• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه ڪم نبريو نه غم نبريو!

محمد اسلم عباسي

سينيئر رڪن
نه ڪم نبريو نه غم نبريو!
(استاد بخاري)

نه ڪم نبريو نه غم نبريو، جو نبري ويو سو دم هوندو.
جو نِکري پيو سو سچ سمجهو، جو وِکري ويو وهم هوندو

تکوگهوڙو ڊُڪي ڪيڏو، نظر هَسوار جي اڳتي،
زمانو تيز تنهن کان تيز تر، پنهنجو قدم هوندو.

اسان جي شاعري کي انقلابي دور ۾ کڻجو،
جڏهن هر لفظ پرچم، هر غزل اونچو عَلم هوندو.

”تَشا“ واري لِڪل تقدير، نه تو سمجهي نه مون سمجهي،
جي ڪجهه سمجهي ته هي سمجهي؛ عمل اَحسن اُتم هوندو.

ڪا ڪِٿ ليلا ڪو ڪِٿ مجنون، ڪو ڪِٿ گهرجي ڪو ڪِٿ گهربل
ڪا ڪنهن جي لئه اهم هوندي، ڪو ڪنهن جي لئه اهم هوندو.

بخاريءَ کي اوهان سڀني کان، يارو مان گهڻو ڄاڻان،
ڀلو جي ڀائرن سمجهو ته، رهجي ويو ڀرم هوندو.
 
نرم آهيان بي ساه ته ته ن آهيان ،
لتاڙين ٿو سائو گاه ته نه آهيان ،
خطا ٿي ويندي آ،
(استاد بخاري )
آدم ذات آهيان ڪو آلله ته نا آهيان،
 
مون ي ڪوٺيو موالي ڀلي ، منهنجو ميخانوهن جي ڳلي،
عشق مون وارو اوڏانهن وڃي پڪ ڪري ڪو نشو ٿو اچي

استاد جي هر شاعري لاجواب
 
Back
Top