منهنجي پياري نڌڻڪي سنڌ!

'مقالا' فورم ۾ محمد اسلم عباسي طرفان آندل موضوعَ ‏1 جولائي 2014۔

  1. محمد اسلم عباسي

    محمد اسلم عباسي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 جولائي 2012
    تحريرون:
    585
    ورتل پسنديدگيون:
    1,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    منهنجي پياري نڌڻڪي سنڌ!
    [​IMG]

    مهتاب اڪبر راشدي
    هي 1976ع وارو سال هو، مون کي سنڌ يونيورسٽيءَ جي انٽرنيشنل رليشنس ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرر طور آئي ٽي سال ٿيا هئا. اهو زمانو مقابلتاً ان لحاظ کان بهتر هو ته اڃان تائين ڪي جهونا جوڳيئڙا، باضمير، اصول پرست ۽ استاد جي پيشي جو مان وڌائيندڙ شخصيتون اسان نو آموز استادن لاءِ هڪ مثال طور موجود هئا. هنن جي شخصيت ۽ ذات جو رعب ۽ اعتماد سبب ئي اسان جونيئر استاد سندن عزت ڪرڻ تي مجبور هوندا هئاسين. انهن ۾ پروفيسر الياس ابڙو (ڊين فيڪلٽي آف آرٽس)، پروفيسر امينه خميساڻي، پروفيسر ارجن لال، پروفيسر خالد شهيد آخوند، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، ڊاڪٽر ممتاز قاضي، سيد وڏل شاهه، ڊاڪٽر ٽالپر، عبدالغني شيخ، پروفيسر شفقت شاهه ڄاموٽ، ڊاڪٽر غلام علي اَلانا، ظفر حسن، پروفيسر عبدالواحد هاليپوٽو، ڊاڪٽر حميده کهڙو ۽ ٻيا به ڪيترا معتبر نالا آهن، جيڪي هتي لکي سگهجن ٿا. جن ۾ ڪيترن لاءِ بجا طور تي اِهو چوڻ پڻ صحيح ٿيندو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي تعمير، ترويج ۽ ملڪ گير شهرت حاصل ڪرڻ ۾ انهن جو رت ست، علمي قابليت ۽ پنهنجي مقصد سان سچائيءَ جو وڏو عمل دخل هو. استاد ۽ شاگرد جي وچ ۾ احترام ۽ محبت جو رشتو هو. هي اُهو زمانو هو، جو يونيورسٽيءَ جو استاد ٿيڻ وڏي خوشبختي ۽ قابليت جي سَند تصور ٿيندي هئي. پر شايد اِهو ستر وارو ڏهاڪو ئي هو، جڏهن پڙهائيءَ جي معيار ۽ استادن جي انتخاب ۾ به تنزليءَ جا آثار نمودار ٿيڻ شروع ٿيا. قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت اچي چڪي هئي. قومپرست شاگرد، پنهنجي طرزِ سياست سبب ان مهل به پيپلز پارٽي لاءِ مٿي جو سور بڻيل هئا. سو ڀٽي صاحب ان جو توڙ اِهو ڪڍيو، جو جوان خون کي گرمائڻ وارا شعر لکندڙ شيخ اياز کي سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر مقرر ڪيائين. نيت ته ڀٽي صاحب جي شايد اِها ئي هئي ته شيخ صاحب نئين ٽهي ۽ سنڌ جي علمي ۽ ادبي حلقن ۾ پنهنجي شاعري ۽ خيالن سبب اُتساهه جو سبب بڻيل هو، هن جي وڏي ساک ۽ هاڪ هئي، سو هو پنهنجي ان اثر رسوخ کي استعمال ڪري، ان گرم خون کي ٿڌو ڪندو ۽ کين ڪلاس رومز ۾ وڃڻ تي آماده ڪندو، يونيورسٽيءَ جو ماحول پرامن ٿيندو ۽ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو سلسلو اڳتي وڌي هلندو. پر اُن سان گڏ، جيئي سنڌ جي شاگرد سياست جي توڙ ڪرڻ لاءِ پيپلز پارٽي جو شاگردن جي wing پڻ ٺاهيائون، جن کي، ظاهر آهي ته، حڪومت جي وڏي حمايت حاصل هئي. شيخ اياز جي وائيس چانسلريءَ واري دور کي هنگامه خيز دور چئجي ته غلط نه ٿيندو. هو هڪ بهترين شاعر ۽ سٺو انسان ضرور هو، پر انتظامي لحاظ کان ڪمزور هو. غلام رباني آگري (مرحوم) جنهن کي هن پرو وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو هو، اُن جون صلاحون به کيس ڪڏهن ڪم آيون ته ڪڏهن ڳچيءَ ۾ پئجي ويون ۽ پوءِ انهن هنگامه خيز سياسي شب و روز ۾، جنهن ۾ پيپلز پارٽي پنهنجا پير پختا ڪرڻ لاءِ ڪوشان هئي، شيخ اياز، سنڌ يونيورسٽيءَ جي قابل، ايماندار ۽ فهميدن استادن جي صلاحن کي پنهنجي طاقت ۽ اختيار لاءِ هڪ چئلينج سمجهندي ذوالفقار علي ڀٽي کان هڪ اهڙي حڪمنامي تي قبوليت ورتي، جنهن سبب نه صرف پيپلز پارٽيءَ جي سياست سنڌ جي سڄاڻ ڌرين جي ذهنن ۾ سواليه نشان بڻجي وئي، بلڪه شيخ اياز جي، ”سنڌڙيءَ تي سر ڪير نه ڏيندو.....“ واريون سٽون پنهنجي معنويت وڃائي، ڪنهن ڪنڊ ۾ منهن لڪائي ويهي رهيون. (گهڻي عرصي تائين شيخ صاحب پنهنجي ان شاعري کيDis own پڻ ڪري ڇڏيو هو. بلڪه هڪ فنڪشن ۾ فقير عبدالغفور مرحوم کي پنهنجي سامهون ڳائڻ کان روڪي به ڇڏيو هئائين) ۽ شيخ اياز جو پنهنجو قومپرستيءَ وارو بت ڀڄي پاش پاش ٿي ويو. اِهو حڪمنامو سنڌ يونيورسٽيءَ جي تاريخ ۾ سياهه ترين حڪمنامي جي حيثيت رکي ٿو، جنهن تحت، پروفيسر الياس ابڙو، خالد شهيد آخوند، مبارڪ تنوير، انور دين اڄڻ ۽ ملاڻو صاحب جهڙن پروفيسرن کي بيڪ جنبشِ قلم، نوڪرين مان برطرف ڪيو ويو ۽ جيڪي پروفيسر حضرات يونيورسٽي ڪئمپس تي رهائش پذير هئا، تن کان ڇهن ڪلاڪن جي نوٽيس تي گهر خالي ڪرايا ويا. (ڪجهه سالن کان پوءِ ساڳئي ”خطرناڪ“ قرار ڏنل پروفيسر الياس ابڙي، شيخ اياز کان، وائيس چانسلر جي چارج ورتي هئي ۽ کيس تمام عزت سان رخصت ڪيو هو.)

    اڄ ڇٽيهه سال گذرڻ کانپوءِ به جڏهن مان ان واقعي جو سوچيان ٿي ته اُهي ڏينهن ياد ٿا اچن، جڏهن ان واقعي کان پوءِ استادن سرگوشين ۾ ڳالهائڻ شروع ڪيو، هر طرف هڪ ماٺ ۽ سانت هئي، سنڌ يونيورسٽي جي هنن استادن تي الزام لڳا هئا ته اِهي، ”شاگردن کي پاڪستان جي سالميت خلاف ڀڙڪائڻ ۽ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر جي انتظام ۽ معاملي ۾ دخل اندازيءَ جا مرتڪب آهن، لهٰذا اُنهن جو يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ نهايت ئي خطرناڪ آهي.“ اِهي هڙئي قابلِ احترام استاد ڇهن ڪلاڪن اندر پنهنجون رهائش گاهون خالي ڪري هليا ويا. استاد ڏسندا رهجي ويا. شاگردن ۾ به سانت هئي. وائيس چانسلر صاحب، پنهنجي اِن قدم جي پٺڀرائي حاصل ڪرڻ لاءِ استادن سان سندن منصب مطابق، يعني پروفيسر، ايسوسيئيٽ پروفيسر، اسسٽنٽ پروفيسر ۽ ليڪچررز سان ڌار ڌار گڏجاڻين ۾ پنهنجو نقطئه نظر واضح ڪيو ۽ کين اِهو ٻڌايائين ته اِهي ”ماستر“ سنڌ يونيورسٽيءَ لاءِ ڪيترا ته خطرناڪ هئا! اهڙي ئي هڪ گڏجاڻي، ليڪچررز سان ٿي، جيڪا وائيس چانسلر جي بنگلي جي ڊرائينگ روم ۾ ٿي، جنهن ۾ سوٽا جا ڪجهه نمائندا به هئا ۽ اسٽوڊنٽ افيئر آفيسر به هئا. وائيس چانسلر صاحب، انهن محترم استادن جي ”ڪرتوتن“ جي نهايت ڀيانڪ تصور ڪشي ڪندي، اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪيو ۽ پوءِ ليڪچررز کي واري واري سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏنائين. استادن جا ”نمائنده“ خاموش رهيا، اسٽوڊنٽس افيئر واري هاسٽلن ۾ شاگردن لاءِ ٽيبل ٽينس کيڏڻ لاءِ ٽيبل جي گهر ڪئي، جيڪا فوراً قبول ڪئي وئي، ابراهيم خشڪ (شازيه خشڪ فيم) جيڪو اُن مهل ايريا اسٽڊي سينٽر ۾ ليڪچرر هو، تنهن، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سُر سارنگ مان بيت چونڊي، شيخ اياز کي ڀيٽا ڏني ۽ کيس سنڌ يونيورسٽي جو نجات دهنده قرار ڏنائين ۽ اِهو به چيائين ته چڱو ڪيئي ته هنن هچائن مان جند ڇڏائي اٿئي. هنن مڙهن ته اسان نوجوانن لاءِ اڳتي وڌڻ جا هڙئي رستا بند ڪري ڇڏيا هئا. ڳالهائڻ ئي ڪو نه ڏيندا هئا. اِهي ويا آهن ته لڳي ٿو ته ڄڻ سيني تان وڏو بار لهي ويو آهي. (سندس اکر اِهي ناهن، هن تمام ”ادبي“ تقرير ڪئي هئي، مان صرف توهان کي سندس ڪيل تقرير جو تت/مفهوم پئي ٻڌايان).

    ابراهيم خشڪ جي تقرير، شيخ اياز جي چپن تي مرڪ پکيڙي ڇڏي... هن جو پنهنجي کنيل قدم جي سچائيءَ تي ويساهه وڌي ويو. مان پنهنجن استاد ساٿين جي ”ڪايا پلٽ“ تي ششدر هئس، ٻاهر هيڏيون دعوائون ته هيئن ڳالهائينداسين...هيئن چونداسين .... ۽ اندر...؟ هي ڇا ٿي ويو...؟ سو، (بنا ڪنهن ڳالهائڻ جي ارادي جي ويل) پنهنجي واري اچڻ تي اُٿي بيٺس ... وي سي صاحب تمام خوشيءَ سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏني Yes, Miss Channa!....پوءِ مهتاب چنه کيس اهو ٻڌايو، جيڪو ٻڌڻ لاءِ هو شايد تيار نه هو، سندس کنيل قدم کي غلط قرار ڏنم، استادن جي جيڪا توهين ٿي، ان جي درد کان کيس واقف ڪيم، يونيورسٽيءَ لاءِ هنن جون خدمتون کيس ڳڻايم. هو سڀ اسان سڀني سيکڙاٽ استادن لاءِ ڪيترا محترم هئا، ٿورن لفظن ۾ شايد گهڻو ڪجهه چيم ۽ آخر ۾ اِهو پڻ ته، تون چاهي ڪهڙا به وڏا دليل ڏئين، پر مان اِهو مڃڻ لاءِ تيار ناهيان ته، اُهي سڀ، جن پنهنجيون حياتيون هن اداري لاءِ وقف ڪيون، سي ڪڏهن هن مادرِ علمي جا بدخواهه به ٿي سگهن ٿا. وي سي صاحب لاءِ هي سڀ ڪجهه غير متوقع هو، منهنجي ساٿين لاءِ پڻ، پر مان پنهنجي سوچ ۽ ضمير آڏو سُرخرو هئس ته ڪم از ڪم هن جي سامهون حقيقت احوال ٻڌائي سگهيس. (ان ڳالهه جا شاهد گهڻائي اڄ به موجود هئا، حميد سنڌي سميت، جيڪو ان مهل سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رجسٽرار هو.)

