چيو ته، سنڌ جي جيڪا موجوده بجيٽ آهي، صرف ان سان سنڌ جي ڪوئلي جي ڀيٽ ڪيون ته سنڌ جو ڪوئلو، سنڌ جي آئنده سورنهن سئو سال جي بجٽ برابر آهي. بشير قريشي پنهنجي تقرير ۾ تشدد جي رستي کي رد ڪيو، پر اهو ضرور چيو ته سنڌ جي وجود خلاف ڪا سازش برداشت نه ڪئي ويندي. بشير قريشي، انهن سياستدانن کي به للڪاريو، جيڪي قومپرستن کي يونين ڪائونسل جي هڪ سيٽ به نه کٽي سگهڻ جو مهڻو ڏيندا آهن. هن چيو اهي ماڻهو، اڄ جو ميڙ ڏسي وٺن. بشير قريشي پنهنجي تقرير ۾ 40ع جي قرارداد کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو. هن دنيا جي پنج طاقتور ملڪن، آمريڪا، برطانيه، فرانس، روس ۽ چين کي اپيل ڪئي ته اهي سنڌي قوم کي خودمختياري وارو حق ڏيارڻ ۾مدد ڪن. آخر ۾ جسقم چيئرمين ان فريڊم مارچ ۾ شرڪت ڪرڻ وارن جا ٿورا مڃيندي جذباتي ٿي چيو ته ”مان توهان جا اهي پير چمان، جيڪي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچيءَ ۾ ان ڌرتيءَ جي مالڪيءَ واري سڏ تي ڪهي آيا آهن. ڪالهه واري ملين مارچ ۾ ملڪ جي ميڊيا جي آزاد ميڊيا ۽ نيو ٿرل ميڊيا وارو پول به کلي سامهون آيو. ڪي ٽي اين ۽ هڪ اڌ ٻئي سنڌي چئنل کان سواءِ ملڪ جي ڪنهن به چينل کي ڪراچي ۾ ايم اي جناح روڊ تي ڏينهن ڏٺي جو لکين ماڻهو نظر نه آيا. گهڻا چيئنل مڪمل بليڪ آئوٽ ڪري ويٺل هئا. ڪي ٽي اين جسقم چيئرمين جي پوري تقرير لائيو ڏيکاري.

    بهرحال ڀلي ملڪي ميڊيا ٻلي ۽ ڪبوتر واري معاملي وانگر اکيون بند ڪري پر سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي ڪارڪنن ڪراچي شهر ۾ پهچي نه صرف ڪراچيءَ جي وارثي ڪئي آهي پر، سازشي ذهنن کي پيغام به ڏئي ڇڏيو آهي ته اهي، سنڌ تي ميري اک وجهڻ جي جرئت نه ڪن، سنڌي قوم کي قومي ڪارڪنن جي همت افزائي ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.

    روزاني ڪاوش، ڇنڇر 24 مارچ 2012ع memonsuhail@hotmail.com
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو