غزل روبينا ابڙو

جبار بوزدار

سينيئر رڪن
غزل روبينا ابڙو
پيار وارو پيام آ دنيا
عارفاڻو ڪلام آ دنيا
ڪٿي مسجود ۽ ڪٿي ساجد
۽ ڪٿي پيش امام آ دنيا
عشق جي ديوتا جو هر ڀيري
سونهن کي ڄڻ سلام آ دنيا
دل نا ڪنهنجي ڀري سگهي آهي
ها ئي جنت جو جام آ دنيا
ڀل هجن ڪيتريون ئي رنگينيون
تو بنا خام خام آ دنيا
مون چيو معاف درگذر آهي
تو چيو انتقام آ دنيا
تنهنجي هر آسمان کان اونچي
ڪا عقابي اڏام آ دنيا
رات ڀي محل۾ ائين سوچيو
ڪيڏي سستي ۽ عام آ دنيا
 
جواب: غزل روبينا ابڙو

مهرباني ادا بوزدار صاحب،
روبينا ابڙو صاحبه جو غزل عاشق جي اندر جو آواز آهي

ڀل هجن ڪيتريون ئي رنگينيون
تو بنا خام خام آ دنيا


باقي دنيا ڇا آهي،
ڪنهن سمجهي ۽ ڪنهن نه سمجهي آهي دنيا
جنهن سمجهي ته آخرت جي کيتي آهي دنيا
تنهن ئي ڪمايو ۽ صحيح سمجهي آهي دنيا

شال جڙيو هجين
 
Back
Top