    اڄ، ڇٽيهه سال گذرڻ کانپوءِ، وري ساڳي قسم جو حڪم نامو!؟ اڄ ايترا سال گذرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي ڪٿي بيٺي آهي؟ ڌرڻا، ڪلاسن جو بائيڪاٽ، رنگين پوسٽرن سان ڍڪيل در ۽ دروازا ۽ ڀتيون. ”قومپرست“ شاگردن کان دڙڪا کائيندڙ آفيسر ۽ استاد، شاگردن جي رت سان رڱيل رستا ۽ علامه آءِ آءِ قاضيءَ جي مزار آڏو هڪ اُستاد جو قتل. شاگردن جو پڙهائي سان شوق مفقود ۽ استادن لاءِ پنهنجي مقصد سان سچائي سواليه نشان. انتظاميا نا اهل، يونيورسٽيءَ جا ادارا بي جان، پڙهائيءَ جو معيار! ڇا جو معيار؟ شايد اسان ان ۾ ئي خوش آهيون ته اسان هزارن جي تعداد ۾ ڪاپي ڪري پاس ڪندڙن کي ڪوڙيون سچيون ڊگريون ڏئي، مارڪيٽ ۾ ڌڪن کائڻ لاءِ ڇڏي ڏيون. اسان جي ادارن مان نڪرندڙ گريجوئيٽس جي نه ڪٿي گهرج آهي ۽ نه ئي کپت. چڱي ڀلي هلندڙ يونيورسٽي مان مظهر الحق صديقيءَ جو اڌ ۾ مدو ختم ڪري ”پرديسي پکي“ ڊاڪٽر نذير مغل کي وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ ۾، گورنر سنڌ جو هڏ ڇو ڏُکي؟ سنڌ جا ادارا ٻڏن يا ترن، ان سان هن جو ڇا وڃي؟ هُن ته ”مٿين“ جي حڪم جي تعميل ڪئي ۽ وي سي مٽجي ويو. هاڻ ڏيو پاڻ منهن! حالتون اچي ان نهج تي پهتيون جو ڊاڪٽر نذير مغل کي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻي پئي، کيس سياسي پارٽين، قومپرست ڌرين ۽ سول سوسائٽي طرفان ڀرپور موٽ ملي. حالتن ۾ ڪجهه ٺاپر به آئي، پر جڏهن ادارا هلائڻ وارن وٽ پاڻ قانون جو احترام نه هجي، اختيارن جو استعمال پنهنجي پسند ۽ ناپسند تي مبني هجي، شاگردن جو مستقبل ڪا معنيٰ نه رکي ۽ ”مٿين“ کي خوش رکڻ تي فرض اولين ۽ نا اهلي ۽ بدانتظامي عروج تي هوندي ته پوءِ نتيجو اِهو ئي نڪرندو، جيڪو اڄ ڏسون پيا. هڪ مهيني کان مٿي ٿي چڪو آهي جو درس و تدريس جو سلسلو بند آهي. استاد صاحبان جي مهرباني جو پنهجن مطالبن جي مڃتا لاءِ، پنهنجن شاگردن جي مستقبل کي داءُ تي لڳائي، پاڻ به شاگردن جي انهيءَ قطار ۾ اچي بيٺا آهن، جن کي ان عمل کان روڪڻ لاءِ پاڻ اُن مانيٽرنگ ڪميٽيءَ جو حصو هئا، جنهن ان سڄي بائيڪاٽي ۽ ڌرڻا سياست جو خاتمو پئي چاهيو. مون سميت شايد سڄي سول سوسائٽي استادن جي احتجاج جي ان طريقيڪار جي ڪڏهن به پٺ ڀرائي نه ڪندي، جيڪو هنن اختيار ڪيو. پر افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته نڌڻڪي سنڌ جي هن يونيورسٽيءَ جي هڪ بي گناهه استاد جو خون وهيو، سنڌ حڪومت خاموش، استاد پڙهائڻ کان انڪاري، وائيس چانسلر جي انتظام تي گرفت نه هئڻ جيتري رهجي وئي. ڪٿان به ڪو پڇاڻو ڪو نه. نيٺ استاد وڃي گورنر هائوس جي در تي پهتا...۽ پوءِ...؟ مذاق...در مذاق.... وائيس چانسلر کي زوريءَ موڪل تي موڪليو ويو...وغيره وغيره. سنڌ جي وزير تعليم کي هڪ مهيني کان پوءِ ياد آيو ته شايد سنڌ يونيورسٽيءَ جي معاملن ۾ کيس به شامل ٿيڻ گهرجي ۽ پوءِ هن کي دير سان خبر پئي ته ڊاڪٽر نذير مغل جهڙو قابل وائيس چانسلر ته ٻيو ڪو ٿي نٿو سگهي. سو ڀلي ته يونيورسٽي يڪي بند پئي هجي، پر حڪم سندن ئي هلڻو آهي، باقي استاد، شاگرد ۽ سنڌ جو عوام، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري کان وٺي، حيدرآباد تائين ”تاريخي“ مارچ ۾ ئي خوش هجي. ڇٽيهه سال اڳ به ستن پروفيسرن کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويو هو. اهو به ”قوم پرست“، حساس شاعر شيخ اياز جي منشا تي ۽ حڪومت هئي اسان جي پياري پيپلز پارٽي جي. اڄ ڊاڪٽر نذير مغل جي ڪُرسيءَ کي بچائڻ لاءِ به پيپلز پارٽي جو وزير باتدبير، وزيرِ تعليم ميدان ۾ لهي آيو آهي. وزير اعليٰ جا ته گورنر ۽ گورنر هائوس جي معاملن تي ڳالهائڻ ۽ تبصري ڪرڻ (دخل اندازي ته پري جي ڳالهه آهي) ۾ ”پَرَ“ سڙندا آهن. سو ان لاءِ ته اهو ئي چوڻ ڪافي آهي ته ”وان ايک خموشي تيري سب کي جواب مين.“ اسيمبلي جا ميمبر صاحبان، پارٽي پاليسي جا پابند آهن، بيان ڏين يا نه؟ اڃان شايد سوچيندا هوندا! قوم پرست في الحال واندا هوندا، يونيورسٽي بند، معنيٰ ڪجهه عرصي تائين ”خفي“ کان واندا رهيا شاگردن جا والدين، سي به الائي آهين به يا نه، ڇو ته انهن جي طرفان نه ڪڏهن ڪنهن تشويش جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ نه ئي ڪو سوال ۽ نه ئي جواب.

    هتي مسئلو صرف هي آهي ته، جڏهن ادارن لاءِ قاعده قانون موجود آهن ته ڇا انهن جي لتاڙ ضروري آهي؟ سينڊيڪيٽ جي 13 ميمبرن مان استادن جي نمائندگي ڪندڙ چئن استادن جي چونڊ نه ٿي آهي ته نامڪمل سينڊيڪيٽ جون ميٽنگون يونيورسٽيءَ جي حدود کان ٻاهر ڪراچيءَ ۾ ڪرڻ ڪيترو قانوني آهي؟ سينيٽ جي اليڪشن جو به مرحلو اڃان مڪمل نه ٿيو آهي. ادارن جي هيءَ ڪهڙي توقير آهي؟ سنڌ گورنمينٽ جي اعليٰ عهدن کان وٺي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلرن ۽ پروفيسرن سميت رٽائرڊ آفيسرن ۽ پروفيسرن جي بهار ڇانيل آهي. يقيناً اِهي سڀ تمام قابل، احترام لائق آهن ته پوءِ ڇو نه صرف هڪ قانون ٺاهيو وڃي، جنهن تحت رٽائرمينٽ جي عمر جي حد سٺ کان وڌائي پنجهٺ سال ڪري ڇڏجي ۽ بغير قانون جي لتاڙ جي هنن جي صلاحيتن مان فائدو ورتو وڃي؟ ڪم از ڪم هڪ پاسي ته ٿيو، غير قانوني ۽ غير اخلاقي طور تي ڪرسين تي قبضو، آخر ڪيستائين؟

    ڇا استاد به پنهنجي ڪردار تي ڪا نظر وجهندا؟ هنن جو ڪم صرف ۽ صرف پڙهائڻ آهي...ان ڳالهه جي تمام گهڻي ضرورت آهي ته هو پنهنجو پاڻ کي جاچين، پنهنجي ڪردار جو تجزيو ڪن ۽ مستقبل لاءِ پنهنجي لاءِ اهو ڪردار منتخب ڪن، جيڪو شاگردن ۽ ايندڙ استادن لاءِ مثالي هجي. شاگرد شايد اهو سمجهي ئي نه سگهيا آهن ته، هو اسڪول ۽ ڪاليج کان پوءِ يونيورسٽيءَ جهڙي اعليٰ علمي اداري ۾ اچن ٿا، جتي پڙهائي ۽ تحقيق جا اعليٰ معيار کانئن وڌيڪ سنجيدگي جي تقاضا ڪن ٿا. جنهن لاءِ شايد هو تيار نه آهن. هاڻي ته دنيا، زمانو انٽرنيٽ ذريعي ڳنڍيو پيو آهي، سو شاگرد جيڪڏهن يو ٽيوب ۽ چيٽنگ کان فارغ ٿي علم جي ۽ معلومات جي سلسلي ۾ به ڪا تڪليف ڪن ته گهڻو ڪجهه ڄاڻي سگهن ٿا.

    سنڌ جي وزير تعليم کي هڪ عرض، سنڌ يونيورسٽيءَ جي معاملن تي سندس تشويش بجا، پر ڪڏهن کل ڀوڳ ۾ سنڌ جي گورنر کان هٿ ادب جا ٻڌي اهو به پڇي ته اين اي ڊي جي 88 سالن جي وائيس چانسلر کي قائم رکڻ جو سبب ڇا آهي؟ ڪراچي يونيورسٽيءَ لاءِ کيس ڪو وائيس چانسلر ڇو نه ٿو ملي؟ هي سٽون لکندي خبر آئي ته ڊاڪٽر محمد قيصر ....ڪراچي يونيورسٽيءَ جون نئون وائيس چانسلر مقرر ڪيو ويو آهي. ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي لاءِ به وري ساڳيو وائيس چانسلر! تعليمي بورڊ ته هونئن به پيپلز پارٽيءَ جي اختيار ۾ ناهن. اُتي توهان کي گورنر صاحب جا ”ذاتي وفادار“ ئي ملندا. سنڌ جا ماڻهو، پيپلز پارٽي سنڌ جي قيادت کي چئلينج ٿا ڪن ته انهن مان ڪنهن هڪ کي به چوري ڏيکاريو. سنڌ جي گورنر ته هونئن پاڻ به گورنري جي عهدي تي ڊگهي عرصي رهڻ جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. قانون ۾ ته شايد ائين آهي ته صوبي جو گورنر اڻ ڌريو هوندو، سڀني لاءِ قابلِ قبول...پر پيپلز پارٽي جي حڪومت ۾ سڀني صوبن ۾ ڏسو ته ڇا آهي، پر سنڌ ان معاملي ۾ به سڀني کان اڳڀري آهي.

    لڳي ٿو ته اسان جي نڌڻڪي سنڌ، وري پنهنجن جي هٿان ڌڪجڻ لاءِ تيار آهي. هتي حڪومتي اعليٰ شخصيتن کي ”ذاتي وفادارن“ جي ضرورت آهي. هتي ذاتي انائون قوم جي مستقبل کان مٿانهيون آهن. اسان هڪ ٻئي جا ڄُنڊا پٽينداسين، ڌاريا مزو ڏسندا. 1976ع ..... پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ..... ست پروفيسر نيڪال. 2012ع ..... پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ..... نوَن کان وڌيڪ استاد برطرف يا معطل. 2012ع خوش آمديد ..... سنڌ برباد، جمهوريت زنده باد.

    روزاني ڪاوش، جمع 10 فيبروري 2012ع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو